وقت جي تيز ترين وھڪرن ۾ گھڻو ڪجھ وھندو ۽ وڃائبو پيو وڃي ڪيترا ھمدرد دوست ٿيا ڪيترا دوست وري دشمن ته دشمن وري دوست ٿيندا ٿا وڃن ڪيترن وفائون ڪيون خوب واعدا نڀايا ڪيترا بيوفائيون ۽ دوکا ڏيندا رھيا ڪيئي موسم وانگر رنگ تبديل ڪندا رھيا ته ڪي ڪڪر ڇانورا ٿي روح کي راحت ۽ من کي تسڪين ڏيندا رھيا ڪي ھلندي ھلندي واٽن تي اڪيلو ڪري ھليا ويا ھن جيون جي چئو واٽي تي ڪي يار مليا قرب منجھان پو وقت جو اھڙو واءُ وريو ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو دل مسلسل ڪنھن اتاولي ٻار جيان آرا ۽ انگل ڪندي رھي مخلص محبتون ۽ پرخلوص پيار جي ڳولا ۾ انتظاري ۽ بيقراري ڀوڳنائون ۽ اذيتون ڏسندي رھي ڪڏھن اشڪ اکين مان اڪيلائي ۾ اسو جي اوھيرن وانگر اوتون ڪري دل جي دردن کي ٿڌڪار رسائي ته ڪڏھن لڙڪ اکڙين ۾ اٽڪي پيا ڪڏھن حياتي بھارن جو روپ لڳي ته ڪڏھن واچوڙن ۾ اڏامندڙ پيلن پنن جيان وکريل وکريل لڳندي رھي... گھڻگُھرا #دوست خوب وفائون به ڪندا رھيا ته بيوفائين جا داغ به دل کي ڏيندا رھيا ڪي وساريندي وساريندي وسري نه سگھيا ڪي ساريندي ساريندي به وسري ويا. مون مرشد لطيف جي ھن بيت کي بار بار پڙھي پاڳل دل کي آٿتون ڏيئي پنھنجو پاڻ کي دنيا جي درياہ ۾ ٻڏندي به ڏٺو ته ترندي به... ڪڏھن تاڪيون ڏين ڪڏھن کليا در دوست جا ڪڏھن اچان اچڻ نه لھان ڪڏھن ڪوٺيو نين ڪڏھن سڪان سڏ کي ڪڏھن ڳجھاندر ڳالھين اھڙا ئي آھين صاحب منھنجا سپرين... باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️ دل جون ڳالهيون