ٻول : وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو. يار جلدي ملو.

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    وقت جي چيچ ۾، زندگيءَ جو ڇلو
    پيو ٿئي گهِرگهِلو، يارَ جلدي مِلو..

    جيءُ جَبرُوت جَنمَن کان ويران آ،
    ساھُ ساميئڙو مِڙئي مھمان آ،
    ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو!؟
    يار جَلدي ملو، يار جلدي ملو..


    توسان چاھَت ۽ چَرپڻ بہ گهٽبا وڃن
    دل جا آرا ۽ اَرپَڻ بہ گهَٽبا وڃن
    ۽ وڇوڙن ۾ ناھي رھيو وَلوَلو!
    يار! جلدي ملو، يارَ جلدي مِلو...

    ريکائن جي ريت نرالِي، ھَٿ ڀريل ۽ جيوَن خالي
    ھُن کان بہ ڪو وڇڙيو ھوندو، اَک ٻُڌائي ٿِي ڪا آلي.


    تو جيان ڪو رُسي روھيہ ورچيو وڃي
    ۽ ڪڏھن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي
    دِل ھِي سمجهي نَٿِي، درد آ دادلو!
    يارَ جلدي ملو، يار جلدي ملو....




    آواز: مظھر حسين
    ٻول : آڪاش انصاري

    نوٽ : ڳاڙھي رنگ ۾ لکيل لفظ مختلف گلوڪارن مختلف نموني ڳايو آھي. ”تنھنجي آڪاش سان ورھہ ورچيو وڃي“ بہ ڳايو ويو آھي.

     
    باغي راشد ڪوٽڙيو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو.... واه سائين واه زبردست
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو