سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جو ڌڻي وتايو فقير......

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2023۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جو ڌڻي وتايو فقير......

    غلام رسول چانڊيو

    وڻن جي جھڳٽن ۾ ھي ننڍڙو ابدي آسڻ، سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جي ڌڻي،نھايت دلچسپ، سنڌ جي يگاني ڪردار وتائي فقير جو آھي. حيدرآباد کان ٽنڊي الھيار روڊ سان 30 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري، مک روڊ تي، قبو اسٽاپ وٽ پھچبو، ته ٽنڊي الھيار کان اڍائي ٽي ڪلوميٽر پوئتي، ھن لوڪ ڏاھپ جي صوفي منش ڌڻي وتائي فقير جي ابدي آرام گاھ تي اچي پھچبو.

    ھن ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ قائم قبر اندر ڌرتيءَ جي ھنج ۾ ابدي آرامي ٿيل وتايو فقير سنڌ جي ڏاھپ واري اتھاس جو اھو ڌڻي آھي جنھن جي گفتار صديون پڄاڻان، اڄ به سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جي سرواڻي ڪري رھي آھي. وتائي فقير جي گھَرنِ خيالن ۽ گفتن ۾ رڳي مزاح نه پر مزاحمت سان گڏ، اھي سبق به آھن جن جي گھرائي کي روح جي اک سان ڏسي، سماج جي اھنجن جو ازالو ڪري سگھجي ٿو.

    جيئن سنڌ جي سموري تاريخ ننڌڻڪي آھي تيئن ھن وقت جي عظيم ڏاھي وتائي فقير جي تاريخ به ننڌڻڪي آھي. وتائي فقير سان ڪيئي ڏند ڪٿائون ۽ قصا منصوب ٿيل آھن، پر سندس شجري جي پڪي ثابتي ڪٿان به نه ٿي ملي.

    نامياري ليکڪ معمور يوسفاڻي پنھنجي مقالي ۾ مختلف تاريخي ڪتابن جا حوالا ڏيندي لکيو آھي ته ”دلوراءِ سومري جي دور ۾ ظلم ۽ ڏاڍ سبب لوھاڻا برادري مان ڪيترا واپاري برھمڻ آباد ڇڏي ٻين علائقن ڏانھن ھليا ويا ھئا، انھن مان ڪپڙي جو واپاري خاندان عمرڪوٽ واري ايراضيءَ ۾ اچي ويٺو ۽ ان ئي خاندان مان وتايو فقير پيدا ٿيو.اھا به روايت آھي ته وتائي فقير جي پيءُ جو نالو ميلو رام ۽ چاچي جو نالو ساڌو رام ھيو جيڪي واپاري ۽ وڏا ڀڳت ھئا. وتائي جو والد ۽ چاچو جڏھن اگھاماڻي پھتا ته بزرگن جي فيض کان متاثر ٿي مسلمان ٿيا“

    اھڙي طرح محمد سومار شيخ مختلف روايتن کي بنياد بڻائي وتائي فقير کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي والد شاھ حبيب سان نه رڳي ڪچھريون ڪندي ڄاڻائي ٿو پر شاھ لطيف کي درياءَ جي ڪنڌيءَ سان راند به کيڏائي ٿو ۽ ڪيترين ڪرامتن جا قصا بيان ڪري ٿو.

    اڪبر سومري جو پنھنجي مقالي ۾ گمان آھي ته وتايو فقير سما دور جي آخر ۽ ارغونن جي شروعاتي دور ۾ حال حيات ھيو ۽ محمد يوسف شاڪر ابڙو وتائي فقير جو تعلق نصرپور سان ڄاڻائيندي لکي ٿو ته ” منھنجو استاد سرڳواسي ڍالو مل ۽ ان جو وڏو ڀاءُ ڀڳت گوپالداس وتائي فقير جا عزيز ھئا ۽ وتائي فقير جو پيءُ تاجپور جو ھيو ۽ وتائي فقير جي جنم جو نالو وطن مل رکيو ويو ھيو ۽ سندس ماتا کيس وتو وتو ڪري سڏيندي ھئي جنھن مان اڳتي ھلي وتايو فقير ٿيو.

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ” وتايو فقير اندازن ٻارھين صدي ھجري ۾ ٿي گذريو آھي. وتايو فقير جي والد جڏھن چالاڻو ڪيو ته وتايو پنھنجي ماتا ۽ زال سميت مسلمان ٿيو ۽ سندس اسلامي نالو شيخ طاھر رکيو ويو. علي احمد بروھي لکي ٿو ته ” نصرپور لڳ ھڪ ڳوٺ جو واھڻائي واڻيو ھيو، ننڍي ھوندي کان پنھنجي سوچ سمجھ ۾ سادو ھيو، ڪنھن موڙ تي ھندو ڌرم ڇڏي، دين ڏانھن لاڙو ڪيائين بعد ۾ سندس سڄو گھراڻو شيخ ٿيو. نه ڪنھن ٻانڀڻ جي وڪڙ ۾ آيو نه ئي ڪنھن ملان جي وڪڙ ۾“

    فضل احمد بچاڻي پنھنجي مقالي ۾ ڄاڻايو آھي ته ” شاھ لطيف جي والد شاھ حبيب سان وتائي فقير جي صحبتن وارين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھو ڪلھوڙن جي دور جو ۽ سنڌ ۾ مغلن جي آخري دور جو ھيو“

    پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي لکي ٿو ته وتايو فقير اصل ھندو نسل مان ھيو، سندس پتا امر سنگ اجواڻي ھيو جيڪو تاجپور پنجاب جو رھاڪو ھيو،سندس ماتا جو نالو رڪمڻي ٻائي ھيو. کيس ٽي پٽ؛ ورايو، وسايو، وتايو ۽ ورائي ٻائي نالي ھڪ نياڻي ھئي. وتايو سڀني کان ننڍو ھيو انھيءَ ڪري مائٽ کيس پيار وچان وتو ڪري ڪوٺيندا ھيا. سندس جنم وسپت ڏينھن، تھ سياري ۾، تاريخ 12 جنوري 1768ع ۾ ٿيو. ڪن سببن ڪري سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ نصرپور ۾ ٺڪاڻو ٺاھي ويٺا.

    عاصي عبدالواحد ھڪڙو پنھنجي مضمون ۾ ٻين ڪيترين ڳالھين سميت لکي ٿو ته ” شاھ حبيب کي اولاد ڪو نه ٿيندو ھيو سو دعا لاءِ وتائي فقير وٽ آيو تنھن تي وتائي فقير شاھ حبيب کي دعا ڪندي چيو ته توکي پٽ ڄمندو جنھن جو نالو عبدالطيف رکجانءِ.“

    اھڙي طرح مسڪين سمون پنھنجي مقالي ”وتايو فقير جھوڪ واري تحريڪ جو ڪارڪن“ ۾ لکي ٿو ته ” وتايو فقير پنھنجن گفتن ۾ جھڙي نموني ۽ جھڙي قسم جي ڪڙي سچ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تنھن مان سندس بي باڪي،دليري ۽ انقلابي سوچ سان گڏ ان دور جي سنڌي سماج جي عڪاسي پڻ ٿئي ٿي. صحيح تاريخي ادراڪ نه ھئڻ سبب ماڻھن جي اڪثريت وٽ وتائي فقير جي سڃاڻپ ۽ اھيمت ھڪ مجذوب، تارڪ الدنيا يا چريي درويش کان وڌيڪ نه رھي آھي. ڦر لٽ واري استحصالي ۽ جاگيرداراڻي سماج ۾ عظيم انسانن، ڏاھن ۽ فلسفين سان ائين ٿيندو آھي. مسڪين سمون وڌيڪ لکي ٿو ته وتايو فقير جھوڪ واري کاھوڙي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ان تحريڪ جي سرواڻ، دنيا جي پھرين سوشلسٽ اڳواڻ شھيد شاھ عنايت لانگاھ جو فڪري پوئلڳ ھيو. جھوڪ جھرڻ کان پوءِ مغليه فوجن ۽ سندس ڇاڙتن جي جاسوسي کان بچڻ لاءِ وتائي پنھنجا ويس ۽ ھليو مٽائي سنڌ جون وستيون واھڻ گھمي ماڻھن کي مزاحيه ۽ ظريفاڻي انداز ۾ سماجي تبديليءَ جون ڳالھيون به ٻڌائيندو ھيو. جھوڪ واري جنگ کان پوءِ وتائي فقير جي اھا شعوري ڪوشش ھئي.“ مسڪين سمون پنھنجي موقف جي دليل طور شاھ لطيف جي سر کاھوڙيءَ مان بيت بيان ڪري ٿو.

    بھرحال ”جيترا وات اوتريون ڳالھيون“ وانگر وتائي فقير جي تاريخ به اسان جي مخصوص سوچن ۽ منشائن جي ور چڙھيل آھي ۽ سندس خانداني شجري جي ڪا به مستند تاريخ نه ٿي ملي. تحفت الڪرام، بيگلارنامه، ترخان نامه، تاريخ ريگستان ۽ چنيسرنامي سميت ڪيترن ئي ڪتابن يا انھن جي مھاڳن ۾ وتائي فقير جي سلسلي ۾ ذڪر ملي ٿو پر اھو يا ته جزوي آھي يا وري ڏند ڪٿائي ۽ روايتن تي مبني آھي. ھي صرف وتائي جھڙي ڏاھي انسان جو الميو ناھي پر سنڌ جي اڪثر تاريخ اڻ کٽ تھن ھيٺ دفن ٿيل آھي، نتيجي ۾ سنڌ جي ماضيءَ جا قصا پنھنجين سچاين، سونھن ۽ سوڀيا لاءِ يتيم بڻيل آھن.

    سنڌ جي ھن صوفي منش مفڪر جو آخري مسڪن ھي ننڍڙو ڪمرو آھي جنھن مٿان لوھ جي سنھي چادر ان ڪري لڳائي وئي آھي جو روايت آھي ته وتايو فقير پنھنجي مٿان ڇت اڏڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. سندس ئي پاسي ۾ عالي شاھ المعروف شيخ لوھينڙو سرڪار جو مقبرو آھي.

    جڏھن وتائي فقير جي درگاھ جو راڳي رامچند فقير شاھ لطيف جو سر رامڪلي ڇيڙي ٿو ته وتايو فقير نه رڳي تصوف جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو لڳي ٿو پر ھڪ اھڙو کاھوڙي به جيڪو حق ۽ سچ جي تلاش ۾ جھر جھنگ، جبل ۽ سحرائون گھمندي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ آتو ملي ٿو....

    اھا بھرحال حيرت جي ڳالھ آھي جو اڄ به وتايو فقير ھر پڙھيل، اڻ پڙھيل ۽ فقير فقراءَ جي زبان تي موجود آھي ۽ سندس سرت ۽ ساڃاھ وارا گفتا سماج لاءِ راھ مثل آھن. اھو ھڪ الڳ مسئلو آھي ته ڪيترن ئي صورتن ۾ سندس گفتار کي غلط طريقي سان پيش ڪيو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته وتائي جون درست عالماڻيون ڳالھيون ثابت ڪن ٿيون ته ھو سماجي قدرن کان ھٽي ڪا به ڳالھ نه ٿو ڪري سگھي.

    وتائي فقير جي ڏاھپ جي اڏار سماجي شعور جي انھن بلندين تي پھتل آھي جو سندس گفتن جي گھرائي ۾ وڃبو ته عقل جا تاڪ کلي پوندا. باوجود ان جي ته زمانه گذرڻ کان پوءِ به وتائي جي ڳالھين کي رڳي مزاح ۾ ورتو وڃي ٿو ۽ اھو سچ به آھي ته وتائي جي مزاحيه گفتار ۾ جيڪا سمجھاڻي آھي ان کي جيڪڏھن ھيئين سان ھنڍائجي ته ھوند ھي سماج پنھنجا حسين خواب ساڀيان ڪري وٺي.

    ھر سال 22 نومبر تي ھن عظيم ھستيءَ جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي، ڪجھ ڏھاڙن تي ادبي ڪانفرنسون ڪري وتائي فقير تي مقالا به پڙھيا ويندا آھن ۽ ان ڏينھن تي ٽنڊو الھيار ضلعي ۾ عام موڪل ڪئي ويندي آھي

    وتايو اھا صوفي منش ھستي ھئي جيڪو خالق ڪائنات سان حجتون ڪندو ھيو پر انھن حجتن ۾ به انسانيت لاءِ سبق موجود آھن. سندس ھي گفتو ڪيڏو نه سبق آميز آھي.

    ”تنھنجي ماڻھوءَ ۽ رئيس جي ماڻھوءَ ۾ فرق آھي“ وتائي فقير جي ھن چوڻيءَ جو پس منظر ھن طرح آھي ته ” ڪنھن ھنڌ پاڻيءَ جو ڪو واھ ڀڄي پيو ۽ آس پاس جي آبادي کي ٻڏڻ جو خطرو ٿي پيو، ڳوٺ جي وڏيري پنھنجي ڪمدار کي ڇيڙ وٺي واھ ٻڌائڻ جو حڪم ڪيو سو جيڪو ٿي لنگھيو سو واھ ٻڌڻ لاءِ ڇيڙ ۾ بيھاريو پئي ويو. ڪمدار ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھو کان پڇيو پئي ته ڪنھنجو ماڻھو آھين ته ڪنھن چيو ته ڦلاڻي رئيس جو ماڻھو آھيان ته ڪنھن چيو ته ڦلاڻي ڀوتار جو ماڻھو آھيان، جيڪو به ڪنھن رئيس جو ماڻھو ھيو ته ان کي ڪمدار ڇڏي پئي ڏنو. اتفاق سان وتايو فقير به اچي اتان لنگھيو ته ڪمدار کانئس پڇيو. ڪنھن جو ماڻھو آھين؟ تنھن تي وتائي چيو ته ”الله جو ماڻھو آھيان پنھنجي ڳوٺ پيو وڃان“ تنھن تي ڪمدار باھ ٿيندي چيس ته تون الله جو ماڻھو آھين باقي ٻيا ماڻھو ڪنھن جا آھن؟ ھيڏانھن اچ! کڻ ڏلھو ۽ ٽٽل بند ٻڌ! وتائي آسمان طرف ڏسي چيو ته ”ڏٺئي تنھنجو ماڻھو سڏائڻ ۽ رئيس جو ماڻھو سڏائڻ ۾ فرق آھي“ ۽ وتايو ڏلھا کڻي وڃي بند ٻڌڻ کي لڳو.

    جڏھن وتايو فقير ” ڏي ٿو پر کنگھائي ڏي ٿو“ جھڙا گفتا بيان ڪري ٿو تڏھن دراصل ھو محنت ۽ پورھئي جي ھدايت ڪري ٿو.

    ماڻھو ھڪ عورت جي ميت دفنائڻ وڃي رھيا ھيا ته وتائي کانئن پڇو ته ويچاري مائي پرڻيل ھئي يا ڪنواري؟ تنھن تي ميت کڻي ويندڙن چيو ته مائي ڪنواري ھئي! وتائي ٺھ پھ چئي ڏنن ته ” ميون سھسايو پر پرڻايو ڪو نه“ سو جي ھن گفتي کي ٻڌبو ته بظاھر مزاق لڳندي پر جي گھرائي ۾ وڃبو ته دراصل وتايو نياڻين کي ستيون ڪرڻ کان روڪي ٿو. اھڙي طرح ھن صوفي منش ھستي جا ڪيئي گھرا فڪري گفتا آھن، جيڪي انساني وقار، جياپي، خوشحالي ۽ ترقيءَ جا راز ته سمجھائن ٿا پر انھن روايتن سان به مھاڏو اٽڪائين ٿا جيڪي سماجي ترقي، برابري، سھپ ۽ رواداري اڳيان رڪاوٽ بڻيل آھن.

    ملائيشيا جي ” سي ڪبايان“ ۽ ترڪيءَ ۾ نصيرالدين ھوجه جا قصا به تمام گھڻو مشھور آھن پر وتائي فقير کي پنھنجي رب سان حجتون ۽ شڪايتون ھيون جڏھن ته ”سي ڪبايان کي پنھنجي سھري سان، جيڪو پاڻ وري پنھنجي ناٺي ”سي ڪبايان“ مان بيزار ھيو جڏھن ته ”نصيرالدين ھوجه“ کي پنھنجي سس سان ھميشھ شڪايپ پئي رھندي ھئي. ايراني شاعر ”عبيد زاڪاني“ ، ”شيخ چلي“، ” ملان دوپيزه“ سميت سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي منفرد ڪردار ھئا پر وتائي جي لوڪ ڏاھپ سڀن کان سرس ۽ سبق آميز آھي.

    وتائي فقير جا ٽوٽڪا رڳي ڀوڳ نه پر حڪمت ۽ عقل جون اھي ڳالھيون آھن لوڪ ڏاھپ سماجي راھنمائي لاءِ نھايت اھم آھن.

    ھڪ دفعي وتائي فقير جي ڳوٺ مان ڇوري ٿي وئي، ڳوٺاڻا چورن جا پير کڻي نڪتا پر وتايو ھڪدم وڃي قبرستان ۾ بيٺو. ڪنھن پڇيس ” فقير ڪر خبر ھتي ڇا ويٺو ڪرين؟ فقير چيو ته ” ادا چورن جو اڳ ورتو اٿم،نيٺ ھتي ئي ايندا“. وتائي فقير جي ھن ڳالھ جي گھرائي تمام وڏي آھي.

    ھڪ ڏينھن وتايو فقير ڪنھن شاديءَ جي دعوت ۾ ويو، جڏھن ڄاڃين ڀت کائي پاھت لکرايو ته وتائي به چيو ته ”منھنجا به ڏھ روپيه لکو“ ، لکڻ واري چيس ”فقير پئسا ڏي ته نالو لکون“ تنھن تي وتائي چيو ته ” ھڪڙو ته ڏيان نه ٻيو نالو به نه لکايان ڇا؟“

    ھڪ دفعي وتائي کي پنھنجي ماءُ چيو ته ” ابا ڪٿان ٽانڊو کڻي اچ ته ماني پچايان“ فقير ٻتڻ گھرن ۾ ويو پر کيس ٽانڊو ڪو نه مليو، موٽي اچي ماءُ کي چيائين ” امڙ ٽانڊو ڪٿان ڪو نه مليو. ماءُ کي لڳس ڪاوڙ سو چيائينس ته ” وڃي دوزخ مان ٽانڊو کڻي اچ“، فقير وري ور کنجي نڪتو باھر، گھڻي دير کان پوءِ موٽي اچي ماءُ کي چيائين ” امان! دوزخ ۾ ٽانڊو آھي ئي ڪو نه!“ ماڻس حيران ٿي پڇيس ” ابا ھي جو ماڻھو چوندا آھن ته گھنھگارن کي دوزخ جي باھ ۾ ساڙيو ويندو سوڪيئن؟“ تنھن تي فقير چيو ” امان ٽانڊو ھرڪو ھتان ئي ساڻ کڻي ويندو“.

    اھڙي طرح وتائي فقير جون اڻ ڳڻيون ڳالھيون آھن جن کي مزاح ۾ وٺڻ بجاءِ انھن مان سبق حاصل ڪجي ته سماج تمام گھڻو حسين بڻجي پوي.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو