اندر جي اور سماجي غور وفڪر آهي...! ڪتاب "هنڌان هنڌان جهير"جو سرسري جائزو....! فقير محمد سنڌي. او مسافر! پيار جا پَلَ تو ڪڏهن ڀوڳيا؟ تو ڪيو محسوس ڪو پٿراءُ نيڻن ۾؟ مشاهدي جي اک شاعر وٽ ڪمال جي هوندي آهي، اها اک ڪيترين وسعتن ۽ مشقن کي هڪ وقت جنم ڏيندي آهي. زماني جو مليل هڪ جملو خوشين جي لفظن جي دري کلي پوندي آهي. اهڙن لفظن جو ڪاريگر علي محمد درد سولنگي به آهي جنهن جي نثري ٽڪرن ۾ زماني جا ڪيترائي جهير شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ وسيم آڪاش سيتائي لکيو آهي ته :"هنڌان هنڌان جهير" ۾ شامل نثري ٽڪرا پيار،محبت، سڪ، سوز، اعتبار جي سڳنڌ سان واسجي پنهنجي ماحول جا عڪاس بڻجي پيا آهن، جنهن ۾ سماج جا گڻ اوڳڻ ۽ طبقاتي اڻ برابري جي تصوير ويجهڙائي سان پسي سگهجي ٿي. " خواب جڏھن ڪڪرن جي اوٽ ٿيندا آهن ته نيڻ واجهائڻ جو عمل شروع ڪندا آهن ان ۾ ڪيترائي ئي خال هيٺين نثري ٽڪرن جهڙا سرجي پوندا آهن. *پيار ۽ پريت جي پچار منهنجو مذهب آهي. *مُک جي مرڪ، قلب جي ڪشادگيءَ کي ظاهر ڪندي آهي. *چوندا آهن ته :" ٻڌندڙ کي ڪک جو سهارو "پر جي اهو ڪک ئي ٻڏندڙ جي اک ۾ چُڀي پوي ته؟ محمد وسيم سومرو لکي ٿو ته :" علي محمد درد سولنگي نرم مزاج، ڌيمي لهجي، مسڪرائيندڙ طبيعت ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آهي." شخصيت روشنيءَ جي لاٽ مثل هوندي آهي جيڪا معاشري ۾ پنهنجي ڪردار سان سڃاتي ويندي آهي. ڪنهن شاعر خوب چيو آهي ته : تنهنجي راهن ۾ روشن رهان، تنهنجي جيون لئه بَتي بڻجي پوان. اهڙيءَ طرح علي درد جو هيٺيون سٽون به سگهاريون آهن ۽ حقيقت تي مبني آهن. *پنهنجو پاڇو به پنهنجو ڪاٿي آهي؟ اُس ۾ ساٿ ڇڏيو وڃي، اوندھ ۾ گم ٿيو وڃي. *ڀل سڄي دنيا ساٿ ڇڏي وڃي پر درد ڪڏهن به ساٿ نه ڇڏيندو. *سجاد يوسف سومرو لکي ٿو ته :" علي محمد جي شاعري ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي پر هي نثري ٽڪرا به هڪ تاريخ، حادثا، هڪ معيار، شعور ۽ جستجو جي علامت آهن. " لفظن جا عقاب پنهنجي پرواز ۾ معني ۽ جنبش رکن ٿا پر ان ۾ بانسريءَ جو درد به سمايل آهي. ھيٺيان نثري ٽڪرا روح جو رچاءُ آهن. ڊائريءَ مان نثري ٽڪرا...! *آئون به نادان آهيان، سڄي دنيا سياڻي ٿي وڃي پر، نادان، نادان ئي رهندو، چاهي ابتو لکو يا سبتو. *زندگي زهر بڻائي مئي کانپوءِ ماتم ڪرڻ مان ڇا ورندو!؟ *ڏک ،درد ۽ زخم ڪڏهن پراڻا نه ٿيندا آهن، اهي ته گلابن جيان هر وقت مهڪندا ۽ مرڪندا آهن. تخليقڪار جي تخليق پنهنجي صلاحيت، حوصلو، پيڙا ۽ زماني جي عڪس بندي هوندي آهي، اهڙي عڪس بندي لطيف جذبن کي جيئندان بخشيندي آهي. جيڪي جيءَ جا جذبا هن ڪتاب ۾ موجود آهن. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري صحافي وفا ياسين آرائين لکيو، لکي ٿو ته :" علي محمد جنهن پنهنجي نالي سان تخلص درد جوڙي رکيو آهي، هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيئي لاها چاڙھا ۽ درد ڏٺا آهن. پر هن شخص انهن دردن کي هميشه لتاڙي همت ۽ اٽل ارادي سان منزلون طئي ڪري ڪاميابيون ماڻيون آهن." واقعي علي محمد درد جس هجي جنهن اهڙا جذبا باريڪ بيني سان سرجيا آهن. ڊائريءَ مان نثري ٽڪرا..! *ناراضگين جو دور ڀلي ڪيترو به طويل هجي پر، پرچاءَ وارو پَلُ اُن ايڏي مسافت جي ٿڪ کي هڪ لمحي ۾ لاهي ڇڏيندو آهي. *کلندڙن کي ڪهڙي خبر ته روئيندڙن تي ڇا ٿو گذري. *اک جو ٻکجڻ نانگ جي کڪجڻ کان وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو آهي. *اک اهو هٿيار آهي، جيڪو بغير بارود استعمال ڪرڻ جي ڪيئي ڪونڌر / ماري وجهندي آهي. آخر ۾ علي محمد درد سولنگي لاءِ لطيف سائين جون هي سٽون ته: هِتان کَڻي هُتِ ، جن رکيو سي رسيون، ساڄن سونهن سُرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.