پروفيسر منصور ابڙو بہ وڇڙي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2023۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    لاڙڪاڻي جو ناليواري پروفيسر منصور ابڙو بہ وڇڙي ويو (ابراهيم لاشاريءَ) سنڌ دنيا جو اھو خطو آھي جنهن کي قدرت ھر لحاظ کان مالامال ڪيو آهي،
    سنڌ کي پنهنجي وسيع ٻولي، قديم ڪلچر ثقافتي ، سنڌو ندي،
    معدني وسيلن جي انبار،
    موسمن جون مهربانيون،
    يا وري اعلي ۽ اڪابر ذھن، تعليمدان علم جي روشني
    محبتي مجاز رکندڙ ماٺيڻا ماڻهو، علم جا ڄاڻو
    مطلب سنڌ توھان کي هر پاسي کان آسودي ۽ امير نظر ايندي،
    وقت جي وهڪرن ۾ ڪجھ هيٺِ مٿانهيون ضرور آيون آهن،
    پر پوءِ به سنڌي ماڻهن پنهنجو مزاج نه مٽايو آهي،
    آءُ اڄ به جڏهن سائين منصور ابڙو صاحب
    محبوب ماڻهن کي ڏسندو آهيان ته سنڌ جي صوفيت تي
    منهنجو ايمان پڪو ۽ پختو ٿي ويندو آهي،
    اڄ سندس وچوڙي جي خبر لاڙڪاڻي جي تعليمي ادارن اڪيڊمين منجھ باھ جيان پکڙجي وئي جنھن سبب ھر طرف استادن ،شاگردن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي پروفيسرس سوڳ ۾ورتل نظر اچي رھيا آھن منصور احمد ابڙو تعليم جي ميدان ۾ سنڌ جي مڙني استادن پروفيسرن کان مٿانھو نظر ايندو هو پاڻ مھين جي دڙي جي چيڪي مٽيءَ، دنيا جي سياست ۾نرالي شھر لاڙڪاڻي جي نظر محلي منجھ ھڪ معزز شخصيت انور علي ابڙو جي گھر ۾ سرديءَ جي موسم 7ڊسمبر1971ع اڱاري ڏينهن جنم ورتو پاڻ پڙھڻ جي عمر کي پهتو تہ والدين اسڪول ۾ داخل ڪرايو پاڻ نندي ھوندي کان ذھين ھوندو ھو منصور احمد ابڙو پاڻ مئٽرڪ لاڙڪاڻو جي اداري مان حاصل ڪري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ميڊيٽ جو امتحان پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو جي علم حيوانيات (زولاجي) شعبي ۾مسلسل چار سال لاڳيتا پڙھي ايم اي سي جي فرسٽ پوزيشن فرسٽ ڪلاس ()گولڊ ميڊل) ڊگري حاصل ڪيائين پڙھائي ۾ پنھنجي ھم ڪلاسي دوستن کان وڌيڪ ھوشيار ذھين ھوندو ھو پڙھائي کان بعد ترت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سال 1997ع ۾ ليڪچرار طور پرين پوسٽنگ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ ٿي پاڻ درس تدريس سان سلهاڙجي سرڪاري ملازم اختيار ڪئي ڪجھ عرصي کانپوءِ سنڌ حڪومت تعليم کاتي بدلي ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو ۾ مقرري ڪئي پروفيسر منصور احمد ابڙو صاحب اتي بہ محنت سان پڙھائيندي نظر آھيو پاڻ ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ھڪ زبردست ذھين پروفيسرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ھزارين شاگردن کي تعليم جي زيور سان نوازيندئي نظر ايندو هو ڊگري ڪاليج رتوديرو کان2008 بعد ھن کي بدلي ڪري گورنمينٽ ڊگري لاڙڪاڻي۾ مقرر ڪيو ويو جتي هن محنت سان پڙھائيندي پنھنجو نالو نروار ڪرايو لاڙڪاڻي ڊگري جي پروفيسر دوستن پروفيسر سڪندر قريشيءَ پروفيسر اڌم داس سان گڏجي سال 2010ع ۾ ( SUM) سم اڪيڊميءَ نالي ھڪ تعليم اداري جو منصوبو جوڙيو جتي ھر روز سوين ميل فيميل شاگرد تعليم حاصل ڪندي نظر اچن پيا پروفيسر منصور احمد ابڙو صاحب سم اڪيڊميءَ جو نالو اھڙو تہ روشن ڪيو جو سڄي سنڌ جا شاگرد ھن اڪيڊميءَ ۾ پڙھندي نظر اچن پيا SUM اڪيڊميءَ جا ھر سال ميڊيڪل ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن جي ھڪ وڏي لسٽ نظر ايندي سنڌ جي ھر ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ منصور احمد ابڙو جا شاگرد نظر ايندا آهن پاڻ تعليم جي ميدان ۾ترقي ڪندي سال 2022ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي لاڙڪاڻي جي بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج ۾ مقرري ٿي پاڻ ڏينهن رات محنت سان پڙھائيندي نظر ايندو هو ڪجھ عرصو اوچتو دل جي تڪليف سبب لاڙڪاڻي جي دل واري شعبي ۾ سندس کي ترت علاج واسطي داخل ڪرايو ويو جتي ڊاڪٽرن رات ڏينهن زندگيءَ بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون مڱر زندگي منصور احمد ابڙو سان وفائي نہ ڪئي پاڻ 51سال1مھينو 4ڏينھن زندگي جا پل گذاري 11جنوري 2023ع اربع ڏينهن ھزارين شاگردن پروفيسر دوستن کان اوچتو موڪلائي گھر وارن پنھنجي ٻارڙن کي اڪيلو ڇڏيون اسان کان موڪلائي ھليو ويو لاڙڪاڻي جي تعليمي ادارن ۾ سوڳ منظر نظر اچي رهيو آهي منصور احمد ابڙو جو تعليم ۾ ڪيل ڪم ساراھ جوڳو آهي جيڪو ھميشہ ياد ايندو رھندو پروفيسر منصور احمد ابڙو جي وڇڙي ويڻ سان ھڪ وڏو خال پئدا ٿيو آھي لاڙڪاڻي جا تعليمي ادارا ھڪ بھترين قابليت واري شخصيت استاد کان محروم ٿي ويا آھن پروفيسر منصور احمد ابڙو کي ھاڻ ورسي جي ڏينهن ياد ڪيو ويندو پروفيسر منصور احمد ابڙو جي نماز جنازه پروفيسر ڪالوني ۾ادا ڪئي وئي جتي سوين پروفيسرن کان علاوه سوين ڊاڪٽرن شاگردن شرڪت ڪئي پروفيسر منصور احمد ابڙو صاحب پاڻ ادبي لڏي سان پڻ سلهاڙيل ھو پاڻ ھڪ لاجواب شاعر جي سڃاڻپ پڻ رکندڙ شخصيت جو مالڪ هو پاڻ پنهنجي زبان شاعري جي روپ۾ SUM اڪيڊميءَ جي ايوارڊ ورھائڻ واري تقريب۾ شاگردن کي آخري ڀيرو پنھنجي شاعري ھن طرح ٻڌائيندي چيو ھو تہ اسان وقت پنھنجو گذاري وڃون ٿا، ڪلاسن جي دلڪش بھاري جون يادون،ڪتابن سان پنھنجي ياري جون يادون،. ۽ پيپرن ۾ گذريل اسان جون ھتي سڀئي بيقراري ۽ قراري جون يادون، سڄي زندگي تان واري وڃون ٿا اسان وقت پنھنجو گذاري وڃون ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو