غزل سنڌ جِي تاريخَ هُئي ؛ ناءُ جَي ڄڻ وَنجَھ ۾! ڪالڪان ديوي نه هئي ؛ نَينهَن جَبَلَ جِي هَنجَ ۾! تون نه روهڙي چئه ميان! ھي ازل جي آ اروڙ ؛ ساڌَ - ٻَيلي جو عروج : آ سَتين جي اَنجَھَ ۾! ڪونڀٽن جا ڪوٽ سڀ ۽ ٿرن جون ھُو ڀِٽون: زِيرِ ۽ ڪائي زَبَرَ : شاھَ جَي ڄڻ گنجَ ۾! ڪهڪشائون ٿيون لهن ؛ ڪائناتون ٿيون اچن: ھُو رنيءَ جو ڪوٽ ڏس! رات کان اڳ سَنجَھ ۾! دل رُئي ٿي شام جو ؛ دل رڙي ٿي رات جو: آ سڄي مڪلي اداس ؛ ڄڻ ٺٽي جي رنجَ ۾! سمجهاڻيون= ڪالڪان ديوي ۽ نَينهن جبل = اروڙ جا تاريخي ماڳَ ساڌُو ٻيلو ۽ سَتين جو آسٿانُ = سکر جا تاريخي ماڳَ وَنجُھ = ٻيڙيءَ يا ناءُ کي هلائڻ لاء ڪاٺيءَ جي لٺ يا ڇڙھَ/ هٿڻُ انجُھ = ڳوڙهو پروفيسرساجدسومرو