وقت جي چيچ ۾، زندگيءَ جو ڇلو پيو ٿئي گهِرگهِلو، يارَ جلدي مِلو.. جيءُ جَبرُوت جَنمَن کان ويران آ، ساھُ ساميئڙو مِڙئي مھمان آ، ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو!؟ يار جَلدي ملو، يار جلدي ملو.. توسان چاھَت ۽ چَرپڻ بہ گهٽبا وڃن دل جا آرا ۽ اَرپَڻ بہ گهَٽبا وڃن ۽ وڇوڙن ۾ ناھي رھيو وَلوَلو! يار! جلدي ملو، يارَ جلدي مِلو... ريکائن جي ريت نرالِي، ھَٿ ڀريل ۽ جيوَن خالي ھُن کان بہ ڪو وڇڙيو ھوندو، اَک ٻُڌائي ٿِي ڪا آلي. تو جيان ڪو رُسي روھيہ ورچيو وڃي ۽ ڪڏھن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي دِل ھِي سمجهي نَٿِي، درد آ دادلو! يارَ جلدي ملو، يار جلدي ملو.... آواز: مظھر حسين ٻول : آڪاش انصاري نوٽ : ڳاڙھي رنگ ۾ لکيل لفظ مختلف گلوڪارن مختلف نموني ڳايو آھي. ”تنھنجي آڪاش سان ورھہ ورچيو وڃي“ بہ ڳايو ويو آھي.