ڪتاب "شڪارپور :تاريخي ۽تحقيقي مطالعو" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "شڪارپور :تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو" جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    وينس ليمباري جو ذهني خاڪو آهي ته :" بهترين شيءِ جي چونڊ انسان جي معيار کي ظاهر ڪري ٿي پوءِ ڀلي چونڊيل شيءِ جو تعلق ڪنهن به شعبي سان ڇو نه هجي." هن ڪتاب ۾ حسيب ناياب منگي جو تعلق تاريخ ۽ تحقيق جي شعبي سان آهي." شڪارپور :تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو "حسيب ناياب منگي پنھنجي دور جي تاريخ کي واضع ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. تاريخ انتهائي ڏکيو موضوع آهي جنهن تي جيتري به تحقيق ڪجي ان ۾ ايترو ئي نکار پيدا ٿيندو آهي. حسيب ناياب گذريل وقت کي تاريخي ورقن جو لباس اوڍيو آهي جيڪا ڪٿي به فنا ٿيئڻي ڪونهي، توڙي جو اهو تاريخي ماڳ ميسارجي وڃي پر حسيب ناياب منگيءَ جو ڪتاب جيتري قدر علم ادب جي دائري ۾ موجود هوندو ته قاريءَ کي تاريخ جو رستو مهيا ڪندو. تاريخ جي خدمت ڌرتيءَ جا وارث ڪندا آهن. اهو به جهاد ۾ شامل آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي سرمائي کي بچائي ۽ محفوظ ڪيو وڃي جڏهن سنڌ تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ان وقت شڪار پور جي فردن پنهنجي تاريخ رقم ڪئي، ڇو جو هيءُ به سنڌ جو تاريخي شهر آمد رفت جي حوالي کان اهم لنگ پڻ آهي. شڪارپور جي سورمن به هيٺين دورن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. شڪارپور تي حڪمراني ڪندڙن جو دور سن وارا هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
    دائود پوٽن جو دور 1617ع کان 1747ع تائين
    پٺاڻن جو دور 1747ع کان 1824ع تائين
    ٽالپرن جو دور 1824ع کان 1843ع تائين
    انگريزن جو دور. 1843ع کان 1947ع تائين.
    هر دور پنهنجي ڌرتي، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ان ۾ شڪارپور کي ڪٿي به وساري نٿو سگهجي. شڪارپور شعور وندن جو علائقو آهي، شعور بنيادي طور تي منظم فردن ۾ سجاڳي جي واٽ آهي. اهڙي واٽ حسيب ناياب منگيءَ کي به نصيب ٿي آهي. تڏهن ته پنهنجي پاران ڪتاب ۾ هن ريت اظهار ڪيو اٿس.
    "تاريخ جي ورقن تان اجاين ڳالهين ۽ بي بنياد حوالن کي هٽائي سگهجي ٿو ڇو جو اهڙيون غلطيون نه صرف اسان جي تاريخ کي ڇيھو ٿيون رسائن پر شاگردن لاءِ سمجھ جا ويڪرا رستا به تنگ ٿيندا ٿا رهن."
    فڪر وند ئي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي جو هر پل صرف ڪري حوصلو بلند ڪندي قوم کي اتساهه آڇي مايوسي جي ڌٻڻ مان ڪڏهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي. ياد گيرو به سنجيدگيءَ جي علامت آهي، سنجيده فرد ڪٿي به پنهنجي تاريخ ۽ روايتن کان ڪڏهن به منهن ناهن موڙيندا.
    نند جويري لکي ٿو ته :" شڪارپور جي بوٽ بازار ۾ هڪ پاسي ڌوٻين جو پاڙو آهي جنهن جو ذڪر، حسيب ناياب منگي کٽين جو ماهو ڪري لکيو آهي، ان پاڙي جي ڀر ۾ ڪاري نهائين جي پاڙي ۾ منهنجي ناني رهندي هئي. ان پاڙي ۾ منهنجي ماءُ جي ساهيڙي ۽ هم عمر مائي جنها جيڪا پڻ ڌوٻياڻي هئي، منهنجي ماءُ جيان هئي. "
    شڪارپور جو اهڙو حسن ڪير موٽائي سگهي ٿو، جيڪو هن ڪتاب جي 19هين صحفي تي حسيب ناياب منگيءَ پيش ڪيو آهي.
    " شڪارپور کي سندس ئي حسن ۽ جمال سبب سنڌ جو پيرس، شهرن جي شهزادي، شيراز سنڌ، سنڌ جو ڪلڪتو، سنڌ جي سونهن، سنڌ جو يونان ۽ جنت اڪبر قرار ڏنو ويو پر اڄ جي حالت ڪالھ جي ابتڙ آهي."
    سنڌ ۾ علم، شعور، تاريخ ۽ برابري جي حقن تي هٿ وٺي ڄڻ ڌاڙو لڳل آهي. اهڙي وارتا تي شاعر نجم سرهيو جو روح ڀڙڪو ڏئي چوي ٿو:
    ڪمي هر ڪنهن ڳوٺ ۾، علم سندي آھ،
    جهالت جي باھ، ڀڙڪي پئي سنڌ ۾.
    " شڪارپور سنڌ جي تاريخي شهر " مضمون ۾ ليکڪ 17هين صحفي تي لکي ٿو ته :" انگريزن ۽ حيدرآباد سرڪار جي وچ ۾ پهريون فوجي ٽڪر مياڻي ۾ نه پر شڪارپور ۾ ٿيو. 1842ع ۾ ميرن اڳيان انگريزن اهو مطالبو پيش ڪيو ته شڪارپور کي هنن جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن صورت ۾ مير نصير خان کين جواب ڏيندي چيو ته، سردارن لاءِ زمين جو ڏيڻ بي عزتي آهي. انھن لفظن ئي انگريزن کي مڇرايو ۽ ان جو نتيجو مياڻي ۽ دٻي جي لڙائين مان اسان آڏو آهي. "
    قابض قوتن هر هنڌ تاريخ کي ميساريو آهي ۽ پنهنجي هٿرادو سوچ جي عيوض ڌرتيءَ جي رهاڪن کي وقت به وقت گهمراھ ڪندي موقعي پرستيءَ جو فائدو ورتو آهي پر فطرت اهڙو عمل آهي جنهن ڪيترائي موقعي پرست ڌوڙ ڪري ڇڏيا. جنهن به سنڌ تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي انهن کي تاريخ جي ورقن۾ پڙهي سگهجي ٿو.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نسيم بخاريءَ لکيو آهي، لکي ٿو ته :" دل چوندي آهي اهڙا جذبا ۽ اهڙي امنگ هر وطن دوست نوجوان ۾ هئڻ گهرجي ته جيئن سماج ۾ مثبت تبديلين جي حوالي سان اهڙي اڻٿڪ سرگرمين واري ابتدا ٿي سگهي."
    حسيب ناياب منگيءَ جي اها علمي ڪوشش آهي جنهن شڪارپور کي پنهنجي روح سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، تڏهن شڪارپور جي بابلاڻي ڪاريگرن جو فن، شڪارپور ۾ انڊر گرائونڊ ڊرينج سسٽم، شڪارپور جي آچار ۽ شڪارپور حڪمت جو گهر جهڙا مضمون تاريخ جو آئينو پسائي رهيا آهن. آخر ۾ حسيب ناياب منگيءَ لاءِ لطيف سرڪار جون سٽون ته :
    ڪر ڪو واڪو وس، ويھ مَ منڌ ڀنڀور ۾،
    چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پير پنهون جو پس،
    ڏورڻ منجهان ڏس، پوندءِ هوت پنهون جو.
    [​IMG]
     
  2. منير حيدر لغاري

    منير حيدر لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    شھدادپور ڀٽ شاھ
  3. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    لک قرب سائين، سدائين سلامت هجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو