صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
دل جي رولاڪي هئي ؛ لامڪان جو هَو سفر!
دل هوا تي هئي سوار ؛ خود خلا هئي دربدر!
شاھِ - ايران ڪانَ هو ؛ ڪا هئي خانم گگوش:
ديس فردوسي هيو ؛ ٿيو خميني بي- اثر!
مان هُيس يا ڪينَ هُس ؛ ڪو پتو ناهي پرين!
تون هئين ۽ تون هئين ؛ تون هئين بس سربسر!
ويدَ ئي بس ويدَ ھا ؛ سنڌ هئي ساڌو هيا:
ڪينَ ڪو سامي هيو ؛ ها دراوڙ رات - ڀر!
ڪهڪشائون ساڻ ھُون ؛ ڪائناتون ساڻ ھُون؛
بس خلا تي پَيرَ ھا ۽ هوا هئي همسفر!
مان عدم کان هُس اڳي؛ مان عدم کان پوبه هان؛
سمنڊُ هَو هڪ هم - عُمر ؛ وقت هو ٻيو همعَصر!
بيخوديءَ ۾ لکيل
پروفيسرساجدسومرو