سڄڻن جا ساريو سانگ "ڪتاب جو اڀياس ،ليکڪ جيئل اوڏ...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    "سڄڻن جا ساريو سانگ" ڪتاب جو اڀياس،ليکڪ جيئل اوڏ ...!
    فقير محمد سنڌي
    جهول ۾ تنهنجي سوين هزارين سالن جا شرمايا،
    ساريءَ دنيا تنهنجي در تان ڪئي فيض پرايا،
    موج ڀرئي مهراڻ جون مستيون تنهنجا اوج ڏس.

    [​IMG]
    ( شمشير حيدري )
    "سڄڻن جا ساريو سانگ " ڪتاب ۾ تاريخي ماڻهو ۽ يادون جو پهريون حصو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ تاريخي جايون ۽ ڳالهين جو تذڪرو ٿيل آهي. جيئل اوڏ جو تاريخ جي متعلق هي ٽيون ڪتاب آهي. جيئل اوڏ پنهنجي زندگيءَ ۾ تاريخ کي اوليت ڏني آهي. جيئل اوڏ جهڙا جينئس فرد سنڌي ادب ۾ آڳرين تي گهڻ جيترا آهن. ٻڌ سڌ تي گهٽ ڌيان ڏئڻ ۽ واضع تحقيق جو ڪم جيئل اوڏ پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو آهي. اهڙي انوکي سڌ هن ڪتاب ۾ آئيني جيئان نمايان نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ خوبصورت مورتي :ڪيرت ٻاٻاڻي جي مضمون ۾ تاريخي ڳالھ ڪئي آهي. "هو اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو 18 سالن تائين صدر رهيو جنهن پليٽ فارم تان هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لال سنگه اجواڻي، اي جي اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيرا ننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتم چنداڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان گڏ جي 16سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ 10اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو. ان سلسلي ۾ 52 اديبن پارليامينٽ جي سامهون ويهي بک هڙتال ڪئي ته اوهين اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪيو. هت اسان سنڌين جو هي حال آهي ته اسان 67سالن جي طويل عرصي ۾ به پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائي نه سگهيا آهيون. " سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي، ڇو ته سنڌي اديبن پهاڙ جيڏي جدوجهد ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مرحلي ۾ آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان جي سڀني يونٽن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري مضمون نگار، شاعر ۽ اسڪالر عيسي ميمڻ لکيو آهي، لکي ٿو ته :" جن سنڌو تهذيب کي جنم ڏنو ته ماڻهن جي مٿان ڇانو اڏي ڏني. اوڏ" لفظ جي لغوي معني آهي اڏيندڙ. سنڌ سميت برصغير ۾ اوڏن جون جگهون اڄ به موجود آهن جيڪي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهن ٿا. اهي مٽيءَ مان ٺهيل گهر برساتن، طوفانن، گرمين ۽ سردين کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪو دراوڙي نسل جي بچي ويل آخري نشانين مان هڪ نشاني آهي."
    سچائي جي پنڌ تي هلڻ لاءِ حافظ شيرازي به ڪمال جي ڳالهه ڪئي آهي.
    گر باد فتنہ ہر دو جهان رابهم زند،
    ما و چراغ چشم وره انتظار دوس.
    ( حافظ)
    " جيڪڏهن فتني جو اهڙو طوفان اٿي، جيڪو ٻنهي جهانن کي لوڏي وجهي ۽ زمين آسمان ختم ٿين. تڏهن به اهي ئي اسان جي اکين جا ٻڙندڙ ڏيئا هوندا. اھا ئي انتظار جي واٽ هوندي آهي."
    جيئل اوڏ به تاريخ کي روح جي ڪڙهي وانگر گڏڻ جي ڪوشش ۾ هر ويل رڌل آهي. تاريخي ماڻهو ۽ يادون ۾ 30 جي لڳ ڀڳ شخصيتن کي پرکيو آهي انهن جي ويجهو رهي ڪري سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل کي قلمبند ڪري عام پڙهندڙن تائين رسايو اهو ڪو آسان عمل ڪونهي جيڪو آسان ڏسڻ ۾ اچي پيو.
    ڪتاب جو انتساب، هي ڪتاب ارپيان ٿو
    ابي اتم ۽ امان گجر کي.
    ماڻهپي وارو ماڻهو، مضمون ۾ ادب شناس اختر جانوري لکي ٿو ته :" جيئل شل گهڻو جيئي، رڳو پنهنجي لاءِ ڪونه جيئبو آهي ٻين لاءِ به جيئو اٿائين. سندس خدمت ۽ فيض جاري رهيو آهي ۽ هن عمر جي پڇاڙي پهرن ۾ به ٻين لاءِ وهي، پريڪٽيڪل ۽ پرئگيٿڪ شخص، شيخ چلي وارا اجايا خواب نه ڏسي ۽ نه تصورن ۾ محل جوڙي، ڪم جو ماڻهو بس نه ته منجه ئي سھي جنبي ويندو ۽ پنهنجي وت وس ۽ اهليت آهر منجھ تيار ڪري وٺندو. "
    ڏک ۽ ڏکيون حالتون ڄڻ سنڌ کي تاريخي ورثي ۾ مليل آهن. لاڙڪاڻي جي وڻج واپار کي ڄڻ ڪي واسينگ نانگ سنگهي ويو هجي. ريلوي نظام نالي ماتر به نه رهيو آهي، لاڙڪاڻي جون ڪالونيون تباهيءَ ڏيک پئي ڏين ۽ اهڙين کوڙ ساريون تاريخي جايون آهن جن وجود هٿ وٺي ختم ڪيو ويو آهي. جيئل اوڏ اهڙن عمارتن ۽ عوامي هنڌن کي هن ڪتاب ۾ ڪونه وساريو آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس اعجاز سولنگيءَ لکيو آهي :" اوهان جي هٿن جي زينت بڻيل ڪتاب" سڄڻن جا ساريو سانگ "سنڌي ساهت جي چوٽيءَ ۾ ٽيون گل آهي. هن کان پهريان" سنڌ شناسي " ۽ منھنجو لاڙڪاڻو"نالي ٻه ڪتاب گل سوئي، سنجوئي ڳنڌي چڪو آهي. "
    ڪتاب" سڄڻن جا ساريو سانگ" ۾ يادگار تاريخي تصويرون جا البم به شامل آهن، جن ڪتاب اڃان رونڪ بخشي آهي. آخر ۾ جيئل اوڏ لاءِ لطيف سرڪار جون سٽون ته :
    ننڍڙو ته ڪوه، پر وکين آهي وترو،
    وڃيو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکيءَ جيئن پوءِ،
    اِن ڪُر سندو ڪوءِ، ميو ماٺو نه ٿئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو