شهيد ڀٽو ۽ عدالتي رڪارڊ ۾ درستگيءَ جي ضرورت!

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شهيد ڀٽو ۽ عدالتي رڪارڊ ۾ درستگيءَ جي ضرورت!​
    امر سنڌو

    ستهتر جو سال هو، جڏهن پنجين جولاءِ تي ٽرپل ون برگيڊ پنهنجي ڪمانڊر فيض علي چشتي جي ڪمانڊ ۾ ملڪ جي چونڊيل سربراهه جي خواب گاهه تائين پڳي هئي...اهو منظر هڪ نئين سياسي شعور جي تخليق هو، ان منظرنامي ۾ ٺيڪ ڏيڍ ٻن سالن کانپوءِ ٽين يا چوٿين اپريل ۽ ٽين اپريل جي وچ واري رات شامل ٿئي ٿي. ان رات جي شعور ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان جي سياست ڪڏهن به ائين ساڳي نه رهي. جيئن بنگال تي فوجي آپريشن کانپوءِ پاڪستاني رياست جو جاگرافيائي نقشو ساڳيو نه رهيو هو. جنهن ڳڙهي خدا بخش واري اباڻي مقام ۾ ڀٽو شهيد جو جسدِ خاڪي دفن ٿيو، اها قبر ته پنجين جولاءِ تي ان وقت ئي کڄي چڪي هئي، جڏهن ”آپريشن فيئر پلي“ جي انچارج ڪمانڊر جنرل فيض علي چشتي پنهنجي باس جنرل ضياءُ الحق کي ان آپريشن جي ڪاميابي جي خبر سڻائي هوندي. 5 جولاءِ تي مارشل لا جي لاڳو ٿيڻ بعد سڄي ملڪ ۾ مٺايون ورهايون ويون، ۽ يوم نجات ملهايو. قومي اتحاد اعلان ڪيو ته ”5 جولاءِ سندن ئي ڪوششن جو ثمر آهي.“ قوم مارشل لا کي خوش آمديد چئي، ان جي آجيان ڪئي، ڇو ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر نوي ڏينهن اندر چونڊن جو مشروط اعلان ڪيو هو، پر بدقسمتيءَ سان هن پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو.

    مٿي ذڪر ڪيل هيءُ اهو ساڳيو ئي فيض علي چشتي آهي، جنهن تي سندس ئي اداري پاران ايئن آڱريون اڀيون ٿيون هيون ته ”ڀٽي صاحب جي ڦاسي لاءِ طئي ڪيل وقت کان پهرين ئي کيس ڦاسي ڏيڻ جي سڄي ايپيسوڊ جي ضرورت به ان ڪري پيش آئي هئي، جو ڀٽو ان رات فيض علي چشتي جي تشدد هٿان اڳ ئي مارجي چڪو هو ۽ پوءِ ڦاهي گهاٽ جي تختي تي جنهن ڀٽي کي اسٽريچر تي کڻي ويا هئا، اهو زنده ڀٽو نه، پر مرده ڀٽو هو، جيڪو چشتي جي تشدد جو شڪار ان ڪري بڻيو جو کيس اهو ڪم سونپيو ويو هو ته هو ڀٽي صاحب کان اقبالي جرم واري پني تي صحيح ڪرائي. ان جي انڪار تي چشتي اهو ڪجهه ڪيو، جنهن جو دفاع ٻين ته ٺهيو، پر سندس باس به سندس لاءِ ڪو وضاحتي بيان نه ڏنو. فيض علي چشتي کي جيتوڻيڪ پنهنجي صفائي ۾ پورو ڪتاب لکڻو پيو، پر حقيقت آهي ته سواءِ پنجاب جي گورنر جنرل سوار خان جي ٻئي ڪنهن سندس ڳالهه جي تصديق نه ڪئي. اهو ئي فيض علي چشتي آهي، جنهن جي سربراهي ۾ ٺهيل ايڪس مين سوسائيٽي ۾ اهي سڀئي رٽائرڊ فوجي گڏ ٿيا آهن، جن جا ڪي نه ڪي تانا بانا جمهوري حڪومتن جي خاتمي سان ملن ٿا. پوءِ اهو جنرل چشتي پاڻ هجي، جنرل حميد گل، جمشيد ڪياني هجي يا وري مرزا اسلم بيگ...اها سوسائٽي ججن جي معزولي جي مامري تي جيتري برهم نظر آئي ۽ سندن بحالي لاءِ اڳين صف ۾ بيٺل ۽ تڪڙو مارچ ڪندي نظر آئي، تڏهن حقيقي جمهوريت پسندن ان وقت کي ياد ڪيو، جڏهن ضياءُ الحق جي اقتدار جي رستي جو ريڊ ڪارپٽ بنجڻ لاءِ ميان طفيل ۽ سڄي پي اين اي جي قيادت جي سرگرمي ۽ سندن احتجاج مان جنم وٺندڙ هڪ ”شهري مزاحمتي تحريڪ“ ڪم آئي هئي. پنجين جولاءِ تي کوٽيل ان قبر ۾ ڪنهن جي لاش جي تدفين ٿيڻي هئي، ملڪ جي آئين جي، خلق جي يا وري ان آئين جي ٽوڙيندڙ، عوامي راڄ تي رات جي اونداهي ۾ آپريشن فيئر پلي وسيلي قبضو ڪندڙ تاحيات ان آمر جي؟ اهو فيصلو ٿيڻ باقي هو، ٽين ۽ چوٿين اپريل واري رات ان فوجي آمر جي خوف جو شايد خاتمو آندو هجي، جنهن ان قبر ۾ هڪ اهڙي تدفين جو قيام ممڪن بنائي ڇڏيو هو، جنهن ۾ فقط ان اڳواڻ جو سرد جسم ئي نه، پر ملڪ جي آئين کي به گڏوگڏ دفن ٿيڻو هو. اها قبر ڀرڻ کان پوءِ اهو آمر راتيون سڪون سان سمهي سگهيو هوندو يا نه، پر پاڪستان جي تاريخ درج ڪيو ته مٽي جي ٻن لپن جنهن شخص کي قبر اندر سمهاريو. تنهن ان کانپوءِ ماڻهن ۽ پنهنجي عوام جي حافظي تي ان سياسي راهبر جيان نه، جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪي غلطيون، جرم ڪيا هوندا، پر ماڻهن جي حافظي ۾ هو ديومالائي ڪردارن جيان ائين زنده ٿيو، جيڪي پنهنجي رک مان شعلو ۽ شعلي مان آگ ۽ آگمان انقلاب جنمڻ جي سگهه رکندا آهن. هوءَ هاڻي ڳڙهي خدا بخش ۾ وزير اعظم ڀٽو ٿي نه آيو هو، جيڪو اڌ مغزي صلاحڪارن ۽ وردين ۾ ملبوس بندوق باز سپاهين جي گهيري ۾ هجي. هيءُ خاڪ ٿي کڄي آيو هو. اها خاڪ، جنهن شعلو ۽ شعلي مان ڀنڀٽ بڻجي ڏيکاريو. ”گواهه رهجو ته منهنجي بيگناهه موت تي رڳو منهنجا ماڻهو نه، پر هماليه جا پهاڙ به روئيندا.“ ۽ هن رياست جي تاريخ گواهه رهي ته فقط ان رات جي خون بيگناهه تي ئي نه، پر هماليه جا پهاڙ ته ان وقت به رنا، جڏهن ڳڙهي خدا بخش ۾ هڪ نئون لاش ٿي کڄي آيو. ڀٽي صاحب جي موت/قتل سياست کي هڪ عجيب رخ ڏنو...ان کان پوءِ جيڪا به سياست ٿي، يا ته سندس مخالفت جي هئي يا ته سندس حمايت جي هئي.

    اها سپريم ڪورٽ، جنهن جي ججن کي هڪ آمر جو لکيل فيصلو پڙهڻو هو، ڀٽي ان سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو ڪيس پاڻ پاڻ وڙهندي سرائيڪي جي ان شعر تي دنگ ڪيو هو ته، “دردان دي ماري دلڙي عليل هي.“ هن چيو هو ته ”مان ان ڪري پيدا ٿيو آهيان ته هڪ قوم ٺاهي سگهان، عوام جي خدمت ڪري سگهان ۽ ايندڙ تباهي تي قابو پائي سگهان. مان ان ڪري پيدا نه ٿيو آهيان ته ڦاسي جي ڪوٺڙي ۾ وکري وڃان. مان ان ڪري پيدا نه ٿيو آهيان ته هڪ وحشي ۽ غليظ ٽولو منهنجي تحقير ڪري. مان ان ڪري پيدا ٿيو آهيان ته عوام لاءِ آزادي آڻيان ۽ کين خود احترامي جي منزل تائين پڄايان.“ هن پنهنجو مقدمو فقط ڪورٽ ۾ نه وڙهيو، هن پنهنجو مقدمو بنديخاني ۾ لکيل هڪ هڪ حرف وسيلي وڙهيو. بنديخاني جو ڀٽو ستهتر جي ڀٽي کان بنهه مختلف هو، ايئن ئي جيئن هاڻوڪي بينظير چوڻ وارا، ڏسڻ وارا ۽ مشاهداتي اک رکڻ وارا چون ٿا ته انهيءَ بينظير کان قطعي مختلف هئي، جنهن ٻه دفعا حڪمراني ڪئي ۽ ٻئي دفعا ساڳين ئي سازشن جو شڪار ٿي...ڀٽي جو جيل جي ڪال ڪوٺڙي وارو دور پنهنجي غلطين کي سمجهڻ جو دور هو، ايئن ئي جيئن بينظير جو جلاوطني جو دور غلطين جو جائزو وٺڻ جو دور هو. جيل خاني ۾ لکيل/چيل سندس لفظ لفظ پاڪستاني رياست ڍانچي جي مستقل خطرن کان آگاهي ۽ ان کان بچاءَ جي تڪميل جي بصيرت هئي. هن چيو هو ته ”پاڪستان ۾ هر سويلين حڪومت جو مارشل لا وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي ڌُن جو بنيادي عنوان خانه جنگي آهي. مصيبت اها آهي ته پاڪستان ۾ ٻه دنيائون آهن، عوام جي دنيا ۽ آقائن جي دنيا. پنهنجي باري ۾ عوام پنهنجو هڪ تصور رکن ٿا، جڏهن ته غرور ۾ ٻڏل ۽ بدمزاج ٽولي عوام جو هڪ ٻيو تصور ٺاهي رکيو آهي، پر اسان (مان) عوام تي اعتماد رکان ٿو ۽ انهن جي دانش تي مڪمل يقين رکان ٿو. اسان جو اهو خيال ناهي ته پاڪستان جو عوام اهڙو ٻار آهي، جنهن کي مداري تماشو ڏيکاري وندرائي وٺي، نه ئي اسان جو عوام ڪا ڳئون ڍڳي آهي، جنهن کي هڪلي ذبح خاني تائين پڄايو وڃي.“ مداري سياستدان، جن وٽ عوام لاءِ ”بچه جمهورا “ وارو تصور هجي، انهن لاءِ بيشڪ اها ڳالهه هضم ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي ته عوام تي اعتماد ڪجي ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته کين پنهنجي دانش سان پنهنجي راهبري پيش ڪجي، پر جي عوام سندن راهبري کي رد ڪري ته کين ”جاهل، ڄٽ، بي عقل“ چئي. کين سياست ۾ اقتدار تي قبضي کان وٺي انقلاب تائين ياد رکڻ کپي ته هر وک، هر قدم ۽ هر ايڪشن لاءِ عوامي حمايت جي ضرورت پوي ٿي.

    چوٿين اپريل جو هر اڀرندڙ سج پاڪستان ۾ هڪ نئين علامتي اظهار طور اڀري ٿو. چوٿين اپريل جيستائين عوام جي دلين جا سڀ زخم رفو ڪرڻ جي تجديد جو ڏينهن نه بڻبو، تيستائين هيءَ رياست ڀٽي جي خون جي الزام مان پنهنجو دامن نه ڇڏائي سگهندي. جيئن اهو چوٿين اپريل جو سج اڀري ٿو، تئين هي جن ڀٽي جي سياست جي اثر انگيزي کي ڏٺو هوندو، جن ان کي ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو، جن ان کي پنهنجي مسيحا طور مڃيو هوندو، انهن سڀني لاءِ هڪ نئين زخم تازه جو پيام ائين کڻي اچي ٿي، جو اڄ ٽيهه سال گذرڻ بعد به هو ملڪي عدالت جي تاريخ ۾ هڪ مجرم جيان بيٺل آهي. تاريخ جي پنن جو حساب ڪتاب بيشڪ ته ٻيو ئي آهي، پر ڦاسي گهاٽ کان عوام جي دلين جي راڻي بنجڻ تائين واري وارتا جي ملڪ جي عدالتي تاريخ ۾ جيڪا سچائي بيان ڪيل آهي، ان ۾ سندس ڏوهه اهو نه لکيل آهي ته هو ملڪ ۾ عوام جو چونڊيل وزير اعظم هو، هن سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي خانه بدوشن جي جهوپڙي تائين آندو، ملڪي عدالت ۾ سندس ڪيس ۾ سندس جرم اهو نه لکيل آهي ته هن عوام کي اهو احساس ڏياريو ته اقتدار سندن امانت آهي ۽ جڳ جو چرخو جيڪا طاقت هلائي، سا سندن رت ۽ پورهئي جي طاقت آهي. هن رياست جي عدالت ۾ سندس جرم اهو نه هو ته هن غريبن ۾ احساسِ جرئت پيدا ڪيو، هن ڳالهائڻ سيکاريو...ياد رکو پيپلز پارٽي جي پنهنجي رت سان آبياري ڪندڙ ورڪرو ته اڄ به ان عدالت ۾ توهان جي دلين جو راڻو ان عدالت جي ڪيس ۾ هڪ ”قاتل“ جي حيثيت ۾ زنده آهي. بيشڪ ته توهان جي ان اڳواڻ جي خون جو ازالو ڪندي ٻه ڪي ٽي ڀيرا اختيارن کان خالي اقتدار به توهان جي پارٽي قيادت جي جهولي ۾ وڌو ويو. بيشڪ ته اقتدار جي ان ذري پرزري لاءِ به توهان پهاڙن جيڏي هڪ ٻي راهنما جي خون جو خراج ڏنو ۽ اڳي جيان هاڻ به شايد هن اقتدار جي برداشت جا ڏينهن به ڪي گهڻا نٿا ڏسجن، پر محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي عالمي اداري کان جاچ سان گڏ هاڻ اهو وقت به آيو آهي ته حڪومت هاڻ هن سپريم ڪورٽ ۾ ڀٽي جي قتل ڪيس جو مقدمو کڻي اچي، ۽ مٿس مڙهيل ڪوڙي ڪيس جي جاچ ٻيهر اٿلائي. ترڪي جي عدنان مينڊرس وانگي ٽيهه سالن کانپوءِ هاڻ آزاد سپريم ڪورٽ وسيلي کيس قتل جي مجرم بجاءِ هڪ بيگناهه جي حيثيت ۾ آڻيو. پر رڳو پيپلز پارٽي ئي ڇو، اهي جيڪي آزاد عدالتن جي ثمر مان فيضياب ٿيڻ چاهين ٿا ۽ ان کي اعليٰ ۽ مقدس اداري طور ان جي ساک بحال ڪرڻ چاهين ٿا، کين به کپي ته عدالت جي دامن تي لڳل ان ڪروڙين دلين جي راڻي جي خون جا ڇنڊا صاف ڪن ۽ اهي جج (جسٽس نسيم حسن شاهه) جن اهو اعتراف به ڪيو آهي ته اهو عدالتن جو نه، پر چيف مارشل لا جو فيصلو هو، ان جو احتساب ٿئي. جيڪڏهن ان سموري ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ ”اعتزاز احسن“ سامهون اچي ۽ پنهنجهي قائد اڳواڻ جي خون جا ڇنڊا ان عدليه جي دامن تان صاف ڪرڻ وارو پورهيو ڪري ته شايد هڪ دفعو ٻيهر هو پيپلز پارٽي جي جيالن جو به ايڏو ئي دادلو بڻجيو وڃي، جيترو دادلو اڄڪلهه هو مسلم ليگين جو بڻيل آهي. رڳو ايترو ئي نه پر ان ڪيس کي ٻيهر اٿلائڻ سان ان کي چئني صوبن ۾ هڪ جيترو مان، مرتبو ۽ مڃتا ملي سگهي.

    اعتزاز اهو ڪم ڪري نه ڪري، پر حقيقت اها آهي ته ڀٽي جي خون جو حساب پيپلز پارٽي کي تاحيات حڪومت ڏيڻ جي صورت ۾ به تيستائين چڪتو نٿو ٿي سگهي، جيستائين 5 جولاءِ جا مجرم، ٽين اپريل جا مجرم، ڦاسي جي سزا ٻڌائيندڙ عدالتي جج عوام کان سندن راڄ تي قبضي جي ۽ سندن اڳواڻ جي قتل جي باضابطه معافي نٿا وٺن. 5 جولاءِ جا مجرم/ڏوهاري جن تحريڪن جا شريڪ رهندا، اهي تحريڪون کڻي ڪهڙي به ڪاميابي ماڻين، سنڌ جو عوام انهن جي نيت تي سدا شڪ ڪندو رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو