"جديد دور ،ٻولي ۽ ادب" ڪتاب جو اڀياس ،ليکڪ عيسي ميمڻ...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    "جديد دور، ٻولي ۽ ادب" ڪتاب جو اڀياس، ليکڪ عيسي ميمڻ ...!
    فقير محمد سنڌي.
    سَرها ڏٺم سي، جَني ساڃاھ سِراڻ سين،
    تيغ تَني جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.
    ( لطيف سائين )
    فرانسيسي مفڪر مارسل پروست جي بقول" اگر ٻولي نه هجي ها ته سماج درهم برهم هجا ها."
    سماج، تاريخي تڏهن بڻبو آهي جڏهن هن جي هنج ۾ تاريخ جو پڙ، ٻولي ،ارتقا، انقلاب ۽تبديليءَ کان وٺي ڪيئي سفر ڪري، انساني ذهنن ۽ حڪمت سان ڪتب خانن تائين رسي ٿو. اهو ئي ٻوليءَ جو مستقبل آهي. اهڙو ئي سنڌ جو جاکوڙي فرد عيسي ميمڻ به آهي جنهن مستبقل کي نظر ۾ رکندي" جديد دؤر، ٻولي ۽ ادب" تي هڪ معني خيز ڪتاب پيش ڪيو آهي جنهن جي اشد ضرورت هئي.سنڌي ٻولي پنهنجو ارتقائي سفر ، اوسر ۽ ادبي ڪارج کان ڊجيٽل دور تائين مشڪل سفر ڪري حقيقي روپ ۾ محفوظ ٿيندي پئي اچي.
    جديد دور، ادب ۽ٻولي جي خاني ۾ عيسي ميمڻ مادري ٻولين جو اڀياس، تاريخ جو هڪ پاسو تحقيق به آهي،جنهن ۾رهجي ويل غلطيون، ادب ۾ نظرين جو سوال، سائنسي دور ۾ سنڌي ادب، پنهنجي تر جي تاريخ ۽ ڪتب خانن جو سرسري جائزو به هن باب جي زينت بڻيل آهي . عيسي ميمڻ هڪ استاد ۽ اسڪالر جي حيثيت سان شاگردن سان گڏ سماجي مقصد، آزمائش وارن سوالن ۽ انهن جي حل لاءِ سجاڳيءَ جو راهي آهي. تڏهن ته ڪتاب جي مهاڳ ۾ زبير سومري هن ريت لکي ٿو ته :" عيسي جو شمار سنڌ جي بهترين نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو. سادا لفظ، وڻندڙ جملا، دلڪش اسلوب، خيالن جو ربط ۽ استعاراتي ٻوليءَ جون خوبيون، عيسي جي سهڻي نثر نويسيءَ جو بينظير نمونو آهن. سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هن ڪتاب جو دان هڪ خوبصورت واڌاري سان گڏوگڏ عيسي جي هڪ ڀرپور ادبي حيثيت ۽ مڃتا جو دليل آهي. "
    ڪتاب جو ٻيو حصو" فڪري نصاب "تي مشتمل آهي،جيڪو انتهائي خوبصورت، نظر ۽ ذهن کي ادب ۾ آسودگي جو احساس محسوس ٿئي ٿو. عيسي ميمڻ جهڙا قابل سوچ ويچار ڪرڻ وارا ذهن ڄڻ تاريخ کي سنوارڻ جي مناسب سمجهاڻي پيش ڪري ٿو. ٻئين باب ۾ عيسي ميمڻ تاريخي سوال پيش ڪري محدود دائري کي وسيع ڪري پيش ڪيو آهي. جيئن فاشزم ڇا آهي؟ رياست ڇا آهي؟ بنياد پرستي ڇا آهي؟ سماج ڇا آهي؟ ڪلاسيڪل ادب ڇا آهي؟ اهڙن سوالن تي عيسي ميمڻ مضمونن جي صورت ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي . جيئن پڙهندڙ سنڌي ادب جي دائري کي آسانيءَ سان سمجهي هڪ سٺي معلومات کان محروم نه رهي. هر سوال نامي تي عيسي ميمڻ خوب محنت ڪئي آهي. جيئن هر پڙهندڙ جي ذهن کي حوصلا افزائي ملي سگهي.
    اسٽيفن ڪارنر جو ذهني خاڪو آهي ته :" فلاسافي معني اهڙي ڪوشش جيڪا نظرياتي مسئلن کي نظرياتي طريقي سان حل ڪري." جديد دور ۾ عيسي ميمڻ تاريخي، علم، ٻولي ۽ ماڳن جو ربط جوڙيو آهي.
    ڪتاب جو ٽيون حصو، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جي زندگيءَ تي آڌاريل آهي. عيسي ميمڻ وٽ دسترس سان گڏ عشق به آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جا جملا آهن ته :" دنيا ۾ ڪي اهڙا انسان به آهن جن کي ڏٺي بنا، مٿن عاشق ٿي وڃبو آهي " لطيف سائينءَ ڪهڙو نه سٺو فرمايو آهي.
    ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين!
    عيسي ميمڻ جو عشق سنڌي ادب ۽ٻوليءَ سان نمايان نظر اچي ٿو. تڏهن ته هيٺين فردن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، تنوير عباسي، تقي شاھ، مسلم شميم، مختيار گهمرو، نويد ناز ڀٽي، نجم سرهيو، فهميده رياض، محمد علي پٺاڻ، ڪوڙل قربدار، اختر پيا، ڀائو در محمد ٻرڙو، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، استاد پيرل قنبر، مسڪين جهان خان کوسو ۽ ڊاڪٽر زيد پيرزادو شامل آهن. جن جي تخليق، جدوجهد ۽ ادب جو فڪري پس منظر يا پيش منظر عوامي آهي ۽ اهي عوام جو اتساھ جو سبب پڻ آهن . اهڙو اتساھ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي نامياري شاعره سيما عباسي به پيش ڪيو آهي، لکي ٿي ته :" بيشڪ عيسي ميمڻ ٿوري عرصي ۾ پنهنجي شخصيت جي بردباري ۽ قلم جي تاثير کي مڃرائي ڏيکاريو آهي. هن جي مزاج جي مستقل مزاجي تحقيق کان وٺي طبعزاد تحريرن تائين ادب سان هن جي سچي ڪمٽمينٽ جو کليل ثبوت رهي آهي."
    افلاطون جو چوڻ آهي ته ادب انسان جي ڪردار جي تعمير ۾ هڪ قومي عنصر آهي، ڇاڪاڻ ته فرد انهن جو ئي نقل ڪندا آهن، جيڪي فرد انهن جي تعريف جو مرڪز هوندا آهن."
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو