جلال چانڊيو جي ياد جو ڏينهن

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2023۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    جلال چانڊيو جي ياد جو ڏينهن ( ابراهيم لاشاريءَ)سنڌ دنيا جو اھو خطو آھي جنهن کي قدرت ھر لحاظ کان مالامال ڪيو آهي،
    سنڌ کي پنهنجي وسيع ٻولي، قديم ڪلچر،
    ثقافتن ۽ ڪلچرن کي جنم ڏيندڙ سنڌو ندي،
    معدني وسيلن جي انبار،
    موسمن جون مهربانيون،
    يا وري اعلي ۽ اڪابر ذھن،
    محبتي مجاز رکندڙ ماٺيڻا ماڻهو، فنڪار، لوڪ گيتن جا ڄاڻو سنڌ ڌرتيءَ جي موسيقي ۽ فنڪارن سان مالامال آهي پنھنجي ڌرتيءَ جا فنڪار دنيا جي ٻئين فنڪارن کان نھايت منفرد حيثيت رکندڙ آھن سنڌ جا فنڪار ڳائي وڄائي پنھنجو نالو ڏيهان ڏيهه نروار ڪرائڻ ۾ ڪڏهن به ڪا ڪمي ناھي آندي اھڙن فنڪارن منجھان جلال چانڊيو جو نالو موسيقي جي دنيا ۾ نرالو آھي پاڻ10 آگسٽ خميس ڏينهن سال 1944ع ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گھر ۾ جنم وٺي زندگيءَ جو سفر جي شروعات ڪئي، ڇٽي جو نالو وري (جلال الدين چانڊيو) رکيو ويو.
    جلال چانڊيو هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو ٿورو وڏو ٿيو ته جلال چانڊيي جي والد فيض محمد چانڊيو کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ موري شهر منجھ هڪ استاد وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيو جي درزڪو ڪم سکندو رھيو مڱر درزڪي ڪم ۾ دلچسپيءَ نه لڳي، درزڪي دوڪان تي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس ڌيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌندو ويو ۽ گھراڪن جا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو، استاد جي مار ، ڪٽ سبب، درزڪي ڪم کان به ارواح کڄي ويس بس ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو مال چارڻ دوران جهنگ ۾ ٺڪريون ۽ ڪاٺيون کڻي پيو وڄائيندو وتندو هو، جهنگ ۾ ڳائڻ وڄائڻ وارو شوق سندس وڌي ويو مال چارڻ بہ ڇڏي ڏنائين پر سندس جو سنگيت سان چٽي جو عشق ٿي ويو هو، پاڻ سنگيت سان جنونيت جي حدتائين عشق کي ڏسندي جلال جي مائٽن به کيس ڳائڻ جي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ استاد علي گل مهر وٽ شاگردي لاءِ پھتو. جلال چانڊيو ان کان پھريان پنھنجي پڦاٽ ( سائينداد ) کان شاگردي پڻ ورتي ھئي بعد ۾ استاد علي گل وٽ جلال راڳ جي سيکا ورتي ۽ پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن ،فقيرن جي اڳڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو. جلال چانڊيي جو گجندڙ
    آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جي ڪائي ضرورت محسوس نہ هوندي ھئي . جلال چانڊيو، جنهن دور ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهرجهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج وڏو نالو ھوندو ھو ، هن ان زماني ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري 1970ع ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي. انهيءَ ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ھر ننڍي وڏي شهر ،ڳوٺن ۾ واھ جو مشهور ٿيو . جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت جا دروزا کلڻ لڳا نج ڳوٺائڻ انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آئي چيڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام ڄام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيائين ته ان دور ۾ غير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جو( بي تاج بادشاهه) فنڪار طور مشهوري ماڻي ورتائين سنڌ ۾ رڳو واھ جلال، واھ جلال جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو آيو . سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيو ريڊيو، ٽيلويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ان زماني جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ متعارف ڪرايس
    1985ع ڌاري جلال چانڊيو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهيءَ فلم کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي .جلال چانڊيو سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي گهڻو پيار ڪرڻ لڳا. سنڌ اندر پنهنجي وقت جو انتهائي مصروف فنڪار هو، جنهن سبب سنڌ اندر سوين ماڻهو پنهنجي شادين، مرادين ۾ گهرائڻ لاءِ پروگرام جي تاريخون پهريان جلال چانڊيو کان وٺندا هئا. پوءِ پنهنجي شادين جون تاريخون طئي ڪندا هئا. هر هنڌ پنهنجي فني دنيا جي اوج وارن ڏينهن ۾ سنڌي سنگيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو ڳائي وڄائي انگريزن کي به حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ وقت چپڙي يڪتاري وڄائڻ سان گڏ سندس منهن جو رخ، ويهڻي ۽ هٿن جي بيهڪ وارو انداز اڄ تائين ڪوئي به فنڪار پيدا نه ڪري سگهيو. سڄو جسم سندس جو ڳائڻ سان گڏ پيو پرفارم ڪندي نظر ايندو هو. هو ويٺي ويٺي ڳائيندي به ائين لڳندو هو جو ڄڻ نچي رهيو هجي. جلال چانڊيو زندگيءَ منجھ 3 شاديون ڪري لائون لڌيون، هڪ پنهنجي مائٽن مان ننڍپڻ ۾ ته ٻي شادي پنهنجي پسند سان ڪيائين جنھن منجھان3 پٽ ھڪ نياڻي جي اولاد سان رب پاڪ نوازيو
    فني دنيا ۾ انتهائي اوج واري زندگي ۾ جڏهن ته جلال چانڊيو جنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندو هو، اتي اوڙي پاڙي جون سوين مرد توڙي عورتون پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي ويهي جلال چانڊيو جو راڳ ٻڌنديون هنيون. جلال چانڊيو پنهنجي شروعاتي دور کان حياتي جي آخري لمحن تائين انتهائي مقبول فنڪار رهيو.
    جلال چانڊيو ته اڳ ئي حسن پرست ۽ سونهن جو پوڄاري هو، جنهن سبب جتي به جنهن به شي ۾ سونهن ڏسندو هو ته دل ڏئي ويهي رهندو هو. جانورن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، مينهون ۽ گهوڙا پالڻ جو شوق تمام گهڻو هئيس.
    جلال چانڊيو رنگين طبعيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ انتهائي طور نماز جو پڻ پابند هوندو هو ۽ مھمانوازي سندس جو وڏو گڻ ھو پاڻ انسانيت جي خدمت سان سرشار جذبو رکندڙ شخصيت هو. پنهنجي علائقي جي غريبن جي نياڻين جي ڏاج ڏيڻ کان وٺي غريبن جي مدد ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. سنڌ اندر ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو جتي جلال چانڊيو پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي. پاڻ زندگيءَ جي آخري ڏينهن۾ گڙدن ( بڪين ) جي بيماري منجھ مبتلا ٿي پيو ڪافي اسپتالن جي ڊاڪٽرن کان علاج ورتائين مڱر ڪوئي شفا نہ ٿيس پاڻ ڪراچيءَ شھر جي سول اسپتال منجھ زندگيءَ جا 57سال گذاري پنھنجي گھر ڀاتين ۽ لاتعداد چاڙھيندڙن کان موڪلائي
    ڏهين جنوري 2001ع اربع تي رات جو ساڍين ڏهين ڌاري منھن موٽايون ھليو ويو . مرحوم جلال چانڊئي جي آخري آرامگاه نوشهرو فيروز جي شهر ڦل ۾ آهي سنڌ جي ھن ناليواري فنڪار جي اڄ 10جنوري 2023ع اڱاري ڏينهن 22 ورسي ملھائي ويندي جلال چانڊيو جي وچوڙي کي ھيترو عرصو گذري وڃڻ بعد بہ جلال چانڊيو اوترو عوام مقبول آهي بس ايترو ضرور چئبو ته جلال چانڊيي جو ڪو مٽ ثاني فنڪار سنڌ کي ناھي ملي سگهيو جيڪو جلال چانڊيي جيان چپڙي يڪتاري وڄائڻ جو ڄاڻو ھجي سنڌ جي ھن ناليواري فنڪار کي فني مڃتا طور (لطيف ايوارڊ) سال 1999ع سان پڻ نوازيو ويو ھو _________ ._______ ڏسپتو ابراهيم لاشاريءَ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو