• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دوست

ساھن جي تسبيح ۾ مون مٺا تنھنجو نالو ورد وظيفي وانگر پڙھيو آھي تنھنجي سار کان سواءِ ھڪ ساعت به پنهنجي دل کي غافل ناهي رکيو..!!

لاھيان جي نه چتان الا انين م وسران
مڙھيو منجهاران جيءُ منھنجو جن سين.

جڏھن ڪنھن جي اڳيان ڳالھايل لفظ پنهنجي معني وڃائي ويھن تڏھن پڪ سمجھو دلبريون دم ٽوڙينديون وڃن.!!
مند بدلجي ٿي تيئن تون به بدلجي وئين راڻا.

جڏھن ڪو سوالن جا ابتا جواب ڏيڻ لڳي تڏھن اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا آهن ۽ دردن سان دل ڀرجي ويندي آهي نيڻن مان ننڊون جلاوطن ٿي وينديون آهن اندر ۾ اداسيون ڇانوڻيون ھڻي ڇڏينديون آهن جڏھن من گُھريا محبوب ماڻھو واعدو ڪري وري واپس ناھن ورندا..!!
درد ماري ته ڇا ڪجي،
ڪو وساري ته ڇا ڪجي.

باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️
 
Back
Top