• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وفا پلي

غزل

وفا پلي

پرين پيار پنهنجو ڀلائي نہ سگهندين،
لڙي لڙڪ پوندئي لنوائي نہ سگهندين.

ڪندو چيٽ جو چنڊ چانڊاڻ جڏهن،
سڏڻ مونکي گهرندين سڏائي نہ سگهندين.

تون رسمن رواجن جو پابند ٿيندين،
ملين ڀي ڪٿي مسڪرائي نہ سگهندين.

ڪري ياد مونکي تون روئي ڏيندين،
سبب جي پڇيو ڪنهن سڻائي نہ سگهندين.

سندم راهون ڏاڍيون ڪي پُرخار آهن،
وري وڃ ”وفا“ نينهن نڀائي نہ سگهندين..!
 
Back
Top