اڻ وسرندڙ يادون

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ باغي راشد ڪوٽڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2022۔

  1. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    اڄوڪي تاريخ 20 آگسٽ 2011 ع تي خانصاحب اعجاز علي پلي صاحب وريهن جي وڇوڙي جو ورلاپ ڏئي اچانڪ وڇڙي ويو، وڇڙي وڃڻ کي نو سال گذري ويا آهن پر محسوس ائين ٿي رهيو آهي هن مهل وڇڙيو آهي، "اعجاز وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين"

    اڻ ڪٿين ۽ اڻ وسرندڙ ساروڻيون جيڪي سدائين من اندر ۾ لهرن وانگي لُڇن ٿيون چڙهن ٿيون،

    ننگر ۽ ناڙيون پڳه کڻي پنڌ ٿئا
    بندر بازاريون سڃا سامونڊين ري.

    جڏهن ساوڻ رُت جي موسم سهسين سينگار ڪري ڪارا ڀورا ناسي نيرا بادل ٿر جي ڀورين ڀٽن تي پوٺن تي پلر جون پالوٽون ڪن تل ترائيون تار ٿين سيمون سايون ٿين گاهن جون گلزاريون ٿين محبوب جي مُرڪ وانگر سارو ٿر مهڪندو لڳي ان ميگھ ملهاري موسم ۾ (مرحوم) خانصاحب اعجاز پلي ٿر ننگرپارڪر گهمڻ اچي ۽ منهنجي جنم ڀومي ڳوٺ علو ڪوٽڙيو جو پاسو ڏئي وڃي سو سوال ئي پيدا ڪون ٿو ٿئي، پهرين چوندو هو ته منهنجي بابا عبدالڪريم پلي جا ناناڻا ۽ منهنجا ڏاڏاڻا مونکي مناسب نٿو لڳي جو پاسو ڏئي هليو وڃان،آخري دفعو ننگرپارڪر دوستن سان گهمڻ لاءِ جڏهن آيو تڏهن چيلهار ٽو مٺي روڊ تان وڃڻ ٿيو ننگرپارڪر گهمي وري واپسي به ان ساڳي روڊ تان ٿي جڏهن مٺڙيو موڙ وٽ پهتو تڏهن دوست کي چيائين ته يار گاڏي روڪ وار ڇاڇري جي روڊ طرف منھنجي ڏاڏاڻن جي ڳوٺ علو ڪوٽڙيو لازمي هلبو پوءِ آيو اهو سندس حسين زندگي جو آخري ڀيرو هو، هو يارن جو يار هو جيڪي چوڻو هوندو هو سو منهن مٿي چئي ڇڏيندو هو پوءِ مير بابو ٽالپر هجي يا مير طارق ٽالپر يا مير منور ٽالپر هجي يا نواب يوسف ٽالپر هجي يا ٺٽي جو عبدالواحد سومرو هجي غرض ڪون ڪڍندو هو اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندو هو دل جو صفا سچو انسان هو ڇا ته شخص هو جهڙو اندر تهڙو ٻاهر سندي تر جو ماڻهو هجي يا ٿر جو ڪم لاءِ اچي ته بروقت پنهنجو سمجهي ڪندو هو، جي سنگتي ساٿي دوست ڪنهن ڳالھ تان رسي رنج ٿيندا هئا ته هن وٽ پرچائڻ جا به گر هئا، بس موت جي ڪا مند ڪون هوندي آهي قدرت واري جي قلم سان تقدير ۾ لکيل مقرر ٽائيم تي اچي ويندو آهي،،،هزارين هليا ويا ڇڏي تخت تابينيون،
    اڀاڳو آگسٽ جو مهينو هجي ساري سنڌ تي ساوڻين جا وسڪارا ھئا مينهن مانڊاڻا ڪري رهيو هو اوڻيه تاريخ شام جا رنگ ڌنڌلا ٿي ويا فون آيو ته اعجاز پلي جلترنگي جوانيءَ ۾ دل جي اٽيڪ ۾ اسان کي ورهين جي وڇوڙي جو ورلاپ ڏئي وداع ڪري ان ڏورانهين ڏيھ ڏي هاڪاري هليو ويو جتان ڪو به واپس ناھي وريو، من مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته يار اعجاز به اسان کان اچانڪ هٿ ڇڏائي ويو، اسين هتان گاڏي ڪري روانا ٿياسين دل مڃي ئي نه پئي ﷲ ڪري ڪوڙ هجي ويچاري انسان جي دل ۾ اهڙي وقت عجيب و غريب ٻاراڻا خيال ايندا آهن اسان جا خانصاحب اعجاز پلي تي ناز هئا گاڏي شهر امراڻي پهتي ته امراڻي اوڇنگارون ڏئي چيو اعجاز ڊگهي سفر ڏي سڀني عزيزن ڀائرن خاندان دوستن کي هجر فراق ۽ غمن ۾ گڏي الوداع ڪري ويو، ٿو موڪليايان الوداع،
    رات جي سانت هئي سوڳواري ۾ سندس ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي ٻڏل هو صبح ٿيو نيل گگن تي گهنگهور گهٽائون گجي رهيون هيون وڏڦڙي وسڻ جا ويس ڪري رهيون هيون ڄڻ امبر به روئي رهيو آهي جنازي نماز کان پڄاڻا من گهري مشتاق جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ هزارين اکيون آتيون به هيون ته آليون به وڏي رش هئي آئون ان ماڻهن جي سمونڊ مان ڌڪا ٺيلها کائيندي وڃي وڻجاري جي کٽ کي ويجهو ٿيس تيسين مينهن جون ڪڻيون وڌي ويون ۽ وڏي ڏاڙهي واري مُلان چيو ته هاڻ بند ڪريو بارش وڌي وئي خلق گهڻي آهي، بس اعجاز پلي جي آخري ديدار ڪرڻ جي حسرت منهنجي روح ۾ ٻاٻري ڪنڊي وانگر ويهي وئي ڪيترا ورهيه وڇڙي کي ٿيا آهن پر اهو ڏک منهنجي اندر ۾ اڄ تائين کاٽ هڻي رهيو آهي، جي قيام مڙن ته ڪر اوڏا سپرين
    تهان پري سڄن واڌايون وصال جون.
    پوءِ هزارين گاڏين جي قافلي سان ٿر ۽ سنڌ جي ڪس واري ڳوٺ کيجراڙي ڏي روانا ٿياسين ان سفر ۾ آئون مرحوم اميرالدين ڪوٽڙيو جي ڪار ۾ هئس، رستي ۾ امير الدين چيو ته هيترا ماڻهو جڏهن عبدالڪريم گذاري ويو هو تڏهن به نه هئا اڃان گهڻن کي خبر ڪونهي، اسين گاڏيون ڪراس ڪندي ڪندي وڃي سندس آخري آرام گاهه تي پهتاسين تنهن وقت سندس مڙه هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي چڪو هو، دعا آهي شل رب پاڪ کيس جنت نصيب ڪري.
    جا ڀون پـيرين مون سا ڀون مٿي سڄڻين
    ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺا سون
    ڏينهن مڙئي ڏون اٿي لوچ لطيف چئي.

    (بقلم باغي راشد ڪوٽڙيو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو