ڪتاب "لفظن جي سرهاڻ" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "لفظن جي سرهاڻ" جو سرسري جائزو
    فقير محمد سنڌي.
    ڪجهه ڏئي وينداسي، ڪجھ نه کڻي وينداسي،
    ٻُور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسي.
    سرفراز علي جتوئي کي پيار مان گهڻا دوست ۽ مٽ مائٽ سرفي جي نالي سان سڏيندا هئا۽ سرفراز جي معني به اھڙي نموني جي آهي ممتاز، بلند ۽ نوازيل. سرفراز پنهنجي زندگيءَ ۾ محبت، پيار ۽ پنهنجائپ جي بهترين ورڇ ڪئي، اهڙي ورڇ ٿورن ماڻهن جي حصي ۾ شامل ٿيندي آهي. ڪتاب "لفظن جي سرهاڻ" جو مرتب ڪامل امداد جتوئي آهي جيڪو پاڻ شاعر سان گڏوگڏ سرفراز جتوئي وانگر براڊ ڪاسٽر به آهي. ڪامل امداد جتوئي جي هر وقت اها ڪوشش هوندي آهي ته دنيا سرفراز علي جتوئي کي پيار مان ۽ نئين اک سان پڙهي ۽ ٻڌي. ٻڌڻ مان اها مراد ته سرفراز علي جتوئي ڪمپيئر سان گڏوگڏ ڪڏهن ڪنهن جي سٽن کي آواز جو روپ ڏئي محفل کي سرور بخشيندو هو.ان سرور کي ڪامل امداد جتوئي ٻڌڻ پسند ڪندو آهي.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي لکيو آهي. لکي ٿو ته :"سرفراز علي جتوئي جي تحرير ڪيل هنن مسودن ۾ عوامي سطع جي ٻولي استعمال ٿيل آهي ۽ اهي عام لفظ عام لهجو عام مثال عام تشبيھون ئي ٻڌندڙ ۽ بعد ۾ پڙهندڙ جي دل مٿان گهرو اثر ڇڏين ٿيون ھن ڪتاب ۾ ڀرپور فلاسافي ۽ ڳوڙهائي پيچيدگي ڪونھي( سڌي راند سونٽي جي ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي ) وارو آهي. "
    هن ڪتاب ۾ دل کي ڇهندڙ اسڪرپٽ شامل آهن، جيڪي انساني خدمت ۽ حقن بابت آهن. اتساھ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. حسن درس جون سٽون آهن ته :
    سڄڻ کان سواءِ جي سمهڻ سوچجي،
    پٿر جو وهاڻو ڪجي، دل ڏجي.
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر خليل الله ڪاڪيپوٽو لکي ٿو ته :" مون سرفراز علي کي ريڊيو پاڪستان جي پروگرامن ۾ ڳائيندي ٻڌو هن کي راڳ جي خبر هئي، هو ڪجھ ساز وڄائڻ ۾ مهارت رکندو هو. "
    سرفراز جا لفظ خاموشي ۾ آبشارن جي ورن وڪڙن کان ٿي دل جي حسناڪ نديءَ ۾ اچي پنهنجو پاڻ پسائن ٿيون. جاويد پنهور جون سٽون دل جي آڳر تي مي رقصم آهن.
    سارَ تنهنجي ٻيو ڇا ڏئي ويندي؟
    تو جيان ئي سزا ڏئي ويندي.
    اسٽنٽ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر، صفدر علي سومرو لکي ٿو ته :"هڪ ڀيري سرفراز علي ڪوشش اخبار لاڙڪاڻو جي بيورو آفيس ۾ آيو هو، جتي سندس منهنجي پهرين ملاقات هئي، مون کان اڄ ڏينهن تائين اها ملاقات نه وسرندي آهي. "
    ڪن ماڻهن جو آواز، ڪيفيت ۽ لفظن جي سرهاڻ دل کي موهي وجهندي آهي ۽ سرفراز علي جتوئي ۾ اهي خوبيون موجود ھيون، هو هر ڪنهن کي مانُ ڏيندو هو.
    ناليوارو ڪمپيئر ۽ تعليمدان امتياز علي جتوئي لکي ٿو ته :"سرفراز علي انگريزي ڪلاس ۾ تقريرن، بحث، مباحثن ۽ ليڪچرن ۾ ڀرپور وٺندو هيو، آءُ سندس لکڻين مان گهڻو متاثر هوندو هيس. "
    اجري من جو دلبر ماڻهو سرفراز جتوئي جا مختصر به درد ڪھاڻي سان گڏ حوصلو به بلند ڪري رهيا آهن. اهو سرفراز جي ٻڌندڙن سان چاءُ جو سرسري اظهار جو نمونو آهي.
    سنڌ جو ناليوارو شاعر، ڪالم نگار ۽ تعليمدان پروفيسر مختيار سمون لکي ٿو ته :" سرفراز علي پڙهائي ۾ دلچسپي وٺڻ سان گڏ نعت خواني ۽ فنون لطیفہ جو هڪ اعلي مظھر يعني گائڪي ۾ به پنهنجي صلاحيتن آڌار سٺو تعارف حاصل ڪري رهيو هو، هن نوجوان جا ريڊيو اسڪرپٽ به شاندار لکيل آهن."
    مَن مَن ۾ ڇو ڦيرا آهن؟
    ماڻهو ڪيڏا ميرا آهن.
    *"اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو علي مراد ٽانوري لکي ٿو ته :" مون سرفراز علي کي مختلف محفلن ۾ ڳائيندي به ڏٺو هو، جڏهن ڳائيندو هو ته گهرائي ۾ هليو ويندو هو. حقيقت هي آهي ته سرفراز علي حساس دل جو مالڪ هو جيڪو پنهنجي ۽ ٻئي جي درد کي گهرائي سان محسوس ڪندو هو."
    سرفراز علي جتوئي پنهنجي شعبي سان خوب نڀايو، گل اهڙيءَ طرح گلدستي ۾ سجائي خوشبو سان گڏ شامل ڪيا آهن جو هر براڊ ڪاسٽر آساني سان لاڳاپيل پروگرام ترتيب ڏئي سگهندو.
    *ڊيوٽي آفيسر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، محمد ايوب شيخ لکي ٿو ته :" سرفراز علي جا ڪافي نشر ٿيل اسڪرپٽ مونکي هٿ اچي ويا، اها امانت سرفراز علي جي گهر ڏانهن کڻي ويس جتي سرفراز جي امڙ کي امانت ڏئي آيس. پوءِ سائين ڪامل امداد جتوئي مونکي روئڻ واري انداز ۾ فون ڪري مهرباني چئي."
    هي ڪيرُ آ مسافر جيڪو پڇي نه ٿو،
    هي پنڌ جستجو يا دوکو پڇي نه ٿو.
    ريڊيو اسڪرپٽ "لفظن جي سرهاڻ" ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 246 ننڍا وڏا مختلف موضوع شامل آهن، جيڪي معياري ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي پيرا ۾ اچن ٿا. جس آهي ڪامل امداد جتوئي کي جنهن سرفراز جا ريڊيو اسڪرپٽ سنڀالي شايع ڪرايا آهن.
    *ڪتاب لفظن جي سرهاڻ ۾ سرفراز علي جون مختلف هنڌن ۽ شخصيتن سان رنگين تصويرون به هن ڪتاب جي حسناڪي ۾ واڌارو ڪري رهيو آهن.
    *ڪجھ اهڙا به اسڪرپٽ آهن جيڪي سرفراز علي جا هٿ اکر آهن جن کي اسڪين ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
    *ڪتاب جي آخري حصي ۾ سرفراز علي جتوئي تي لکيل مضمون، پروگرامن جون ڪٽنگس ۽ ڪتابن تي تبصرا اخبارن جي لوگي سان شامل آهن.
    سرفراز علي جتوئي جا اسڪرپٽ حسناڪي جي ڀاڪر جيئان روح جي ڪٿا جا حسين لحمن جا ڪمال اوتيا آهن.
    *ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، ڊي. اي. او پرائمري لاڙڪاڻو، گلشير سومرو لکيو آهي، لکي ٿو ته :" مون سرفراز علي کي عشق رسول ۾ سرشار ڏٺو، جڏهن به هن جي اڳيان نعت هلندي هئي يا اهڙو قصو هلندو هيو ته هن جي اکين مان آب هلي پوندو هيو."
    سرفراز علي جتوئي لاءِ آخر ۾ هي سٽون آهن ته :
    عشق جي ڪيڏي انوکي ڇڪ آ،
    ڪير چاهيندو چُمي پوري ٿئي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو