حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڪٿا........ ڊاڪيومينٽري اسڪرپٽ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2023۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڪٿا.........
    غلام رسول چانڊيو
    قديم اٿينس جا جيل زنجيرن جي نالن سان مشھور ھئا. روم ۾ سڀ کان پھريان ڏوھن ڪرڻ تي سزا ڏيڻ جا اصول طئي ڪيا ويا ۽ قيدين کي مختلف جاين ۽ ھنڌن تي قيد ڪرڻ جو رواج پيو. لوھي پڃرن کان عوامي عمارتن جي تھ خانن ۾ ماڻھن کي قيد ڪرڻ جون ريتون پيون.
    جيلن جي دنيا قبل مسيح کان گھڻو اڳ روم کان شروع ٿيل ٻڌائي وڃي ٿي. آمريڪا ۾ 1790ع دوران ”فلا ڊيلفيا“ ۾ پھريون جيل قائم ٿيو. ڪيترا ماڻھو ان ڳالھ سان اختلاف رکن ٿا پر ميسر تاريخ موجب اھو ئي ٻڌايو وڃي ٿو. اھڙي طرح ”ڪارنھل“ نالي انگلينڊ ۾ 1625ع ۾ باقائده جيل قائم ٿيو. ھيءَ ڳالھ به دل سان نه ٿي لڳي جو برطانيه جي تاريخ پراڻي آھي. ڪارنھل جيل انگريزن وچ ٿيل گھرو ويڙھ ۾ استعمال ٿيو. چون ٿا ته لنڊن قيدخانن جو خالق آھي، ”جرمي بنٿم“ اتان جو پھريون فلاسافر ٻڌايو وڃي ٿو، جنھن موت جي سزا جي سخت مخالفت ڪئي ۽ خيال پيش ڪيائين ته ثابت ٿيل ڏوھاري لاءِ موت جي سزا بجاءِ ھڪ اھڙو قيد خانو جوڙيو وڃي، جنھن ۾ ھو طئي ٿيل عرصي تائين قيد رھي.
    تاريخ جا وڌيڪ پنا اٿلائجن ٿا ته جيلن جي ڪھاڻين جا قصا ھڪ ھزار سال قبل مسيح ۾، ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي قديم تھذيبن تائين وٺي وڃن ٿا.
    ھن ڌرتيءَ جي گولي تي قيد جي تاريخ پراڻي آھي. ديوارن، کولين، بئرڪن ۽ ڪال ڪوٺڙين کي ڇڏي ڪري، انساني تھذيب جي اوائلي شڪلين ٿي غور ڪبو ته تھذيبي حسناڪين سان گڏ دارَ تي چڙھڻ ۽ قيد جون ڪيئي ڪھاڻيون، آھون ۽ دانھون ڪندي ملنديون.
    ننڍي کنڊ جي تاريخ جتي تصوف جي تاريخ آھي ته اتي قيد جي تاريخ به آھي. لشڪر ڪشين ۽ قبضن جي ڀيانڪ تاريخ ننڍي کنڊ سان به گھٽ نه ڪئي آھي. جڏھن جڏھن گھوڙن جون ھڻڪارون ٿيون ته ننڍي کنڊ جا گھر ۽ ويڙھا به جيل بڻيا. انگريز دور کي ئي ڏسجي ته اھو دور مزاحمتن، قيدَن ۽ سورِيُن تي چڙھڻ جو دور ھيو ۽ پوءِ جڏھن انگريز ھتان ھليا ويا ته پاڪستان جو وجود پيو. انگريزن سنڌ ۾ 5 وڏا جيل ٺاھيا ۽ ننڍا جيل ته اڻ ڳڻيا ھيا. انھن وڏن جيلن مان حيدرآباد جي ھيءَ سينٽرل جيل به ھڪ آھي.
    حيدرآباد سينٽرل جيل جي اوچين ديوارن ۾ نه رڳي تاريخ جي وڏن ماڻھن قيد ڪاٽيو آھي پر ھتي سورھيه بادشاھ جھڙي دلير پٽ ۽ باغي به ڦاھيءَ جي ڦنڌي کي بھادريءِ سان ڳچيءَ جو ھار بڻايو ھيو. سينٽل جيل حيدرآباد جون اوچيون ديوارون تاريخ جا ڪيئي قصا بيان ڪن ٿيون.
    ھي جيل 1894ع ۾ قائم ٿيو، پر ان جو پھريون جيل سپرنٽنڊنٽ ڪير ھيو وارو سوال اڄ به پنھنجو جواب تلاش ڪري رھيو آھي.
    مليل رڪارڊ موجب 1933ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل جو پھريون جيل سپرنٽنڊنٽ انگريز عملدار آر، جيِ جيپ ھيو، جڏھن ته 1934ع کان 1943ع تائين ليلا رام جيل سپرنٽنڊنٽ رھيو، سندس ئي دور ۾ سورھيه بادشاھ کي مارچ 1943ع تي ڦاسي ڏني وئي ھئي، ليلا رام کي سورھيه بادشاھ جي ڦاھيءَ کان پوءِ تڪڙو ھٽائي 27 اپريل 1944ع تي گيانچند کي حيدرآباد سينٽرل جيل جو سپرنٽنڊنٽ بڻايو ويو. اھڙي طرح ترتيب وار جيل سپرنٽنڊنٽ مقرر ٿيندا رھيا
    آسودو مل 27 اپريل 1944ع
    ٽي پي ڀاواني 2 جنوري 1946ع
    جي ڊبليو لانگ مين 16 آڪٽوبر 1947ع، پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ مقرر ٿيو.
    ايڇ اي آفندي 20 جون 1949ع
    ايڇ ايڇ ايم بلوچ 18 آڪٽوبر 1950ع
    الله بخش شيخ 18 آگسٽ 1952 ع تي جيل سپرنٽنڊنٽ مقرر ٿيو، ان کان پوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل لاءِ مختلف جيل سپرنٽنڊنٽ مقر ٿيندا رھيا.

    (بورڊ کي آھستي سلو موشن ۾ رکڻو آھي)
    ھن وقت عبدالڪريم عباسي جيل سپرنٽنڊنٽ ( ايس ايس پي) آھي جيڪو ٻڌائي ٿو ته سينٽل جيل حيدرآباد سنڌ جي جيلن ۾ تاريخي اھميت رکڻ سان گڏ حساس جيل آھي.
    عبدالڪريم عباسي (مختصر)
    SOT
    حر تحريڪ جا گوريلا رڳي انگريز سامراج طرفان لوڙھن ۾ قيد نه ڪيا ويا ھيا پر ھن جيل جون کوليون ۽ بئرڪون به انھن حرن جي قيد جو شاھديون ڏيئي رھيون آھن جيڪي انگريز سامراج خلاف وڙھندي گرفتار ٿي ھن جيل ۾ واڙيا ويا. ھن جيل ۾ ڪيترن ئي حرن کي ڦاھيون ڏيئي انگريز سامراج پاران سندن خلاف ھلندڙ گوريلا جنگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر حرن ڪنھن به جبر اڳيان جھُڪڻ بجاءِ ڦاھين جا ڦنڌا ڳچين ۾ وجھي سرھا ٿيا. ڊاڪٽر دودو مھيري پنھنجي قيد جي ڪھاڻي ٻڌائيندي ان کوليءَ جو به ذڪر ڪري ٿو جتي سورھيه بادشاھ قيد ڪاٽيو ۽ بعد ۾ کيس دار تي چاڙھيو ويو. ڊاڪٽر دودو ٻڌائي ٿو ته؛
    ............
    ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت دوران جڏھن نعپ پاران سندس خلاف وڏي تحريڪ ھلي ھئي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي توڙي ملڪ جي ٻين علائقن جا سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيدي بڻايا ويا ھيا.
    ساٽ ڊاڪٽر دودو مھيري......
    جنرل ضيا جي آمريت خلاف سنڌ جيڪا وڏي جمھوري تحريڪ ھلائي ۽ 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي نالي سان جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ سنڌ جڏھن بغاوت تي لھي آئي ۽ شھرن ڳوٺن ۾ ھڪ ڀرپور مزاحمت ڪئي ته ھزارين ماڻھو قيد ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل آندا ويا، ھاڻ ھن جيل جا اصول ختم ٿي ويا، نه اڇو وارڊ رھيو نه ڪارو وارڊ، ھي جيل ھجومن سان سٿجي ويو، ھاڻ جيل ۾ قيدين جا قانون لاڳو ٿي ويا. ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪيترن ھيرن کي ھتي ڪوڙا به لڳا. ڊاڪٽر دود مھيري سميت ٻين ڪيترن ماڻھن کي سينٽرل جيل ۾ ڪوڙن ھڻڻ جو سزائون به مليون. ڪوڙا ڪيئن لڳندا ھيا، ان متعلق ڊاڪٽر دودو ٻڌائي ٿو؛
    ......ڊاڪٽر دودو مھيري.....
    سزا آفته قيدين لاءِ اڇو وارڊ ھوندو ھيو، مختصر عرصي وارن قيدين کي وري جيل پارٽي چيو ويندو ھيو جن کان پارڪن جي سار سنڀال ۽ ڀاڄيون پوکڻ جو ڪم ورتو ويندو ھيو.
    حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سياسي قيدي پھچندا ھيا تڏھن به سندن سياسي جدوجھد ختم نه ٿيندي ھئي. ھن جيل ۾ سياسي قيدي ٽي ٽي مھينا به بک ھڙتالون ڪندا ھيا ۽ صرف لوڻ پاڻيءَ تي گذارو ڪندا ھيا.
    جڏھن ڄام ساقي کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو ته کيس تمام گھڻيون سختيون ڏنيون ويون، ان لاءِ سياسي قيدين ڪيئن بغاوت ڪئي؟ ان جو قصو ڊاڪٽر دودو مھيري ڪجھ ھن ريٽ ٻڌائي ٿو؛
    .......ڊاڪٽر دودو........
    کاٻي ڌر جو اڳواڻ امداد چانڊيو ۽ ڊاڪٽر شير محمد مڱريو کي به جنرل ضيا جي دور ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو ھيو ۽ کين ڏھ ڏھ ڪوڙا پڻ ھنيا ويا ھيا. ڊاڪٽر شير محمد مڱريو ۽ امداد چانڊيو مجموعي طور 7 سال جيل ڪاٽيو ۽ امداد چانڊيو پاران بي اي جو امتحان به جيل ۾ ڏنو ويو ھيو. جنرل ضيا جي آمريت خلاف جھيڙيندڙ ٻين اڻ ڳڻين ماڻھن سان گڏ شاگرد اڳواڻ ڏاڏو متارو ڏاھري، ھن وقت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل محمد سليمان ڏاھري، ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ، ڊاڪٽر خان محمد لغاري، عنايت ھيسباڻي،محمد خان سولنگي، اسرار لانگاھ، مرحوم وزير لاکو، حسن راڄڙ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا سياسي قيدي ھن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رھيا. سينٽرل جيل حيدرآباد جون ساروڻيون ٻڌائيندي امداد چانڊيو چوي ٿو ته؛
    .......امداد چانڊيو.......
    جنرل ضيا جي دور ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ انتھائي غير معياري کاڌو ڏنو ويندو ھيو جنھنڪري اڪثر قيدي بيمار ٿي پوندا ھيا. سياسي قيدين جي مزاحمتن جي نتيجي ۾ کين بند وارڊ ڪرڻ ۽ ڏنڊا ٻيڙيون ھڻڻ عام ڳالھ ھئي. حيدرآباد سينٽرل جيل رڳي سياسي قيدين لاءِ نه ھيو، ھتي وڏن ڌاڙيلن ۽ ڏوھاري ماڻھن به قيد ڪاٽيو. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ جھاز ھاءِ جيڪنگ جا قيدي به ھن جيل ۾ رھيا ته سئو سالن جي سزا مليل پريل مري به ھن جيل ۾ رھيو. اھڙي طرح مشھور ڌاڙيل پرو چانڊيو جو سمورو خاندان به سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيدي رھيو.
    بھادر سياسي قيدي جڏھن آمريتي عدالتن ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پھچندا ھيا ته سندن دليري کي داد ڏيڻ کان رھي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر دودو مھيري ڪجھ ھن ريت ٻڌائي ٿو؛
    ......ڊاڪٽر دودو مھيري....... (ھتي ميجر جو لفظ ڪٽي ڇڏڻو آھي، باقي جج جو نالو رکڻو آھي.
    جيل سپرنٽنڊنٽ جيل جا بادشاھ ھوندا ھيا، ھو جڏھن جيل جو دورو ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا ته قيدين ۾ دھشت ڦھلجي ويندي ھئي، سڀئي قيدي ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھندا ھيا ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ دھشت جي علامت ھوندو ھيو.
    ڊاڪٽر دودو.........
    جنرل ضيا جي آمريتي دور ۾ جيل ڪنھن تربيتي اداري بجاءِ دھشتن جا آماجگاھ ھيا. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ٻاھر ته ماڻھن تي بدترين تشدد ٿيندو ھيو پر جيلن ۾ به سياسي توڙي ڏوھاري قيدين کي عذاب ڏنا ويندا ھيا. حيدرآباد سينٽرل جيل جو قيدي سليمان ڏاھري وڪيل جيل جي ماحول متعلق ٻڌائي ٿو ته؛
    ......... سليمان ڏاھري.........
    جديد دنيا ۾ جيل تربيت گاھ بڻيل آھن، پر اسان جي ملڪ ۾ جيل جا عقوبت خانه ماڻھن کي سماج ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ خطرناڪ ڏوھاري ڪري موڪلين ٿا. ان سلسلي ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد جي قيدي ۽ ھن وقت انساني حقن سنڌ جي چيپٽر جي ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو ٻڌائي ٿو ته جيل مينوئل تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو؟ ۽ ملڪ جا جيل قيدين سان ڪھڙو ورتاءُ ڪن ٿا؛
    ........امداد چانڊيو.........
    85 ايڪڙن تي ڦھليل ھن جيل ۾ مليل رڪارڊ موجب 216 سياسي ۽ ڏوھاري ماڻھن کي ڦاھيءَ تي چاڙھيو ويو آھي، پر جيل جيترو پراڻو آھي ته ڦاھيون چڙھيل ماڻھن جو انگ وڌيڪ ھوندو. سورھيه بادشاھ جي ميت ڪٿي آھي واري سوال جو جواب نه ته جيل انتظاميه وٽ آھي نه ئي ان جو ڪو رڪارڊ موجود آھي، ائين به ٿي سگھي ٿو ته سورھيه بادشاھ جي رڪارڊ کي خفيه رکيو ويو ھجي. ھن وقت تائين عمر قيد جي سزا مليل قيدين جو انگ 994 آھي، يعني موجود رڪاڊ موجب جڏھن کان جيل ٺھيو آھي، تڏھن کان 994 ماڻھن عمر قيد ڪاٽيو آھي. ھن جيل ۾ قيدين سان ملاقاتون ڪرڻ لاءِ روزانه اڍائي سئو کان ٻاويھ سئو ماڻھو اچن ٿا. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ھلندڙ ڪيسن جا قيدي ھن وقت 573 آھن، جيل انتظاميه موجب ھن وقت جيل اندر صرف ھڪڙو ڦاسي گھاٽ آھي پر ان جي جلاد جي معلومات ڏيڻ کان ڪترايو وڃي ٿو. جيل ۾ کاڌي جي معيار جي حوالي سان جيل انتظاميه دعويدار آھي ته قيدين کي بھترين کاڌو مھيا ڪيو وڃي ٿو ۽ جيل اندر پيش امام ۽ مسجد پڻ آھي. جڏھن ته سزا ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به قيد ڪاٽيندڙ قيدين جو انگ نه ٿو ٻڌايو وڃي ۽ اھو چيو ٿو وڃي ته ھڪ به اھڙو قيدي نه آھي. جيل سپرنٽنڊنٽ جي دعوا آھي ته جيل مينئول تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ بيمار قيدين لاءِ اسپتال جا بھتر انتظام موجود آھن. بھرحال ڪيترن سوالن جا جواب جيل انتظاميه وٽ نه ھيا يا ڪن سببن جي ڪري انتظاميه جواب نه ڏنا.
    سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 1527 قيدين جي گنجائش آھي پر ھن وقت اتي 2015 قيدي آھن، جڏھن ته 35 بئرڪ ۽ 206 سيل ٺھيل آھن. جڏھن ته قيدين کي مختلف ھنر سيکارڻ ۽ پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ به جيل ۾ انتظام ٿيل آھن. سينٽرل جيل ۾ ھڪ لائبريري به آھي.
    ........جيل سپرنٽنڊنٽ.......
    بھرحال جيل انھن ماڻھن لاءِ جوڙيا ويا آھن جيڪي قانون ٽوڙين ٿا يا وري ڪي ڏوھ ڪن ٿا ۽ جيلن جو مقصد انھن ماڻھن جي تربيت ڪري سماج ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ آھي پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ ھڪ ته جيل مينيوئل تي بنھ نه ھئڻ جي برابر عمل ٿئي ٿو ۽ ٻيو وري جيل جي ماحول کي انسان دوستي بجاءِ جبر ۽ ڏاڍ جو ھڪ اھڙو گھر بڻايو ويو آھي جتان قيد ڪاٽي ايندڙ ماڻھو سماج ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ ناڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. تنھنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته جيل سڌارن تي سختيءَ سان عمل ڪري انھن کي تربيت گاھ بڻايو وڃي ۽ قيدين سان انساني ورتاءُ اختيار ڪندي، کين صحت، تعليم ۽ ٻيون انساني ضرورتون پوريون ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن قيد ڪاٽڻ کان پوءِ اھي قيدي بھترين انسان ٿي سماج ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.




    [​IMG]
    ReplyForward
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو