فقير محمد سنڌي ناليوارو شاعر اديب محقق ليکڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2023۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    فقير محمد سنڌي سنڌي ادب جي سونھن. ( ابراهيم لاشاريءَ)
    سنڌ سونهاري جي سرزمين نه فقط زرخيز پر مردم خيز به آهي جنهن ۾ صوفي، اديب، عالم، سگھڙ، صحافي، ليکڪ ريڊيو لسنر ۽ ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي. جن سرزمين سنڌ جي رهندڙ ماروئڙن سان ميٺ محبت، اخوت، همدردي، انسان دوستي جهڙا انمول سبق پئي سکاريا آهن، جن پنهنجي قلم جي نوڪ سان ستل قوم کي سجاڳ ڪيو آهي، اهڙن نامور انسانن جي جيتري واکاڻ ڪجي، منهنجي خيال ۾ ته اوتري گھٽ آهي. ڇو ته انهن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ڪري هر نئين ايندڙ نسل کي تعليم، تاريخ، ادب، هنر ۽ ٻين ڪيترن ئي شين سان نوازيو آهي. جڏهن کان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو آهي ته تڏهن کان وٺي ڪيترن ئي نالي وارن ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ سگھڙن سان رابطا، ملاقاتون، ۽ ڪچهريون مختلف وقتن تي ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ته گھڻو ڪجهه پرايو به آهي.
    سنڌ ڌرتي جي مشهور شاعر، ڪالم نگار ، صحافي ۽ ريڊيو ڪمپيئر، فقير محمد سنڌي 07 جنوري 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ دين محمد شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو.
    پاڻ پرائمري تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻو مان ۽ مئٽرڪ 1998ع تي گورنمينٽ هاير سيڪندري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪيو، ۽ انٽر 2000ع تي سچل سرمست اورينتل ڪاليج لاڙڪاڻو مان، ان کان پوء بي. اي سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ايم. اي( سنڌي ادب ) شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪيائون.
    درس نظامي تعليم.
    مولوي، عالم ۽فاضل جو امتحان 1998ع ۾ پاس ڪيائين . درس نظامي جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسي جامعه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان سندالفراع سان فارغ التحصيل ڪيائين.
    فقير محمد سنڌي پنهنجي لکڻ جي شروعات 1995ع کان ئي. سندس شاعري ۾ استاد، جي ايم رئيساڻي، سرمد چانڊيو ۽ غلام فاروق خاصخيلي. ۽ سندس پسند جون صنفون : وائي، بيت، قطعه، غزل، چوسٽا، نظم، نثري نظم ۽ نظماڻي اک، آهن

    فقير محمد سنڌيء جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
    ( 1)وچن وفا جا( شاعري )2004ع ڏاهپ پبليڪيشن قنبر ( 2)جاني جيون جوڙ( شاعري )2008ع قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو. ( 3)قلمڪار ڪوي( گڏيل شاعري) 2009ع( مرتب) قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو (4)عظیم هستين جا عظيم قول 2012ع(شخصيات )قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو. (5)سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار ) آڪٽوبر 2013ع، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو.
    ( 6)گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو( حفيظ کوهارو جي فن ۽شخصيت )، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو.
    ( 7)سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق( ترتيب ) جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو. ( 8)سونهن سمبارا( ريڊيو اسڪرپٽ )2016ع، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو. ( 9)تاريخ جو منظر ۽پس منظر( سهيڙيل تاريخ وار )، 2020ع قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو.
    سندس اڻ ڇپيل ڪتاب :
    * ڏات جو ڏيھ .
    (خاڪا ءِ ڪتابن تي تبصرا )
    * هر ڏينهن صليب تي .
    (روزانو ارادو لاڙڪاڻو جا لکيل ايڊيٽوريل )
    * سدا بهار مرڪ( ٻاراڻي ڪتابن جا خاڪا )
    * منهنجو لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو.
    (ريڊيو اسڪرپٽ)
    * ڏات جرڪي ٿي ڏيھ ۾
    ( ڏاهپ اخلاقيات )
    *لاڙڪاڻو موتين مالها .
    (شخصي خاڪا )
    * لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب .
    (ڪتابن جو مشاهدو)
    *سڏڪا سڏڪا سنڌ
    (شعري مجموعو )
    * سائي ڌرتي .
    (زرعي ءِ سماجي خاڪا)
    * نڪ ۾ ناڪيلي .
    (ڪهاڻين جو مجموعو)
    ادبي خدمتون :
    نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻو - رابطہ سيڪريٽري.
    اياز ادبي اوطاق، سنڌ - سيڪريٽري جنرل
    قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو - 2006ع چيئرمين
    ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
    ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار ميگزين لاڙڪاڻو.
    ايڊيٽر ماهوار سجاڳ ميگزين لاڙڪاڻو.
    ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو.
    ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر، روزاني ارادو لاڙڪاڻو.
    ايڊيٽر ماهوار ارادو لاڙڪاڻو.

    سندس چونڊ شاعري:

    فقير محمد سنڌي
    بيت
    ماڻھن جي آ ماٺ,حڪمت ساڻ حيات,
    آندي ڪلھي ڪاٺ,اوڻٽيھين آئي آ.

    اکين چميو ڪتاب,ورقين ٿي خوشبوء,
    کليو آھي باب ,علم جي عرفان جو.

    ڀورا جيون انت ,مليو آھي مون ,
    ٿيڻو آھي سنت,صبح سمجھائيو .

    ڪڪرن جي اوٽ ,پرينء جو چھرو,
    مون اندر ڦڙڦوٽ ,سدا آھي روح ۾.

    نرمل جي نگاھ, شفقت جو آشيانو,
    ظاھر ھي زمانو,سھندو ڪين مون کي.

    جيئن سنڌوءَ جو آجپو، دودن ڏي نھاري پيو،
    پاڻي هر ساھ جو جياپو، يزيدي دور جي هٿ آ.

    ڪير سار لهندو اچي، ڌرتيءَ ڌڻي سجاڳ ٿي،
    سنڌوءَ جو پاڻي، سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي.

    آئي آھ بھار, تو ڪارڻ مون وٽ ,
    نيڻين مون نھار,راحت آھي روح کي.

    عشق جي ڏسي واٽ,سرڪن عاشق سٽ سان,
    ٻئي آ ڪھڙي لاٽ,جنھن سان پاڻ پسائجي.

    ھر صدا من جي آ,سامھون ٿئي ديدار,
    اکيون پسن يار,مونجھ لھي من جي.

    من ۾ ماٺ ڪٿي آ,لڇ پڇ آ ھر ويل,
    ڌرتي سان بدکيل,ٿو ڌاريو روزڪري.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    نظم
    فقير محمد سنڌي
    هر ڪو آ بيزار، مون کان هرڪو آ بيزار.

    رات سڄي مون ننڊ ڦٽي آ،
    ويٺي منهنجي باک ڦٽي آ،
    ڪنهن سان ڪيان پيار، مون کان هرڪو آ بيزار.

    آءُ اچي تون سيني لاءِ،
    آهي تنهنجي ڪهڙي راءِ،
    لھ تون منهنجي سار، مون کان هرڪو آ بيزار.

    ڏس تو بن منهنجو ڪير آ،
    هر ماڻهو ويري وير آ،
    دنيا جو وهنوار، مون کان هر ڪوئي آ بيزار.

    تون سنڌي تي ڪر مهرباني،
    پنھنجو پيار ڏي تون جاني،
    توکي آ اصرار، مون کان، هر ڪوئي آ بيزار.
    نظم

    سواءِ منهنجي ڪيئن ٿو گذري،
    اوهان جو جيون، اوهان جو جيون؟

    ٻڌاءِ محبوب ڏينهن سارو،
    سواءِ منهنجي ڪيئن ٿو گذري،
    اوهان جو جيون، اوهان جو جيون؟

    خزان جي موسم قهر خدائي،
    سواءِ منهنجي ڪيئن ٿو گذري،
    اوهان جو جيون، اوهان جو جيون؟

    ادا اي سنڌي وفا نه ڄاڻين،
    سواءِ منهنجي ڪيئن ٿو گذري،
    اوهان جو جيون، اوهان جو جيون؟_______ ڏسپتو محمد ابراهيم لاشاريءَ لاشاريءَ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو