خيرپور ميرس جي تاريخ...... ڊاڪيومينٽري اسڪرپٽ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2023۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    خيرپور ميرس جي تاريخ......

    غلام رسول چانڊيو


    کجين جي شھر خيرپور ميرس جا بنياد ڪيئن پيا؟ ڪنھن وڌا ۽ ڪڏھن ھن شھر وجود ورتو؟ وارا سوال تحقيق جو ائين انتظار ڪري رھيا آھن جيئن سنڌ جا ٻيا شھر توڙي تاريخي ماڳ! سنڌ پنھنجو اُتھاس تلاش ڪري رھي آھي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ کي سوُنھان گھٽ ۽ درٻاري سَرس مليا آھن، ڪنھن کي يارين دوستين جو لاچار آھي ته ڪنھن کي وري نظرين جا قيد! سو سنڌ جو اصل سچ، سامھون اچڻ لاءِ ھي حسين وادي عرصي کان انتظار ڪري رھي آھي.

    توڙي جو اتر سنڌ جي ڀلوڙ شھر خيرپور ميرس کي اڏڻ يا ان جا بنياد وجھڻ کي ميرن ٽالپرن سان ڳنڍيو وڃي ٿو پر لڳي ائين ٿو ته ھي شھر تمام گھڻو پراڻو آھي، ميرن ان شھر کي ترقي ضرور وٺرائي ھوندي پر شھر جي بنياد وجھڻ واري اھم سوال تي کوجنا ڪرڻي پوندي.

    ٽالپر حڪمرانن جو دور سنڌ جي علائقن کي ونڊي ورھائي حڪمراني ڪرڻ جو دور چيو وڃي ٿو، ان ڪري جنھن علائقي تي جيڪو به ٽالپر حڪمران رھيو ھيو، ان پنھنجي علائقي ۾ حڪومت قائم ڪري ڪي چڱا ڪم به ڪيا ته وري ڪٿي سازشن جو جھان به ھلندو رھيو.سو خيرپور ميرس جنھن کي رياست خيرپور به سڏيو ويندو ھيو، ان کي به ڪنھن حد تائين ٽالپر حڪمرانن ترقي وٺرائي پر خيرپور ميرس شھر جي بنياد پوڻ وارو سوال، اڃان تائين ائين سوال بڻيل آھي، جيئن عمر ڪوٽ يا امر ڪوٽ ڪنھن اڏايو ھيو وارو سوال صدين کان بحث ھيٺ آھي. ھر ماڻھو پنھنجي خواھشن ۽ طريقي سان دليل پئي ڏنا آھن، پر تحقيق جي معيارن تي لھندڙ ڪو خاص مواد ميسر ناھي.


    ڪجھ ڪتابن ۾ لکيل آھي ته مير سھراب خان ٽالپر جڏھن 1783ع ۾ اتر سنڌ جو ڪنٽرول حاصل ڪيو ته اتي برھان جي علائقي ۾ پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ ٺاھيائين، جنھن کي ھن 1786ع ۾خيرپور ميرس جو نالو ڏنو ۽ پنھنجي حڪومت کي ھڪ وڏي علائقي تي ڦھلايو ھي ڳالھ ان ڪري به دل سان نه ٿي لڳي جو ٻين ڪجھ ڪتابن ۾ خيرپورميرس جو ذڪر ڪلھوڙا دور ۾ به ملي ٿو. رڳي اھو نه پر مير سھراب خان ٽالپر جي لاءِ اھو به چيو وڃي ٿو ته ھن حيدرآباد جي ٽالپرن، جيڪي سندس رت ۾ ھئا، انھن جي مدد ڪندي، حيدرآباد مان افغانين کي ڪڍڻ لاءِ به سندن واھُرو ٿيو. ڪجھ مقالن ۾ اھو به لکيل آھي ته 1811ع کان 1823 تائين مير سھراب خان ٽالپر پنھنجن علائقن کي ٽن عمارتن ۾ ورھائي، انھن تي پنھنجي پٽن کي حڪمران بڻائي ڇڏيو. وڏي پٽ کي اھم اختيار حاصل ھيا، جنھن سرمائيڪاري کان علاوه انتظامي معاملا به ھلايا. ائين ميرن جي رڳي خيرپور نه پر سموري سنڌ ۾ تنازعن، ڌارين سان مزاحمتن توڙي انگريزن سان تعلقاتن ۽ اختلافن جي تاريخ ملي ٿي. ٽالپرن مان سھراب خان ، رستم علي خان، علي مراد خان، فيض محمد خان اول، امام بخش خان، علي نواز خان جنھن کي ھز ھائينس مير علي نواز ناز به سڏيو وڃي ٿو، فيض محمد خان ثاني، جارج علي مراد خان حڪومت ڪئي ۽ بعد ۾ خيرپور ميرس جو پاڪستان سان الحاق ٿيو. خير! پاڻ اصل موضوع تي ايندي اھا ڪوشش ڪريون ٿا ته اھو سمجھون ته ھن وڏي شھر جا بنياد ڪيئن پيا ؟ سو ٻين ڳالھين کي ايندڙ وقت لاءِ ڇڏي پاڻ خيرپور ميرس جي ماضي ۽ حال تي نظر وجھون ٿا.

    سنڌ جا وڏا شھر اڪثر سنڌو درياءَ جي ڪنارن سان ٺھيا آھن، بلڪه دنيا اندر شھرن جي اڪثريت دريائن جي ڪنڌين سان قائم ٿيڻ جي تاريخ ملي ٿي، تنھنڪري اھو ٿي سگھي ٿو ته خيرپورميرس، جنھن جو اڳ ۾ ڪو ٻيو نالو ھجي، ان جو بنياد به سنڌو درياءَ جي ڪنھن وڏي ڇاڙ يا وري ڪنھن وڏي وھڪري تي پيو ھجي ۽ ھي شھر تمام گھڻو قديم ھجي. اھو پڻ ممڪن آھي ته جنھن ھنڌ تي ھن وقت ھي شھر موجود آھي، اھو پھريان ڪنھن اوسي پاسي پَرڀَرو ڪو ننڍو شھر يا وري وستي ھجي، جيڪا بعد ۾ منتقل ٿي، موجوده ھنڌ تي قائم ٿي ھجي. پر شھر جي نڪ نقشي، توڙي جاگرافيائي صورتحال کي ڏسي گمان ٿئي ٿو ته ھي شھر ٻيا به ڪيترائي حوالا رکندو ھوندو.

    شيخ ڪليم پنھنجي ڪتاب ” پاڪستان جي آثار قديم ۾ لکي ٿو ته ” خيرپور ميرس کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪوٽ ڏجي وٽ ھڪ حسين شھر آباد ھيو، جيڪو ھزارين سال پراڻو ھيو ۽ ڏيجي راڻي جي نالي سان مشھور ھيو. اھو شھر آھستي آھستي ڪن سببن جي ڪري ختم ٿيندو ويو پر ڏيجي جي نالي سان اھا جابلو ٽڪري قائم رھي. ڏيجي جي شھر جي جڏھن کوٽائي ڪئي وئي ھئي ته اتان ھزارين سال پراڻيون ناياب شيون مليون ھيون. شيخ ڪليم وڌيڪ لکي ٿو ته ” چيو وڃي ٿو ته انھيءَ جاءِ تي جتي ڪوٽ ڏجي قائم آھي اتي اڳتي ھلي مير سھراب خان احمد آباد جي حفاظت لاءِ اھو قلعو تعمير ڪرايو، جيڪو ان پراڻي وستيءَ مٿان يا وري ان سان لڳو لڳ جوڙايل آھي. جيئن ته ڏيجي راڻي جي نالي سان اھو قديم شھر آباد ھيو، ان ڪري ان قلعي تي ڪوٽ ڏجي نالو پئجي ويو. ڏيجي جو شھر ان جابلو پھاڙ جي ڀڪ ۽ ان جي ٽڪرين تي ٺھيل ھيو. ٽالپرن ان ميساريل وستيءَ يا شھر جو نالو احمد آباد رکيو. ٽالپرن ڪوٽ ڏيجيءَ کي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ۽ عمارتون پڻ تعمير ڪرايون، ٽالپرن جي دور ۾ ماڻھو ڪمن ڪارين لاءِ خيرپور کان ڪوٽ ڏجي ايندا ھيا.

    شيخ ڪليم جي اھا ڳالھ به ڪيترائي گمان پيدا ڪري ٿي، جيڪڏھن خيرپور الڳ شھر ھيو ۽ ڏيجي راڻي جو الڳ شھر ھيو ته پوءِ اھو طئي ڪرڻ ڏکيو آھي ته اھو ھڪ ئي شھر آھي، جيڪو ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ٿيو آھي. پر ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته خيرپور ميرس بعد ۾ نالو پيو ۽ پڻ ھي شھر پھريان ڏيجي راڻي جي نالي سان ھيو جيڪو اڄوڪي خيرپور طرف منتقل ٿيو ۽ اڳتي ھلي ٽالپر دور ۾ خيرپور ميرس بڻجي ويو. بھرحال ان ڳالھ تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي. جڏھن ته قلعي جي سلسلي ۾ به ڪا حتمي تاريخ نه ٿي ملي، مخصوص تاريخن سان ته ڪيترائي حوالا ملن ٿا پر ڏيجي راڻيءِ جي ھزارين سال پراڻي شھر ھوندي، اھو ڪوٽ گھڻو اڳ جو ٿي سگھي ٿو، جنھن ۾ ٽالپرن طرفان بعد ۾ تبديليون آنديون ويون ھجن. ڪي تاريخدان چون ٿا ته ھي ڪوٽ ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ آھي.

    جڏھن ته خيرپور ميرس جي تاريخ به 474 سال پراڻي ٻڌائي وڃي ٿي جيڪا ڳالھ ثابت ڪري ٿي ته ھي شھر ڪلھوڙن کان به اڳ جو شھر آھي، جنھن جو بنياد ٿي سگھي ٿو ته اڃان به وڌيڪ پراڻو ھجي ۽ اھو به ممڪن آھي ته ڏجي راڻي وارو شھر ڪن سببن جي ڪري اڄوڪي خيرپور ميرس وٽ منتقل ٿيو ھجي. پر ان تي وڌيڪ سنجيده تحقيق جي ضرورت آھي. البته ھن شھر جي بڻ بڻياد جو ڪو به پڪو ثبوت يا شاھدي نه ٿي ملي. ڏند ڪٿائي ڳالھين جا انبار ته ملي وڃن ٿا، پر اصل تاريخ ته سائنسي بنيادن تي کوجنا کان پوءِ ئي ملي سگھندي. خيرپور کي برھان پڻ سڏيو وڃڻ جو ذڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو ۽ ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته ھن شھر وٽ خيرالدين نالي ھڪ شخص وستيءَ جو بنياد وڌو جتان خيرپور نالو پيو، ٻي روايت اھا پڻ ملي ٿي ته مير سھراب خان ٽالپر آس پاس جي علائقن کي گڏي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ تمام گھڻا خير جا ڪم ڪيا تنھنڪري ھن شھر تي خيرپور نالو پيو، اھڙي طرح خيرپور سان ميرس ڳنڍجڻ جو تعلق ميرن جي صاحبي سمجھ ۾ اچي ٿو، انھن سڀن ڳالھين باوجود ھي شھر تمام گھڻو قديم لڳي ٿو، جنھن جي تاريخ اڃاري آھي. يقينن ھن شھر جي بڻ بڻياد تي تحقيق جي سخت ضرورت آھي.

    مليل ڄاڻ موجب 2017ع جي آدمشماري، جنھن تي ملڪ جا ڪيترا ماڻھو ۽ ڌريون متفق ناھن، موجب ھن شھر جي آبادي ھڪ لک ٽياسي ھزار ھڪ سئو ايڪاسي ٻڌايل آھي. جڏھن ته خيرپور ميرس ضلعي جي آبادي 24 لک ٻڌايل آھي ۽ ھي شھر سنڌ جو پنجون نمبر وڏو شھر ٻڌايو وڃي ٿو. جڏھن ته ايريا جي لحاظ کان سنڌ جو ٽيون نمبر ضلعو آھي. خيرپور ضلعي جي اوڀر ۾ ٿر جي علائقي کان پوءِ انڊيا جي راجستان جا ٻاڙ مير ۽ جيسلمير، اتر طرف سکر ۽ شڪارپور، جڏھن ته اولھ ۾ لاڙڪاڻو، ڏکڻ اوڀر طرف نوشھرو نوابشاھ ۽ سانگھڙ ضلعا آھن، جڏھن ته خيرپور ميرس ضلعي ۾ اٺ تعلقا آھن جن خود خيرپور، نارو، ڪوٽڏجي، ڪنگري، سوڀو ديرو، ٺري ميرواھ، گمبٽ ۽ فيض گنج اچي وڃن ٿا. ھي ضلعو 15910 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي ۽ ھي ضلعو سنڌ جي پکيڙ ۾ 11.3 علائقو بيھي ٿو. ھن شھر ۾ انتظامي لحاظ کان سڀئي آفيسون موجود آھن. پراڻو روينيو رڪارڊ به گھڻي قدر خيرپور شھر مان ئي ملي ٿو.

    ھي شھر ۽ ضلعو حسين عمارتن توڙي تاريخي ماڳن سان پنھنجي عظمت سان ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آھي.

    فيض محل جي حسين عمارت کي 1798ع ۾ ٽالپرن تعمير ڪرايو ھيو، ھي عمارت ٽالپرن جي شاھي خاندان لاءِ تعمير ڪرائي وئي ھئي، جنھن کي ٽالپر بادشاھ خود مختيار درٻار طور استعمال ڪندا ھيا. ھن محل ۾ 16 انتظار گاھ ۽ شاھي خاندان توڙي مھمانن جي کاڌي پيتي لاءِ جايون ٺاھيل آھن، ھن محل کي پوري ملڪ مان ماڻھو خاص طور گھمڻ ايندا آھن.

    مير عطا حسين پئليس به شاندار عمارت آھي، جيڪا ان وقت جي حڪمران مير فيض محمد خان ٽالپر تعمير ڪرائي ھئي، ھي عمارت به پنھنجي سونھن جو ناياب نمونو آھي، ھي عمارت ھاڻ آھستي آھستي ختم ٿي رھي آھي، جنھن تي توجھ ڏيڻ جي سخت ضرورت آھي. عطا حسين پئليس پنھنجا آخري پساھ کڻي رھي آھي.

    ڪوٽ لالو قلعو به خيرپور ميرس ضلعي ۾ آھي جنھن کي 1940ع ۾ انگريزن تعمير ڪرايو ھيو، جيڪو پڻ ختم ٿيڻ تي آھي، ھن قلعي جي چئوطرف سم جو پاڻي قلعي جي آخري نشانن کي به ختم ڪري رھيو آھي، ڪيتري عرصي کان ھن قلعي تي پوليس جو قبضو ھيو ۽ تازين برساتن ۾ اڳئي ذغيف قلعي کي سخت نقصان رسيو آھي. ھاڻ باقي ڪي نشان وڃي رھيا آھن.

    خيرپورميرس ضلعي ۾ حضرت سلطان عدم جي درگاھ به موجود آھي، جيڪو سلطان بادشاھ جي نالي سان مشھور آھي ڪوٽڏجي جي جابلو سلسلي جي ھڪ وڏي ٽڪريءَ تي موجود آھي جنھن جي اوچائي 600 فوٽ آھي، ان درگاھ تي عقيدتمندن جي اچ وڃ جو سلسلو ھلندڙ آھي.

    ڪوٽ ڏجي جو شاھي محل يا وري شيش محل به ھڪ اھڙي عمارت آھي، جيڪا ڏسندڙن کي پنھنجي حسين طرز تعمير سبب موھي وجھي ٿي. ھن محل جي تعمير نھايت اعلي درجي جي آھي.

    ھنڱورجا شھر جي ھڪ ڳوٺ فتح علي سھتو ۾ ھڪ ٽن گنبذن واري مسجد به موجود آھي جنھن جا گنبذ بيضوي شڪل جا آھن. ھن مسجد کي پري پري کان ماڻھو گھمڻ ايندا آھن.

    ڪوٽڏجي قلعي جي تاريخي ماڳ جو ذڪر ٿي چڪو آھي تنھنڪري پاڻ ھلون ٿا درازا! درازا جتي ان الحق جا آواز صديون گذرن کان پوءِ به پڙاڏو بڻجي ڪنن ۾ گونجن ٿا ان درازا جي سچل جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي، ستن ٻولين جي ھن صديون اڳ جي شاعر، سنڌ ۾ انتھاپسنديءَ سان ڀرپور نموني جھيڙيو آھي.

    (ھتي ڪو سچل جي ڪلام جو ٽڪرو رکجو)

    تنيا پل ھاڻ اھا ساڳي نه رھي آھي پر ڪنھن زماني ۾ ڳاڙھين سرن سان ٺھيل ھيءَ پل ماڻھن جي توجھ جو مرڪز ھوندي ھئي. پريا لوءِ کان ٿورو پرڀرو شاھ لڌاڻي ڳوٺ ۽ درگاھ جي ھي پل ابل واھ تي اڏيل آھي، جيڪا ٽالپر حڪمرانن ٺھرائي ھئي.

    ھي آھن خيرپور ميرس شھر ۾ بي سھارا ۽ مختلف جسماني ڪمزورين جو شڪار ٻارن لاءِ ايس او ايس چلڊرين وليج جا منظر جيڪو 2016ع ۾ قائم ٿيو.ھن اسڪول ۾ ٻارن کي تعليم ۽ تربيت سان گڏ مائٽاڻو ماحول ڏنو وڃي ٿو.

    ۽ وري ھي آھن خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا منظر جتي وڻن ۽ ٻوٽن جي سونھن اکين کي کيرو ڪري ڇڏي ٿي. جڏھن ته ھي اوھان عورتن لاءِ گورمينٽ ڪاليج خيرپور جا منظر ڏسي رھيا آھيو جنھن جو بنياد شھيد ذوالفقار علي ڀٽي 1964ع ۾ وڌو ھيو، ھن ڪاليج ۾ سائنس، ڪامرس، آرٽس ۽ ھوم ايڪانامڪس پڙھائي وڃي ٿي. خيرپور ميرس ۾ ھڪ ڪيڊٽ ڪاليج پڻ آھي، اھڙي طرح آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج سميت ٻيون ڪاليجون به آھن.

    خيرپور ميرس شھر علمي لحاظ کان تمام گھڻو شاھوڪار آھي، ميڊيڪل ڪاليج، مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪيمپس ۽ جنرل يونيورسٽي ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور به ھن شھر ۾ موجود آھن. اھا ادار تمام گھڻو خوبصورت عمارتن جو حسين امتزاج آھن.

    (ھتي ھر اداري کي پازز ۾ ڏيکارڻو آھي) ھڪ منٽ تائين....


    ۽ ھي آھي ناز پائيليٽ اسڪول جنھن جو بنياد مير علي مراد خان 1953ع ۾ وڌو ھيو، خيرپور وٽ گورمينٽ سينٽ ٿريسا ھاءِ اسڪول، گورمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول، گورمينٽ گرلز ھاير سيڪنڊري اسڪول، سنڌ پبلڪ ھاءِ اسڪول، پاڪ ترڪ اسڪول سميت ٻيا به ڪيترا سرڪاري ۽ نجي اسڪول آھن.

    خيرپور ريلوي اسٽيشن به تمام گھڻو مشھور آھي، جيتوڻيڪ روھڙي ريلوي اسٽيشن ھن کان وڏي آھي پر ھي اسٽيشن به دلڪش آھي. ھن شھر کي نيشنل ھاءِ وي کان ھڪ پل ڏني وئي آھي جنھن جا منظر تمام گھڻا دلڪش آھن.

    ھي منظر آھن خيرپور ماڊل ٽائون سٽيءَ جا، جنھن کي خوبصورت انداز ۾ ٺاھيو ويو آھي.

    خيرپور ميرس سنڌ جي حسين شھرن توڙي ضلعن مان ھڪ آھي جنھن کي کجين جو شھر به سڏيو ويندو آھي، شھر جون بازارون پر رونق، وڻڪاري، باغيچا، پارڪ، راندين جا ميدان ۽ ٻيون ڪيئي سھولتون مليل آھن. خيرپور ميرس تمام وڏيون شخصيتون پڻ پيدا ڪيون آھن. پير الاھي بخش، غوث علي شاھ، عبدالحميد ڊوگر، منظور وساڻ ۽ اڳوڻو وزير اعلي سيد قائم علي شاھ به ھن ئي شھر جو آھي. جڏھن ته انگريز سامراج سان چوٽون کائيندڙ پاڳاري خاندان جون شخصيتون به خيرپور ضلعي سان واسطو رکن ٿيون.
     
    Mozmil هيء پسند ڪيو آهي.
  2. امن ابن سنڌ

    امن ابن سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سائين اسان جو ھڪ سنڌي انفارميشن يوٽيوب چينل آهي جنهن ۾ اسان سنڌ جي شخصيتن ۽ تاريخ مقامن جي انفارميشن ڏيندا آھيون
    انھن ۾ اسان کي مواد جي تمام گهڻي نيڊ ھوندي آھي ڇا انھن ۾ يوز ڪرڻ جي لاء اسان توهان جو ھي مواد استعمال ڪري سگھو ٿا ؟؟
     
  3. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    جي ڀلي پر حوالو ڏجو
     
  4. Mozmil

    Mozmil
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2023
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    معلوماتي تحرير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو