سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جو ڌڻي وتايو فقير...... غلام رسول چانڊيو وڻن جي جھڳٽن ۾ ھي ننڍڙو ابدي آسڻ، سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جي ڌڻي،نھايت دلچسپ، سنڌ جي يگاني ڪردار وتائي فقير جو آھي. حيدرآباد کان ٽنڊي الھيار روڊ سان 30 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري، مک روڊ تي، قبو اسٽاپ وٽ پھچبو، ته ٽنڊي الھيار کان اڍائي ٽي ڪلوميٽر پوئتي، ھن لوڪ ڏاھپ جي صوفي منش ڌڻي وتائي فقير جي ابدي آرام گاھ تي اچي پھچبو. ھن ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ قائم قبر اندر ڌرتيءَ جي ھنج ۾ ابدي آرامي ٿيل وتايو فقير سنڌ جي ڏاھپ واري اتھاس جو اھو ڌڻي آھي جنھن جي گفتار صديون پڄاڻان، اڄ به سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جي سرواڻي ڪري رھي آھي. وتائي فقير جي گھَرنِ خيالن ۽ گفتن ۾ رڳي مزاح نه پر مزاحمت سان گڏ، اھي سبق به آھن جن جي گھرائي کي روح جي اک سان ڏسي، سماج جي اھنجن جو ازالو ڪري سگھجي ٿو. جيئن سنڌ جي سموري تاريخ ننڌڻڪي آھي تيئن ھن وقت جي عظيم ڏاھي وتائي فقير جي تاريخ به ننڌڻڪي آھي. وتائي فقير سان ڪيئي ڏند ڪٿائون ۽ قصا منصوب ٿيل آھن، پر سندس شجري جي پڪي ثابتي ڪٿان به نه ٿي ملي. نامياري ليکڪ معمور يوسفاڻي پنھنجي مقالي ۾ مختلف تاريخي ڪتابن جا حوالا ڏيندي لکيو آھي ته ”دلوراءِ سومري جي دور ۾ ظلم ۽ ڏاڍ سبب لوھاڻا برادري مان ڪيترا واپاري برھمڻ آباد ڇڏي ٻين علائقن ڏانھن ھليا ويا ھئا، انھن مان ڪپڙي جو واپاري خاندان عمرڪوٽ واري ايراضيءَ ۾ اچي ويٺو ۽ ان ئي خاندان مان وتايو فقير پيدا ٿيو.اھا به روايت آھي ته وتائي فقير جي پيءُ جو نالو ميلو رام ۽ چاچي جو نالو ساڌو رام ھيو جيڪي واپاري ۽ وڏا ڀڳت ھئا. وتائي جو والد ۽ چاچو جڏھن اگھاماڻي پھتا ته بزرگن جي فيض کان متاثر ٿي مسلمان ٿيا“ اھڙي طرح محمد سومار شيخ مختلف روايتن کي بنياد بڻائي وتائي فقير کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي والد شاھ حبيب سان نه رڳي ڪچھريون ڪندي ڄاڻائي ٿو پر شاھ لطيف کي درياءَ جي ڪنڌيءَ سان راند به کيڏائي ٿو ۽ ڪيترين ڪرامتن جا قصا بيان ڪري ٿو. اڪبر سومري جو پنھنجي مقالي ۾ گمان آھي ته وتايو فقير سما دور جي آخر ۽ ارغونن جي شروعاتي دور ۾ حال حيات ھيو ۽ محمد يوسف شاڪر ابڙو وتائي فقير جو تعلق نصرپور سان ڄاڻائيندي لکي ٿو ته ” منھنجو استاد سرڳواسي ڍالو مل ۽ ان جو وڏو ڀاءُ ڀڳت گوپالداس وتائي فقير جا عزيز ھئا ۽ وتائي فقير جو پيءُ تاجپور جو ھيو ۽ وتائي فقير جي جنم جو نالو وطن مل رکيو ويو ھيو ۽ سندس ماتا کيس وتو وتو ڪري سڏيندي ھئي جنھن مان اڳتي ھلي وتايو فقير ٿيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ” وتايو فقير اندازن ٻارھين صدي ھجري ۾ ٿي گذريو آھي. وتايو فقير جي والد جڏھن چالاڻو ڪيو ته وتايو پنھنجي ماتا ۽ زال سميت مسلمان ٿيو ۽ سندس اسلامي نالو شيخ طاھر رکيو ويو. علي احمد بروھي لکي ٿو ته ” نصرپور لڳ ھڪ ڳوٺ جو واھڻائي واڻيو ھيو، ننڍي ھوندي کان پنھنجي سوچ سمجھ ۾ سادو ھيو، ڪنھن موڙ تي ھندو ڌرم ڇڏي، دين ڏانھن لاڙو ڪيائين بعد ۾ سندس سڄو گھراڻو شيخ ٿيو. نه ڪنھن ٻانڀڻ جي وڪڙ ۾ آيو نه ئي ڪنھن ملان جي وڪڙ ۾“ فضل احمد بچاڻي پنھنجي مقالي ۾ ڄاڻايو آھي ته ” شاھ لطيف جي والد شاھ حبيب سان وتائي فقير جي صحبتن وارين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھو ڪلھوڙن جي دور جو ۽ سنڌ ۾ مغلن جي آخري دور جو ھيو“ پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي لکي ٿو ته وتايو فقير اصل ھندو نسل مان ھيو، سندس پتا امر سنگ اجواڻي ھيو جيڪو تاجپور پنجاب جو رھاڪو ھيو،سندس ماتا جو نالو رڪمڻي ٻائي ھيو. کيس ٽي پٽ؛ ورايو، وسايو، وتايو ۽ ورائي ٻائي نالي ھڪ نياڻي ھئي. وتايو سڀني کان ننڍو ھيو انھيءَ ڪري مائٽ کيس پيار وچان وتو ڪري ڪوٺيندا ھيا. سندس جنم وسپت ڏينھن، تھ سياري ۾، تاريخ 12 جنوري 1768ع ۾ ٿيو. ڪن سببن ڪري سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ نصرپور ۾ ٺڪاڻو ٺاھي ويٺا. عاصي عبدالواحد ھڪڙو پنھنجي مضمون ۾ ٻين ڪيترين ڳالھين سميت لکي ٿو ته ” شاھ حبيب کي اولاد ڪو نه ٿيندو ھيو سو دعا لاءِ وتائي فقير وٽ آيو تنھن تي وتائي فقير شاھ حبيب کي دعا ڪندي چيو ته توکي پٽ ڄمندو جنھن جو نالو عبدالطيف رکجانءِ.“ اھڙي طرح مسڪين سمون پنھنجي مقالي ”وتايو فقير جھوڪ واري تحريڪ جو ڪارڪن“ ۾ لکي ٿو ته ” وتايو فقير پنھنجن گفتن ۾ جھڙي نموني ۽ جھڙي قسم جي ڪڙي سچ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تنھن مان سندس بي باڪي،دليري ۽ انقلابي سوچ سان گڏ ان دور جي سنڌي سماج جي عڪاسي پڻ ٿئي ٿي. صحيح تاريخي ادراڪ نه ھئڻ سبب ماڻھن جي اڪثريت وٽ وتائي فقير جي سڃاڻپ ۽ اھيمت ھڪ مجذوب، تارڪ الدنيا يا چريي درويش کان وڌيڪ نه رھي آھي. ڦر لٽ واري استحصالي ۽ جاگيرداراڻي سماج ۾ عظيم انسانن، ڏاھن ۽ فلسفين سان ائين ٿيندو آھي. مسڪين سمون وڌيڪ لکي ٿو ته وتايو فقير جھوڪ واري کاھوڙي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ان تحريڪ جي سرواڻ، دنيا جي پھرين سوشلسٽ اڳواڻ شھيد شاھ عنايت لانگاھ جو فڪري پوئلڳ ھيو. جھوڪ جھرڻ کان پوءِ مغليه فوجن ۽ سندس ڇاڙتن جي جاسوسي کان بچڻ لاءِ وتائي پنھنجا ويس ۽ ھليو مٽائي سنڌ جون وستيون واھڻ گھمي ماڻھن کي مزاحيه ۽ ظريفاڻي انداز ۾ سماجي تبديليءَ جون ڳالھيون به ٻڌائيندو ھيو. جھوڪ واري جنگ کان پوءِ وتائي فقير جي اھا شعوري ڪوشش ھئي.“ مسڪين سمون پنھنجي موقف جي دليل طور شاھ لطيف جي سر کاھوڙيءَ مان بيت بيان ڪري ٿو. بھرحال ”جيترا وات اوتريون ڳالھيون“ وانگر وتائي فقير جي تاريخ به اسان جي مخصوص سوچن ۽ منشائن جي ور چڙھيل آھي ۽ سندس خانداني شجري جي ڪا به مستند تاريخ نه ٿي ملي. تحفت الڪرام، بيگلارنامه، ترخان نامه، تاريخ ريگستان ۽ چنيسرنامي سميت ڪيترن ئي ڪتابن يا انھن جي مھاڳن ۾ وتائي فقير جي سلسلي ۾ ذڪر ملي ٿو پر اھو يا ته جزوي آھي يا وري ڏند ڪٿائي ۽ روايتن تي مبني آھي. ھي صرف وتائي جھڙي ڏاھي انسان جو الميو ناھي پر سنڌ جي اڪثر تاريخ اڻ کٽ تھن ھيٺ دفن ٿيل آھي، نتيجي ۾ سنڌ جي ماضيءَ جا قصا پنھنجين سچاين، سونھن ۽ سوڀيا لاءِ يتيم بڻيل آھن. سنڌ جي ھن صوفي منش مفڪر جو آخري مسڪن ھي ننڍڙو ڪمرو آھي جنھن مٿان لوھ جي سنھي چادر ان ڪري لڳائي وئي آھي جو روايت آھي ته وتايو فقير پنھنجي مٿان ڇت اڏڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. سندس ئي پاسي ۾ عالي شاھ المعروف شيخ لوھينڙو سرڪار جو مقبرو آھي. جڏھن وتائي فقير جي درگاھ جو راڳي رامچند فقير شاھ لطيف جو سر رامڪلي ڇيڙي ٿو ته وتايو فقير نه رڳي تصوف جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو لڳي ٿو پر ھڪ اھڙو کاھوڙي به جيڪو حق ۽ سچ جي تلاش ۾ جھر جھنگ، جبل ۽ سحرائون گھمندي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ آتو ملي ٿو.... اھا بھرحال حيرت جي ڳالھ آھي جو اڄ به وتايو فقير ھر پڙھيل، اڻ پڙھيل ۽ فقير فقراءَ جي زبان تي موجود آھي ۽ سندس سرت ۽ ساڃاھ وارا گفتا سماج لاءِ راھ مثل آھن. اھو ھڪ الڳ مسئلو آھي ته ڪيترن ئي صورتن ۾ سندس گفتار کي غلط طريقي سان پيش ڪيو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته وتائي جون درست عالماڻيون ڳالھيون ثابت ڪن ٿيون ته ھو سماجي قدرن کان ھٽي ڪا به ڳالھ نه ٿو ڪري سگھي. وتائي فقير جي ڏاھپ جي اڏار سماجي شعور جي انھن بلندين تي پھتل آھي جو سندس گفتن جي گھرائي ۾ وڃبو ته عقل جا تاڪ کلي پوندا. باوجود ان جي ته زمانه گذرڻ کان پوءِ به وتائي جي ڳالھين کي رڳي مزاح ۾ ورتو وڃي ٿو ۽ اھو سچ به آھي ته وتائي جي مزاحيه گفتار ۾ جيڪا سمجھاڻي آھي ان کي جيڪڏھن ھيئين سان ھنڍائجي ته ھوند ھي سماج پنھنجا حسين خواب ساڀيان ڪري وٺي. ھر سال 22 نومبر تي ھن عظيم ھستيءَ جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي، ڪجھ ڏھاڙن تي ادبي ڪانفرنسون ڪري وتائي فقير تي مقالا به پڙھيا ويندا آھن ۽ ان ڏينھن تي ٽنڊو الھيار ضلعي ۾ عام موڪل ڪئي ويندي آھي وتايو اھا صوفي منش ھستي ھئي جيڪو خالق ڪائنات سان حجتون ڪندو ھيو پر انھن حجتن ۾ به انسانيت لاءِ سبق موجود آھن. سندس ھي گفتو ڪيڏو نه سبق آميز آھي. ”تنھنجي ماڻھوءَ ۽ رئيس جي ماڻھوءَ ۾ فرق آھي“ وتائي فقير جي ھن چوڻيءَ جو پس منظر ھن طرح آھي ته ” ڪنھن ھنڌ پاڻيءَ جو ڪو واھ ڀڄي پيو ۽ آس پاس جي آبادي کي ٻڏڻ جو خطرو ٿي پيو، ڳوٺ جي وڏيري پنھنجي ڪمدار کي ڇيڙ وٺي واھ ٻڌائڻ جو حڪم ڪيو سو جيڪو ٿي لنگھيو سو واھ ٻڌڻ لاءِ ڇيڙ ۾ بيھاريو پئي ويو. ڪمدار ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھو کان پڇيو پئي ته ڪنھنجو ماڻھو آھين ته ڪنھن چيو ته ڦلاڻي رئيس جو ماڻھو آھيان ته ڪنھن چيو ته ڦلاڻي ڀوتار جو ماڻھو آھيان، جيڪو به ڪنھن رئيس جو ماڻھو ھيو ته ان کي ڪمدار ڇڏي پئي ڏنو. اتفاق سان وتايو فقير به اچي اتان لنگھيو ته ڪمدار کانئس پڇيو. ڪنھن جو ماڻھو آھين؟ تنھن تي وتائي چيو ته ”الله جو ماڻھو آھيان پنھنجي ڳوٺ پيو وڃان“ تنھن تي ڪمدار باھ ٿيندي چيس ته تون الله جو ماڻھو آھين باقي ٻيا ماڻھو ڪنھن جا آھن؟ ھيڏانھن اچ! کڻ ڏلھو ۽ ٽٽل بند ٻڌ! وتائي آسمان طرف ڏسي چيو ته ”ڏٺئي تنھنجو ماڻھو سڏائڻ ۽ رئيس جو ماڻھو سڏائڻ ۾ فرق آھي“ ۽ وتايو ڏلھا کڻي وڃي بند ٻڌڻ کي لڳو. جڏھن وتايو فقير ” ڏي ٿو پر کنگھائي ڏي ٿو“ جھڙا گفتا بيان ڪري ٿو تڏھن دراصل ھو محنت ۽ پورھئي جي ھدايت ڪري ٿو. ماڻھو ھڪ عورت جي ميت دفنائڻ وڃي رھيا ھيا ته وتائي کانئن پڇو ته ويچاري مائي پرڻيل ھئي يا ڪنواري؟ تنھن تي ميت کڻي ويندڙن چيو ته مائي ڪنواري ھئي! وتائي ٺھ پھ چئي ڏنن ته ” ميون سھسايو پر پرڻايو ڪو نه“ سو جي ھن گفتي کي ٻڌبو ته بظاھر مزاق لڳندي پر جي گھرائي ۾ وڃبو ته دراصل وتايو نياڻين کي ستيون ڪرڻ کان روڪي ٿو. اھڙي طرح ھن صوفي منش ھستي جا ڪيئي گھرا فڪري گفتا آھن، جيڪي انساني وقار، جياپي، خوشحالي ۽ ترقيءَ جا راز ته سمجھائن ٿا پر انھن روايتن سان به مھاڏو اٽڪائين ٿا جيڪي سماجي ترقي، برابري، سھپ ۽ رواداري اڳيان رڪاوٽ بڻيل آھن. ملائيشيا جي ” سي ڪبايان“ ۽ ترڪيءَ ۾ نصيرالدين ھوجه جا قصا به تمام گھڻو مشھور آھن پر وتائي فقير کي پنھنجي رب سان حجتون ۽ شڪايتون ھيون جڏھن ته ”سي ڪبايان کي پنھنجي سھري سان، جيڪو پاڻ وري پنھنجي ناٺي ”سي ڪبايان“ مان بيزار ھيو جڏھن ته ”نصيرالدين ھوجه“ کي پنھنجي سس سان ھميشھ شڪايپ پئي رھندي ھئي. ايراني شاعر ”عبيد زاڪاني“ ، ”شيخ چلي“، ” ملان دوپيزه“ سميت سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي منفرد ڪردار ھئا پر وتائي جي لوڪ ڏاھپ سڀن کان سرس ۽ سبق آميز آھي. وتائي فقير جا ٽوٽڪا رڳي ڀوڳ نه پر حڪمت ۽ عقل جون اھي ڳالھيون آھن لوڪ ڏاھپ سماجي راھنمائي لاءِ نھايت اھم آھن. ھڪ دفعي وتائي فقير جي ڳوٺ مان ڇوري ٿي وئي، ڳوٺاڻا چورن جا پير کڻي نڪتا پر وتايو ھڪدم وڃي قبرستان ۾ بيٺو. ڪنھن پڇيس ” فقير ڪر خبر ھتي ڇا ويٺو ڪرين؟ فقير چيو ته ” ادا چورن جو اڳ ورتو اٿم،نيٺ ھتي ئي ايندا“. وتائي فقير جي ھن ڳالھ جي گھرائي تمام وڏي آھي. ھڪ ڏينھن وتايو فقير ڪنھن شاديءَ جي دعوت ۾ ويو، جڏھن ڄاڃين ڀت کائي پاھت لکرايو ته وتائي به چيو ته ”منھنجا به ڏھ روپيه لکو“ ، لکڻ واري چيس ”فقير پئسا ڏي ته نالو لکون“ تنھن تي وتائي چيو ته ” ھڪڙو ته ڏيان نه ٻيو نالو به نه لکايان ڇا؟“ ھڪ دفعي وتائي کي پنھنجي ماءُ چيو ته ” ابا ڪٿان ٽانڊو کڻي اچ ته ماني پچايان“ فقير ٻتڻ گھرن ۾ ويو پر کيس ٽانڊو ڪو نه مليو، موٽي اچي ماءُ کي چيائين ” امڙ ٽانڊو ڪٿان ڪو نه مليو. ماءُ کي لڳس ڪاوڙ سو چيائينس ته ” وڃي دوزخ مان ٽانڊو کڻي اچ“، فقير وري ور کنجي نڪتو باھر، گھڻي دير کان پوءِ موٽي اچي ماءُ کي چيائين ” امان! دوزخ ۾ ٽانڊو آھي ئي ڪو نه!“ ماڻس حيران ٿي پڇيس ” ابا ھي جو ماڻھو چوندا آھن ته گھنھگارن کي دوزخ جي باھ ۾ ساڙيو ويندو سوڪيئن؟“ تنھن تي فقير چيو ” امان ٽانڊو ھرڪو ھتان ئي ساڻ کڻي ويندو“. اھڙي طرح وتائي فقير جون اڻ ڳڻيون ڳالھيون آھن جن کي مزاح ۾ وٺڻ بجاءِ انھن مان سبق حاصل ڪجي ته سماج تمام گھڻو حسين بڻجي پوي.....
ڪنڀارڪي ڪاريگري............ ڪنڀار!..... جنھن جي ھٿن کي، جڏھن چيڪي مِٽي نصيب ٿئي ٿي، تڏھن فطرت سندس ھٿن مان اھڙا ته فنپارا پيدا ڪري ٿي جو انساني اکيون ڏسيو دنگ رھجيو وڃن. مِٽي جنھن جو مان مٿي آھي، جنھن جو شان مٿي آھي، اھا مَھان مٽي زندگيءَ جا سڀئي رنگ ته پَسائي ٿي پر ان مٽيءَ مان جڏھن ٺڪر جا ٿانو ٺھن ٿا تڏھن مٽي سان گڏ ڪنڀار جي ڪاريگري دَنگُ ڪريو ٿي ڇڏي. (ھتي ”اھا مٽي حڪم ھلائيندي ھزار......“ ڪلام جو ٿورو ٽڪرو رکبو ڪنڀارڪي ڪِرتِ تھذيب جي ابتدا سان شروع ٿئي ٿي، اڄ به جڏھن تاريخي ماڳن جي کوٽائي ٿئي ٿي ته سڀ کان پھريان ڪنڀارن ھٿان پچايل ٿانون جا ٽڪرا ملن ٿا. ڪنڀار جا ھٿ، ٿانون جا هڪ سو کان مٿي مختلف قسم تخليق ڪن ٿا. دِلو مَٽُ، چاڏيِ، پاٽِ، ٺڪر جو تَئو، اُکُلو، دانگي ۽ ٻيا انيڪ ٿانوَ ڪنڀار جي ڪاريگريءَ کان پوءِ آويءَ مان پچي تيار ٿين ٿا. ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ ۾ عام مٽي جي ضرورت نہ هوندي آھي بلڪه تمام چيڪي مٽي استعمال ڪئي ويندي آھي، جيڪا ٿانوَ جوڙي سگھي، اھڙي مٽي صرف ڪنڀار جي اک ئي سڃاڻي سگھي ٿي. ڪنڀار پھريان مٽيءَ کي چڱيءَ ريت ڪُٽي سَٽي سنهو ڪندو آھي، پوءِ ان ڪُٽِيَل مٽيءَ کي ڇاڻي، ڪک پن ڪڍي، چوُنڊي، پوءِ انهي ڪُٽِيَل سَنهِي مٽي جو ٻَنو ڏيئي، ان ۾ پاڻي وجهي ڇڏيندو آھي ۽ پوءِ جڏھن اها مٽي مڪمل طور تي ڳري ويندي آھي ته پوءِ وري ان کي ٺاهي گڏ ڪري رکبو آھي، جنهن بعد انهي مٽي کي ڳوهي، پِنوڙا ٺاهي ان کي نرم ڪبو آھي. ھاڻ مٽي چڪ تي ڇڙھڻ لاءِ تيار ھوندي آھي ۽ ڪنڀار جون آڱريون تخليق جا جوھر ڏيکارڻ لاءِ آتِيون ٿي پونديون آھن. چَڪَ تي چڙھڻ کان پوءِ مٽي جڏھن پاڻ وَٺَڻ جهڙي ٿيندي آھي تہ ڪنڀار پھريان ان جو بوتو ٺاهيندو آھي ۽ ان کي ڦِرڻيءَ ۾ ڪَنيريءَ سان ٺَپِيو ويندو آھي ۽ پوءِ انهي بوتي کي زمين تي رکيو ويندو آھي. جڏھن اهو بوُتو مُنهن ڀَرِ بيهڻ جهڙو ٿيندو آھي ته پوءِ انهي کي سُڪَڻَ لاءِ ڇڏيو ويندو آھي. مٽيءَ جي سُڪڻ کان پوءِ چِٽَ ساليءَ جو مرحلو شروع ٿي ويندو آھي. چٽ ساليءَ جا ڪيترائي نمونا ٿيندا آھن ۽ جنهن رنگ سان چٽ سالي ڪئي ويندي آھي، اها هڪ مخصوص قسم جي مٽي هوندي آھي، جنهن جو رنگ انتهائي ئي پڪو هوندو آھي. اها مٽي سنڌ جي سيوهڻ، ڪراچي جي جابلو پٽي ۽ سکر جي ڪجھ علائقن مان ملي ٿي، جيڪا دوڪانن تان خريد ڪئي ويندي آھي. هي هڪ خاص قسم جو رنگ آھي، جيڪو ڪاٺ ۽ ڪاشي ۾ استعمال ٿيندڙ رنگ کان مختلف ۽ پڪو هوندو آھي. آويءَ لاءِ ان زمين جو انتخاب ڪيو ويندو آھي، جتي ڪلر بنھ نہ هجي. زمين کي هموار ڪري، ٻَنا ڏيئي، مال جو ڀاڻ وجهي، ان جي مٿان ٻوُرو وجهبو آھي ۽ پوءِ ان مٿان ٿانوَن جا ننڍا ننڍا ٽڪر رکي، مٿان وري ڀاڻ ڏبو آھي. ڀاڻ جي مٿان وري ڇاري ڏيئي، آويءَ جو اڳيان منهن ڪيو ويندو آھي ۽ ان ۾ ڪاٺ وجهبو آھي. آويءَ جي پويان ۽ پاسن کان دريون ڇڏيون وينديون آھن پوءِ آويءَ کي باه ڏني ويندي آھي ۽ ان باھِ کي ٽي ڏينهن ڇڏيو ويندو آھي ۽ ٽن ڏينهن کان پو ڏسبو آھي تہ ڪهڙي دَرِيءَ مان سائي رنگ جي باه پئي نڪري !سائي باه نڪرڻ ان ڳالھ جي نشاني آھي تہ اهو ٿانو مڪمل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ اهو باه کي نہ پيو وٺي، اھو مرحلو پورو ٿيڻ کان پوءِ انهي دري کي ڇاريِءَ سان بند ڪري ڇڏبو آھي ته جئين باه اڳتي وڃي سگھي، ٽن ڏينهن جي باه کان پوءِ آوي جي مٿان ڇار لاهي، ڪَڻوھو هٽائبو آھي، ڪاريگري حساب سان ڪڻوهو ٿانون جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي چئبو آھي جنهن سان آويءَ ۾ ٿانو ڍڪيا ويندا آھن. آوي مان مڪمل پچي راس ٿيل ٿانو الڳ ڪيا ويندا آھن ۽ ڀڳل ٿانوَ جدا ڪيا ويندا آھن ۽ ڪچا ٿانو الڳ ڪري ٻئين مرحلي ۾ انهن کي آوي ۾ پچايو ويندو آھي پچي راس ٿيل ٿانون کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو آھي جتان ماڻھو ضرورت آھر مختلف ٿانو خريد ڪندا آھن. آهَتيِ روايت ۽ طريقيڪار تمام قديم ۽ پراڻو آھي. آڳاٽي زماني ۾ مٽي جي ٿانون جو استعمال عام زندگي جو حصو هيو شادين ۾ آھتي کي ٻہ ٻہ مهينا اڳ ٻڌايو ويندو هيو تہ فلاڻي تاريخ تي شادي آھي، يا آھتي کان پڇيو ويندو هيو تہ ٿانون ڪڏھن ملندا ۽ پوءِ شادي جون تاريخون طئي ٿينديون هيون. شادي جي رسمن ۾ مَٽَ، دِلا، پاٽِيوُن، ڪُنارا جنهن ۾ چانور پُسايا ويندا هئا، انهن جي وڌيڪ گهرج هوندي هئي. آڳاٽي زماني ۾ شادي ۾ ايندڙن کي کير پياريو ويندو هيو، جنهن لا جَجهي تعداد ۾ دِلَن جي ضرورت پوندي هئي. شادي کان پوءِ ڪاريگر کي راضي ڪرڻ لا پَڳَر جو حساب هوندو هيو، پڳر معنيٰ ڪاريگر کي راضي ڪرڻ لا مُراد ڏني ويندي هئي، جنهن ۾ ڪو ٻڪر،ڪو ڍڳي ۽ ڪو مينهن ڏيندو هيو. ان زماني ۾ پئسا ڏيڻ جو رواج نہ هيو آھَتُ ٻارنهن مهينن جا ٿانو ڏيندا هيا جيڪي پورو سال گهر ۾ استعمال ٿيندا هئا، ان جي بدلي آھت کي سال ۾ اَنَ جي ٻوري، چانور، مرچ ۽ ڳُڙُ ڏنو ويندو هيو. ڪي ماڻھو اهڙا بہ هئا جن ڏي آھت چاڏِي کڻي ويندا ھئا تہ اهي آھت کي سنڌي گيھ،داليون ،بصر ۽ ٻيو وکرُ ڏيندا هئا. هاڻ بہ جيڪي پراڻي زماني جا وڏي عمرن جا ماڻھو جئيرا آھن، يا اتي جتي وڏڙا پنهنجي نوجوانن کي چئي ويا تہ آھتن کي ناهي ڇڏڻو ته اتي اڃا بہ آھتي رواج موجود آھي. شاهڪارن جا تخليقڪار اهي انمول ماڻھو بنا ڪنهن علمي درسگاه يا ڪنھن يونيورسٽي مان سکڻ جي، پنهنجي خدا داد صلاحيتن آھر پنهنجي فن ۾ اهڙا تہ ڪاريگر هوندا آھن جو سندن تخليق کي ڏسي ذھن اهو سوچي ٿو تہ جئين ذھانت ۽ ھنرمندي، دنيا جي نقشي تي سنڌ نالي قائم، هن پرڳڻي جي ماڻھن جي ميراث ۽ وڏي نعمت ھجي. انهي حوالي سان سنڌ جي ثقافت ۾ ڳڻيا ويندڙ مٽيءَ جا ٿانوَ جنهن ۾ ڪَرو، ڍاڪُون، جَڳُ، گلاس، تسبيح، اُکريِ، پارِڙو، مَٽُ، دانگي، ماٽيِ وغيره ڪمال مهارت جون شيون آھن. سنڌ الاجي يا ثقافت کاتو سهڪار ڪري تہ سنڌ جي ثقافت جي دائري ۾ ايندڙ ڪيترن ئي ميسارجڻ ۽ فنا ٿيڻ جي سفر ڏانهن ويندڙ شين کي محفوظ ڪري هن تاريخي ورثي کي بچائي سگهجي ٿو. ڪنڀارڪو ڪم ايترو پراڻو آهي جيتري انسان جي تهذيب. هن ڪم جا ۱۲ هزار سال آڳاٽا نشان چين مان لڌا ويا، جيڪي چڪ بدران هٿ سان ٺاهيل آهن،(چائنا آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۲۰۰۰ع) ۸ هزار سال مهر ڳڙهه ۽ سنڌ جي آمري واري دڙي وٽان هٿ سان مٽي جا ٺاهيل ٿانو لڌا ويا آهن، جڏهن ته عراق ۾ ۴۰۰ ق.م جي دور جو چڪ هٿ آيو، عراق کانپوءِ اهو هنر ايران آيو جتي چڪ جي ڪجهه جديد صورت ٺهي، مصر ۾ به ڪنڀارڪا ٿانو ۽ انهن کي پچائڻ لاءِ آوي هٿ آئي. ايران وٽان بلوچستان ذريعي سيوهڻ ۾ ڪنڀارڪو هنر پهتو،جيڪو اپر توڙي وچولي سنڌ، لاڙ، ٿر، ڪڇ ۽ گجرات جي مارواڙ علائقي ۾ پهتو. سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم ۽ ڪاشي جو ڪم رنگن جي ڪري ڪن علائقن ۾ گڏيل به ملي ٿو. سيوهڻ، هالا ۽ نصرپور ۾ مٽي جا ٿانو ٺهندا رهيا آهن، مٽي جي ٿانون تي ڪاشيگري جي چٽسالي جو ڪم به ٿيندو رهيو آهي. هوڏانهن وري ملتان واري علائقي ۾ سٺي مٽي هجڻ ڪري فينسي ٿانو ٺهندا رهيا آهن. ڪنڀار مٽيءَ جو ٿانو ٺاهيندو آهي ۽ عورت ان تي چٽسالي ڪندي آهي. گوگل جي ريسرچ موجب ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ فردن جي يادگيري ۽ ڌيان جي قوت تيز هوندي آهي جيئن ته ٿانو چڪ تي ٺاهڻ وقت نفاست سان آڱرين جو استمعال ٿئي ٿو ان ڪري ڪنڀارن ۾ هٿ جي احساسيت به مٽي مان ٿانو جوڙڻ سبب وڌيڪ هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪنڀار ٽٽل هڏ، گڏ محسوس ڪندو آهي ۽ ٺاهي سگهندو آهي. ماضيءَ ۾ ڪنڀارن پاران ٺاهيل ٿانون جو ڪاروبار ڪاروبار بارٽر سسٽم يا “آهت”وسيلي يعني ڪڻڪ، چانور يا ٻين کاڌي پيتي جي شين جي عيوض ٿيندو هو ۽ ڪنڀار پنهنجي “آهتي” کي سال جا سڀ ٿانو ڏيندو هو. جنهن ۾ مٽن، دلن کان وٺي رڌ پچاءُ لاءِ دانگي، ڪني ۽ کاڌو کائڻ لاءِ طباخ هوندو هو، جڏهن ته مهمانن جي ماني لاءِ ڍاڪون هوندا هئا. ڪنڀارڪي ڪم جي ايڏي ته وڏي اهميت هوندي هئي جو کيس استاد يا استو سڏيو ويندو هو. امير توڙي غريب شادي يا طهر جا ڏينهن به ڪنڀار کان پڇي رکندا هئا ته جيئن مقرر تاريخ تي ٿانو پهچن هو. ڀت پوت جي موقعن تي پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ، ڇل پليٽن جي جاءِ تي ڦيليون ڪنار ۽ ٻيا گھربل ٿانو ڏيندو هو. اهڙن موقعن تي ڪنڀار کي خصوصي اهميت ڏئي کٽ تي ويهاريو ويندو هو. کيس اناج ۽ ٻين شين ڏيڻ سان گڏ اجرڪ اوڍائي مينهن يا ڍڳي ڏني ويندي هئي. جيتوڻيڪ ماھرن جو خيال آھي ته ڪنڀار ڪا ذات ھئڻ بجاءِ ھڪ ڪِرت آھي يا هڪ ڌنڌو ڪرڻ سبب ۽ ڌنڌي سان لاڳاپيل مخصوص لفظ ڳالهائڻ سبب سنڌي قوم جي هڪ هنري ۽ ثقافتي ايڪائي آهن، جنهن کي ڪميونٽي به چئي سگهجي ٿو، ڪنڀار پاڻ به ڪا ذات ڪونهي پر ڊگهي عرصي تائين ڪنڀارڪو ڪم ڪرڻ سبب ذات سڏجي پئي. سنڌي ۾ (ڪنڀ + ڪار) جو مطلب مٽي جو ڪم ڪرڻ وارو آهي، جيڪو ڪهڙي به ذات وارو ڪري سگهي ٿو، چاهي اهي ٽنڊي جان محمد جو سرائڪي هجي يا واڳڙڪي، سنڌي، ڪڇي يا ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، سندن ٻوليون ۽ رواج جدا آهن. هن وقت سنڌ ۾ هيٺيان ڪنڀارڪا ڇنا آهن: (۱) سنجهورو. (۲) ڪاپايو. (۳) مهراڻو. (۴) ڍٽ . (۵) واڳڙ ۽ (۶) ڪڇ. اپر سنڌ ۾ شايد ٻيا ڪي ڇَنا به هجن پر هر ڇني ۾ ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ جدا ذاتيون ۽ نُکون آهن جهڙوڪ؛ جوکيا، ڀٽي، ڌَڪَر، چنا، سمان، سومرا، پنهور، جويا، ذنگي، وغيره شامل آھن مطلب ته جن به ماڻهن ڪنڀارڪو ڪم ڪيو اهي ڪنڀار يا ڪنڀر سڏجڻ لڳا. ڪنڀارن مٽيءَ جا ٿانو ٺاھڻ جي ڪري ھڪ گروپ جي شڪل ورتي ۽ پاڻ ۾ رشتيداريون ڪيون، قبيلائي سماج ھئڻ ڪري، ٻاهر رشتيداري رکڻ بدران پاڻ ۾ ئي شاديون ڪيون، تنهنڪري اهي ڪنڀار ذات سڏجڻ لڳا، جڏھن ته آويءَ جو ڪم مختلف ذاتيون ڪنديون آھن. بدقسمتيءَ سان ھن وقت ڪنڀارڪو ڪم ۱۰ سيڪڙو کان به گھٽ ماڻهو ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته جديد دور هنرمند ماڻهو کان نه صرف سندس هنر ڦريو آهي پر فطرت سان لاڳاپيل هٿ جون شيون به کسي ورتيون آهن. ڪنڀارڪي ٿانون جي جاءِ تي جست، اسٽيل ۽ پلاسٽڪ جي ٿانون مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن جن جي ڪري ڪينسر، الرجي ۽ السر جھڙيون بيماريون ٿيڻ لڳيون آهن. هڪ تحقيق موجب مٽي جي ٿانون کي استمعال ڪرڻ سان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگھجي ٿو، مٽي جي ٿاون ۾ اَلڪيون هونديون آهن جنهن ۾ پڪل شيءِ مان ايسيڊٽي ختم ٿي وڃي ٿي ان کان سواءِ مٽي جي ٿاون ۾ ميگنيز، آئرن ۽ ٻيا اينٽي آڪسيڊينٽ هوندا آهن، جيڪڏهن مٽ جي ٿانون جا فائدا ڏسي ان کي هڪ انڊسٽري جو درجو ڏنو وڃي. ان لاءِ پبلسٽي به ڪئي وڃي ته ڪر ماڻهو ان مٽي جي ٿانون جي استمعال سبب گھڻين ئي بيمارين کان بچي پون. اسڪرپٽ غلام رسول چانڊيو حاڪم ناياب جھُلڻ.