سنڌي ادب

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ باغي راشد ڪوٽڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2022۔

  1. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    ®ڪنھن تي به بيوفائي جو الزام ھڻي ڌار رستا نه ڪجن جڏھن ڏسجي ته ھاڻ رشتن ۾ ڀرم ناھي رھيو دوستيون دم ٽوڙينديون وڃن تڏھن پنھنجا قدم روڪي ڇڏجن ۽ خاموش ٿي وڃجي.

    ® وقت گھڻو ڪجھ بدلائي ڇڏيندو آهي ۽ اڻ وسرندڙ سبق پڙھائي به ڇڏي ٿو جنين ماڻھن کان سواءِ ھڪڙي ساعت به ڪون سرندي ھئي ھڪ پل جي اکين کان اوجهل ۽ ڏسڻ کان ڏور ۽ پسڻ کان پري ٿيندا هئا ته دل جھڙو سيني کان ٻاھر نڪريو ٿي اچي تڙپي ڦٿڪي پوندي هئي اڄ انھن جي ڪمي ته ضرور محسوس ٿئي ٿي ھر جاءِ پر اُھو سڪ ۽ ڇڪ اُھا اُڪنڊ ۽ اُڪير اُھا قلب جي ڪشش ۽ قرب وقت جي واچوڙن جي ور چڙهي ڄڻ فضائن ۾ منتشر ٿي ويو آهي.

    ®انھن ماڻھن جو تمام تمام گھڻو خيال رکجو جيڪي توھان جو قدر ڪن ٿا ۽ عزت پيار ۽ محبت سان پيش اچن ٿا حياتي مختصر سفر آھي خبر ناهي ڪڏھن ۽ ڪٿي بيوفائي ڪري وڃي.

    ® پھرين ڳالھ ته ڪنھن سان به وچن واعدو قول اقرارِ وفا جو عُھد نه ڪريو ڇو ته وقت جي تقاضا ھوندي آھي حياتي بيوفا آھي ساٿ اُتي ڇنندي آھي جتي ڏاڍي وڻندي آهي جڏھن زندگي وفاداري ناھي ڪندي ته پوءِ ڪنھن تي به الزام تراشي ڇو ڪجي ۽ واعدا ڇو ڪجن گڏ رھڻ جا ساٿ رھڻ جا!!
    واعدو ڪجي ته نڀائڻ جي به ڀرپور صلاحيت ھجي نه ته اصل ئي نه ڪجي ڇو واعدي شڪن تان اعتبار کڄي ويندو آهي جڏهن اعتبار کڄي ويندو آهي ته پيار جو رس ۽ چاھت جو چاشني کان وڌ چس بلڪل بس ٿي ويندو آهي.

    ® پيار ۽ محبت ۾ دغائون نه ڪجن جيترو ٿي سگهي وفائون ڪجن اگر وفا نه پھچي ته بيوفائيون ته نه ڪجن.

    ® پنھنجي دل جا راز فاش نه ڪجن اگر جي ٻڌائجن ته ڪو ھڪ رازدان ھجي جيڪو دوست مھربان ھجي ۽ راز جي اھميت کي ڄاڻندو ھجي ھر ڪنھن کي ٻڌائي پنھنجو پاڻ کي ھلڪڙو ڪڏھن به نه ڪجي ڇو ته مون اھڙا گھڻا ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي اندر پئي راز وٺي وري وڃي لوڪ سان سليندا آھن مختلف منصوبا جوڙيندا آهن.
    ® جي ڪنھن جي پرک وٺڻي ھجي ته رڳو آئينو سامھون رکو وزن جي خبر پئجي ويندي.

    ( باغي راشد ✍️)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو