منان چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2023۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    وارهه جي تاريخي شخصيت ڪامريڊ منان چانڊيو جي سار جو ڏينهن
    ابراهيم لاشاري
    پنهنجي ڌرتي سونهاري سنڌ صدين کان وٺي ڪيتريئن شخصيتن کي پنهنجي ڪک منجهان جنم پئي ڏنو آهي ڪيترائي املهه انسان هن رنگا به رنگي جهان منجهه پنهنجي ڪم ۽ ڪردار سان اهڙو ته نالو روشن ڪيو اٿن جو هر ماڻهن جي دل جي ڌڙڪن ، دل جو آواز بڻيل نظر ايندا آهن .اڄ منهنجي جنم ڀومي وارهه شهر جي هڪ نرالي شخصيت هزارين ماڻهن جي ڏکن جو آواز بڻيل دلربا انسان ڪامريڊ منان چانڊيو 61 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي رب کي وڃي پرتو ، هن جي موت ،هن جي ابدي آرامي جي خبر وارهه واسين لاءِ ڄڻ آسمان مان وڄ ڪرڻ جي برابر هئي جنهن جتي به اها خبر ٻڌي ان پنهنجي پنهنجي سوشل ميڊيا وسيلي (فيس بڪ ) جي اڪائوٽ تي هن جي هٿ منجهه قلم ۽ ڪتاب واري تصوير کي رکي خاندان ۽ وارهه واسين سان ڱڏ ڏک پئي ونڊيو هر طرف سوڳ واري فضا ڇايل نطر پئي آئي پاڻ ڪامريڊ منان چانڊيو اک جي غلط آپريشن سبب بيماري جي بستري تي مسلسل ٻه ٽي مهينا آزار واري زندگي سان جنگ پئي ڪئي هن ارڏي انسان، بيباڪ ، ڪالم نگار بيماري جي بستري هوندي به وارهه واسين کان پنهنجي شهر جي امن امان يا ٻئين مسئلن جهڙوڪ ،بجلي جو آزار ، گيس جو گهٽ پريشر ، واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه اچڻ جي ڄاڻ وٺندو رهندو هو . هن جي زندگي سان اهو قهر لاڙڪاڻي جي اکين جي ڊاڪٽر غلط آپريشن ڪرڻ جي سبب ٿيو نيٺ ڪامريڊ منان چانڊيو کي مجبور تي غربت سبب سندس جي ذهين اديب پٽ عرفان منان چانڊيو پنهنجي شفيق پئ جي زندگي بچائڻ لاءِ وڏن هيلن سان ڪراچي سول اسپسال منجهه وڃي داخل ڪرايو جتي ڪامريڊ منان چانڊيو جو علاج هلندو رهيو پر مجال ڪو ! (ڦڪيوفرق ڪن) ، وارهه جي هر شعور رکندڙ ماڻهو هر وقت ڪامريڊ منان جي بهتر صحت لاءِ دعائون پئي گهريو دعائون سان گڏ مالي سهائتا پڻ پئي ڪئي علائقي جي ايم پي اي نوبزاده برهان خان چانڊيو صاحب پڻ عيادت ۽ مالي مدد ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ورتو مڱر ( لکي منجهه نراڙ قلم ڪياڙي نه وهي ) واري صورتحال بڻجندي وئي نيٺ هي بيباڪ ،سچو ،کرو ، ارڏي شخصيت جي مالڪ انسان پنهنجي موڀي پٽ۽ گهر ڀاتين پنهنجي وارهه واسين کان اوچتو موڪلائي 1 آڪٽوبر 2021ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن ڪراچي جي سول اسپتال ۾ 61 سال 7 مهينا 4 ڏينهن زندگي جا گذاري وڃي رب پاڪ کي پرتو ڪامريڊ منان جهڙا انسان ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن، هن بهادر شخصيت جو جنم 27 فيبروي سال 1960ع ڇنڇر ڏينهن چاچي سعدالله (صاحباڻي ) چانڊيو جي گهر تعلقي وارهه اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي هاڻوڪي قمبر شهدادڪوٽ منجهه ٿيو هو . ڪامريڊ منان جا والدين پڙهيل لکيل نه هئا تنهن هوندي هنن پنهنجي چڱي مڙس رئيس جهان خان چانڊيو جي ڳوٺ منجهه قائم پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان ڪجهه وقت نصابي تعليم پرائيندو رهيو . ڪامريڊ منان چانڊيو جي والدين کي اها پروڙ ڪانه هئي ته اڳتي هلي اسان جو هي پٽ وڏو ڪالم نگار ، ٿي ماڻهن جي اهنجن ،دردن ، ڏکن ، سورن کي پنهنجي ڏات ۽ قلم وسيلي اعلي ايوانن تي پهچائڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيندو ۽ ادبي لڏي جي ماڻهو ۽ علائقي واسي ( ڪامريڊ منان ) ڪري ڪوٺيندا رهندا . مڱر ڪامريڊ منان غربت سبب پاڻ پنهنجي والد جي مدد ڪرڻ هٿ ونڊائڻ ۾ مال چارڻ کي ترجيح ڏنائين، پاڻ ننڊي وهي کان وٺي غريبن مسڪين ماڻهن جي سورن کي محسوس پيو ڪندو هو هو عمر ۾ لائق بڻيو ته پنهنجي ئي مائٽ ڪامريڊ الهرکيو چانڊيو (فدائي ) کان سياست جا گر پئي سکيو ،وارهه جي سياسي سماجي شخصيت هارين جو يار قاضي غفار وٽ اچي رهاڻيون ڪندي رسول بخش پليجو جي فڪر واري نظرئي واري تنظيم (عوامي تحريڪ ) منجهه سنڌي هاري ڪاميٽي جو ميمبر بڻيو. اهو 1980ع وارو ڏهاڪو هو جلد وري ايم آرڊ ي تحريڪ شروع ٿي ته پاڻ گرفتاري پڻ ڏنائين ڪيترائي مهينا ڪاٺ اندر اسير ٿي رهيو فڪر پليجو سان تعلق قائم ڪيائين ته هر ننڊي وڏي شهر منجهه جڏهن به جلسو ٿيندو هو ته پاڻ وڃي پهچندو هو ۽ پنهنجي شهر جي ڪامريڊ سرتاج چانڊيو ،کاهوڙي غلام مصطفي چانڊيو ، الطاف چانڊيو ،ڪامريڊ نظير ڇٽو ، محمد پنهل گاڏهي ، اقبال ابڙو ، محب مشتاق ڇٽو ، ظفر قاضي ، مرحوم عبدالخالق ڇٽو ،۽ ٻين ساٿين سان گڏجي عوامي تحريڪ کي وارهه ۾ واهه جو مشهور ڪري جلسن جلسون عوامي مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ کي زور پئي پڪڙايو، ڪامريڊ منان اتي وارهه ۾ ڪنهن به ماڻهو سان ناانصافي ٿيندي هئي ته هو ان جي آڏو هوندو هو ، هوهر ٿيندر مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهندو هو ، ڪامريڊ منان چانڊيو سماجي ڪمن ۽ ادبي ڪمن ۾ پڻ گهري دلچسپي رکندي نظر آيو ، وارهه منجهه تعليم جي وڌندڙ رجحان کي مدي نظر رکندي پاڻ جهولي فنڊ ڪري (قاضي غفار ) نالي پبلڪ لائبريري جو بنياد وڌو جتي وارهه جا ننڊا توڙي وڏا شعور رکندڙ ماڻهو اڄ ڏينهن تائين لاڀ پئي حاصل ڪيو. ڪامريڊ منان سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه سان به سلهاڙيل رهيو. ڪامريڊ منان چانڊيو سال 2007ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس جي پهرين لکڻي سکر کان جاري ٿيندڙ روزاني اخبار (پاڪ سنڌ ) ۾ ڇپجي آئي پوءِ هن جو جو قلم مرڻ گهڙي تائين جاري ساري رهيو. ڪامريڊ منان سنڌ جي ڪيترن ئي اخبار منجهه ڪالم لکي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو سندس جي لکڻين کي روزاني ڪوشش اخبار جي ذهين ايڊيٽر نعمت کهڙو مناسب جاءِ ڏيندي ڪامريڊ منان کي شهريت جي بلندي تي پهچايو ، ڪامريڊ منان جسماني طور ته اسان کان ڌار ٿي وڃي ابدي آرامي ٿيو ڪامريڊ منان جي نماز جنازه ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان ادبي ،سياسي ، سماجي لڏي جي دوستن وارهه هاءِ اسڪول جي ميدان تي گڏ ٿي نمازجنازه ادا ڪئي ڪامريڊ منان ته واقع ڏور هليو ويو هاڻ هو ورسي واري ڏينهن ياد ڪيو ويندو ڪامريڊ منان سوڳوارن منجهه هڪ گهرواري هڪ پٽ عرفان منان ۽ ٻه نياڻيون ڇڏي ويو ، پٽ عرفان منان ۽ نياڻي مرڪ منان چانڊيو ادبي لڏي سان جڙيل ۽ پنهنجي والد جي ڪرت سان سلهاڙ نظر اچن ٿا. والد جي وڇوڙي بعد هو واره جي هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي کي پنهنجي لکڻين جي زينت بڻائيدا رهن ٿا .تازي مينهن منجهه ڪامريڊ منان چانڍيو جو وارهه وارو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو آهي ڪامريڊ منان چانڊئي جا گهر ڀاتي هن وقت ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن تنهن باجود هن جي ليکڪه نياڻي مرڪ منان وارهه ۽ ان جي آس پاس لاڙڪاڻي جي بي گهر ٿيل ٻوڏ ۽ مينهن جي ماريل ماڻهن جي چندو ڪري سهائتا ڪرڻ منجهه مصروف نظر اچي ئي . اڄ پهرين آڪٽوبر 2022ع ڇنڇر ڏينهن ڪامريڊ منان چانڍيو جي پهرين ورسي جو ڏينهن آهي اڄ ڪامريڊ منان جي ورسي سادگي سان وارهه منجهه ملهائي ويندي . ______________________​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو