ڪتاب "عدد ناهي عشق" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    نديءَ جي ڀر ۾ خوابن جهڙيون ڪهاڻيون
    ڪهاڻين جو مجموعو "عدد ناهي عشق" جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    زندگيءَ جو حقيقي خاڪو تصور کان پوءِ ئي جڙي ٿو ۽ تصور ئي آهي جيڪو ڪهاڻي، تاريخ، شاعري ۽فنون لطیفہ جي زمين کي روح جي آسودگي ۽ پرک مهيا ڪري ٿو.وفا اسلم شيخ جي ڪهاڻي جي مجموعي "عدد ناهي عشق" ۾ تمام گهڻا فڪري منظر ۽ پسمنظر موجود آهن جن جو سڌو سنئون واسطو پهريان تصور سان جهڙيو آهي. ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ڪتاب جو ٽائيٽل ئي آهي "عدد ناهي عشق" ڪهاڻي جو منظر ڄڻ تصور کان پوءِ حقيقي منزل طرف روانو ٿي رهيو آهي. ڪهاڻيءَ جو ڪجهه حصو پڙهندڙن لاءِ ته :" هيڏي ته ڏس توکي ڀلا درياھ جي ايڏي سڪ ڇو آ، جنهن مهل ڏس ته درياھ درياھ ٿي ڪرين."
    اُتي سهڻيءَ مسڪرايو چيائين، ان ڪري جو مان سهڻي جو آهيان."
    ڪٿي تون لطيف سائينءَ واري سهڻيءَ جو ٻيو جنم ته ناهين." مان ايڏي خوشنصيب ڪٿي آهيان، ڪاش جيڪر ائين ٿي پوي. "سهڻيءَ جي مُک تي اداس هوائون وکري آيون. منصور چيس. "چري پوءِ ان لاءِ توکي درياھ ۾ ٻڏي مرڻو پوندو. "سهڻيءَ جي مُک تي وري مرڪ تري آئي." ها! ڇو نه. مان ان لاءِ به تيار آهيان، آخر نالو جو سهڻي آ پر ٻڌ توکي به مون سان ٻڏڻو پوندئي. "
    شعور زندگيءَ کي پارسائي جي مقام تي پهچائي ڇڏي ٿو، فطري جبلت جو ڪاٿو لڳائڻ ان ڪري به ڏکيو آهي ته اها جبلت ۽ فطرت هن جي ميراث ۾ آهي جيئن سهڻيءَ جو ڪردار لطيف سرڪار وٽ امر آهي ۽ ائين ئي وفا اسلم شيخ جي ڪهاڻي جو محور به اهو ئي آهي.
    ناليوارو شاعر ۽ نثر نويس رضوان گل، وفا اسلم لاءِ لکيو آهي ته :" وفا اسلم پنهنجي روزگار جي حوالي سان فيلڊ ۾ گهمندي ڦرندي ڪهاڻيڪار واري اک سان جاين، شين، ماڻهن ۽ انهن جي روين جو گهرائي سان مشاهدو ڪندو رهي ٿو."
    وفا اسلم شيخ جي ڪهاڻين ۾ مزاح، تنقيد، حوصلو ۽ سماجي گهرائي شامل آهي،جيئن "مرجهايل مکڙي" جو ڪجهه حصو پڙهندڙن جي نظر ته :" او پٽ عاشقي! ٽائيم نه ڏٺو اٿئي. اڄ آفيس ڀلا اها ڇوري ويندي ڇا؟ نظر ئي نه ٿو ڪڍينس، اٿ پرائي ڇوري کاريندين ڇا. " سهيل نظرون دريءَ تان هٽائيندين فراز کي گهروڙي بجو ڏيندي چيو، هيڏي ڙي ٻيھر جي ان کي ڇوري چيو اٿئي ته توکي ڇورو ڇنو ڪري ڇڏيندوسانءِ. "
    وفا اسلم شيخ مٿين ڪهاڻي ۾ روز جي معمول موجب ڳالهائيندڙ نج عوامي ڳالھ جا عڪس لطيف نموني سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سنڌي ڪهاڻي جي کيتر ۾ اهڙي نموني عوامي ڳالھ کي ٿورا ڪهاڻيڪار پيش ڪري سگهندا آهن." بازي "ڪهاڻي به پڙهڻ جهڙي آهي، وفا اسلم جيڪا سماج مان انسپائريشن ورتي آهي ان کي لفظن جي روپ ڪاريگري سان پيش به ڪيو آهي.
    " مان جنهن مهل لطيف کي پڙهندي آهيان ته مون کي دلي سڪون ملندوآ، روح کي راحت نصيب ٿيندي آ، سمجهندي آهيان ته مون کي منزل ملي وئي آهي." ها امارا لطيف دلين جو شاعر آ، هو محبتن جو امين آ، هن محبتن کي معراج بخشيو آ. اڄ ڀلا وائي نه ٻڌائيندينءَ! "ها. ڇو نه، اها ته مان روز ورجائيندي آهيان. "
    ايندو سڄڻ سائين الا، منهنجو ايندو ڍولڻ سائين."
    وفا اسلم شيخ جي هر ڪهاڻي جو مرڪزي خيال تمام بهترين انداز سان پيش ڪيل آهن. تڏهن ته غلام مصطفي" غم"جتوئي لکي ٿو ته :" محبت ۾ ڏکن، سورن ۽ وڇوڙن جي ڪري سندس ڪهاڻين ۾ درد ڇلڪندي نظر اچي ٿو. وفا هڪ دلير، بيباڪ وفادار ۽ پرخلوص دوست رهيو آ، جنهن کي سور سهڻ جي مالڪ وڏي سگھ ڏني آ." هر خواب کي ساڀيان نه ملندي آهي پر وفا اسلم شيخ جي خوابن کي پيڪاڪ جي قمر آفتاب پنهنجي پبليڪيشن جي 215هين ڪتاب2021ع تي شايع ڪيو آهي. ڪپتان ابڙي به هن ڪتاب جي ٽائيٽل کي رنگن جو آشيرواد مهيا ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب به لاجواب آهي.
    ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪوھُ ڄاڻان ڪهڙا پرين؟
    سهسين سڄ الهي، واجھائيندي ويام,
    تنين سال ٿيام، جنين ساعت نه سهان.
    ( شاھ لطيف )
    دنيا جي عظيم رشتي محبت جي نانءُ.
    وفا اسلم شيخ ڪهاڻي جي سٽ سٽ ۾ پنهنجي من جي ڳالھ کي اوتيو آهي جيڪا ڪهاڻيڪار جي بنيادي سڃاڻپ جو ڏس مهيا ڪري ٿي. محبت جي هر پنڌ کي نئون موڙ ڏئڻ وفا اسلم وٽ آهي.
    تڏھن ته لطيف شناس ۽ ناليواري شاعر ڊاڪٽر احسان دانش بيڪ ٽائيٽل هن ريت لکيو آهي ته :" وفا اسلم پيار جي رند تي پنڌ ڪندي سماجي انياءَ کان سنڌ جي تهذيبي ۽ معاشي مسئلن کي به هن ڪتاب جي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي. تخليق جي سفر ۾ وقت قلم ۾ پختگي آڻيندو آهي."
    آخر ۾ وفا اسلم شيخ لاءِ اياز جاني جون غزل سٽون آهن ته :
    ڪا صدين جي اُڃَ آهي، آءُ نيڻن ۾،
    تنهنجو آهي، جو به آهي گهاءُ نيڻن ۾.
    اومسافر! پيار جا پَلَ تو ڪڏهن ڀوڳيا؟
    تو ڪيو محسوس ڪو پٿراءُ نيڻن ۾؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو