ٽي سٽا 1 ڀَلائِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيِءَ پانهنجٖي، سَٻاجها سِرِ چَڙَهِيو، ڏوراپو نه ڏِينِ، مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايَنِ ۾. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-1 2 پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ جٖي، ڀلائِيءَ جا ڀيرَ، اَڱڻ اُڪَنڊِيُنِ جٖي، ڏٖي پاٻوهٖي پٖيرَ، قَمَرَ پاڙٖي ڪٖيرَ، شَمَسُ سُپٖيرِيَنِ سين؟ ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-2 3 تون چَنڊَ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسِين ٿو پِرِينءَ(پِرِيَنِ) کٖي، آڏِتُ چَئِج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي، هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄڻين! ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-3 4 مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگُ مَ وَڃَنِ سيڻَ! رَهِيا آهِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِين جا نيڻَ، وِماسِيا جَنِ ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَڳي تَنِ هِنئون. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-4 5 راتِ سَهائِي ڀُون سَئِين، پَٽين وڏو پَنَڌُ، هلندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَها! موڙِ مَ ڪَنڌُ، ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻنڌُ، جو پهُچائي! پِرِيَنِ کي. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-5 6 اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِي، مون گهَرِ مُون پِرَيَنِ جي، اَچَڻ جِي وائِي، مون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامَ کَرَن ۾. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-8 7 اَڄُ پُڻ اُمارو، چوڏِهِينءَ ماهَ چَنڊَ جو، مون گهرِ مون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو، سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گَهرِ آئِيو. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-9 8 چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀَرِين، سَهسين ڪَرِيين سِينگارَ، پَلَڪَ پِرِيان جِي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِيين هَزارَ، جَهَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِهَڙو دَمُ دوسَتَ جو. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-11 9 چَنڊَ! چِٽائِي تنهنجِي، سياهِيءَ ۾ سُورُ، لايان لالَ لِڱَنِ کي، چَندَنِ ڀَري ٻُورُ، ڪوماڻو ڪَپُورُ، مون وَجهائِيندي پِرِينءَ کي. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-14 10 چَنڊَ! چُئَئِين سَچُ، جي مَٺِي نه ڀائِيين، ڪڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪڏهن اُڀرِين ڳَچُ، مُنهن ۾ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناه پيشانِي پِرِينءَ جي. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-17 11 ناسِيندي نِگاهَ، پهرين ڪِجِ پِرِينِ ڏي، اَحوال عاجِزَنِ جا، آکِجَ لَڳِ اللهَ، روزُ نِهارِينِ راهَ، اَکِيُون اوهان جي آسَري ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-1 12 ناسِيندي نَظَرُ، پِهرِين ڪِج پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ! ڪَهِجُ قَرِيبَ کي، نِسَتُ آئون نِٻَرُ، ٻِي ڀيڻِي ناهِم ڀَرُ، اَکِيُون اوهان جي آسَري. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-2 13 ناسِيندي نِرتِ، پِهرِين ڪِجُ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ! ڪَهِجُ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرتِ، ٻيو ڀَروَسو نه ڀِتِ، اکِيُون اَوهِان جي آسَري. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-3 14 ناسِيندي نِهارَ، پِهَرِين، ڪِج پِرِيَنِ ڏي، آئون جي ڏِيَئِين سَنِيها، چَئِج چَنَڊَ! اَڀارَ، ساڄَنَ! سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اوهان جي آسَري. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-4 15 چَڱا چَنَڊَ! چَئيجِ، سَنِيها کي سَڄَڻين، مَٿان اَڱَڻِ اُڀَرِي، پِرِيَنِ جي پَئيجِ، جهِيڻُون ڳالهائيجِ، پيرين وِجهِي هَٿَڙا. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-5 16 آئون جي ڏِيَئِين سَنِيها، سي تُون چَنَڊَ! پليءِ ٻَنڌَ، چَئِج حالُ حَبِيبُ کي، نَئِي نِوَڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاهين پَنڌُ، جيڏاهن عالم آسرو. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-6 17 ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حَياتِيءَ هيڪاندِ؟ مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ، پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجھُه ڳَرَهِيان ڪَنِ سين؟ ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-9 18 هِنئَڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هيرَ؟ اَچِي لالَنِ! نه ڏِيين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ؟ ٿِي وِرُونهَڻَ ويرَ، ڳُجھُه ڳَرهِيان ڪِنِ سين؟ ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-10 19 ڪَرَهو نه ڪيڪاڻُ، پيرين آئوُن نه پُڄَڻِي، جو مون رات رَساڻي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ، مُون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-13 20 ڪرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکون وِجهُه وَڌَندِيون، هيڪَرَ حَبِيبَنِ سان، مون کي نيئِيِ گَڏِ، مَڇُڻِ! پُونِيءَ هَڏِ، آهون اُڪَنڊِيَنِ جِيُون. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-14 21 ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجھُ وَڌَندِيُون، سَنئِين سُپيرِيَنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽِ، ڇَڏ جهُورِي ڏي جهاٽَ، ته هوندِيءَ راتِ هُتِ مِڙُون. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-16 22 ڪَرَهَا! ڪُرُ سُڃاڻُ، پِيَئَڪو ۽ پانهِنجو، اَصُلَ آهي آهِنجو، ناليرو نِڌاڻُ، ڪَرَها! اسان ساڻُ، ڪي چانگا ڪِج چَڱائِيُون ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-17 23 آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکَڙِيُون چَري، ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ، اِنَ مَيي سَندِي ماءِ!، مُون کي ڳالهڙِيُنِ ڳوڙَها ڪِيو. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-18 24 مَيا! مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ منهنجِي ڪَرها! جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-19 25 ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مالَ، ڪَدِيفي جِي ڪَرَها! هيدِي پايَئِين حالَ، چَندَنُ چارِينءِ جالَ، جي مُون راتِ رساڻِيين. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-20 26 ڳَلِ ڳانا ياقوتَ جا، موتِي مَنجِهه مَهارَ، چانگا! چَندَنُ چارِينءِ، اٺئي پَهرَ اَپارَ، سنديَ پِيَ پَچَارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-21 27 مَيا! تو مُهارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي، چارِينءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏارَ، سَندِي پِيَّ پَچارَ، جي مُون رات رساڻِيين. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-22 28 اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سِين، چَري نه لاڻون، مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوهي ۾ ٿاڻون، ڀَٽاري ڀاڻون، مَرَندي سِينءَ نہ مَٽِيو. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-23 29 اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سِين، ٻڌو چَري نه ٻُورُ، مَيي کي مجازَ جو، ڪُڙِهه اندَرِ ڪو سُورُ، سو ڪو پِرايائِين پُورُ، سُڪِي جِيئن ساڻو ٿِيو. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-24 30 اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو، لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينهِن جِي، نيهوڙِيو نانگو، ڇَڏي سِرَ سانگو، رِڙهي رَندِ پِرِيَنِ جي. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-25 31 ويهِي مَنجهَهِين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳ، جَڳَ سين جِهَڙو جَڳَ، هِنئين سي هُتِ چَري. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-26 32 ڀُورُ نه چَري ٻُورُ، ڇڏِيو تُورُ تَڪُون ڪري، مُونين هَڻِي موٽِيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِيو مَعمُورُ، چَندَنُ چَکِي آئيو. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-27 33 اَڄ نه اَڳئِينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جِيئن ڪالھه هو، اَڱڻِ آيو نه ڪري، پاهوري پچارَ، جيڪُس مَنجِھه قَطار، ڪا وَلهه چِنائِين وِهَ جِي. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-29 34 وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي، وَلِيُون واسَ وَرِنِيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ، چانگي چَکِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهَندو پَئِندَ ري. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-32 35 اُٿِي اَڙائِينسِ، ڇَڏِيو ته ڇيڪَ ٿِيو، کارايان، کِڙِيو وَڃي، پلاڻِي پائِينسِ، ڏانوَڻِ تنهن ڏانئِينسِ، جِيئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-38 36 دُودَسَتِي، دُوپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي، ماءِ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ، تنهن ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ؟ جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي! ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-39 37 ڪَنِين ڪامَڻَ ڪِياءِ؟ ڪِيئن ڀَنڀولِئِين ڪَرَها! اَکِيُنَ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاءِ! وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ؟ ٻَڌو جِيئن گهاڻي وَهِين. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-40 38 هوسُ وَڏيرو وَڳَ جو، مِڙِنِي ۾، مَهِندارَ! چُنِمِ ٿي چاڳُ منجهان، موڙِيو مَڃَرَ ٽارَ، لِکِئي جِي لَغَارَ، آڻي ٻَڌُمُ اَکِيا. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-41 39 کائي نه کَٽَڻَهارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري، اَگَرَ اوڏو نه وَڃي، سَرَ کَنڊَ لَهي نه سارَ، لاڻي جِي لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِيو. ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-44 40 چانگا! چَندَنُ نه چَرين، مَيا! پِيين نه موڪَ، اَگَرَ اوڏو نه وَڃِين، ٿُڪِيو ڇَڏِيين ٿوڪَ، لاڻي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اَکَرِ آئُڙِي؟. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-45 41 جئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيون، پنجين لکين پَنُ، تئان ڇاڻي ڇُڳِيون، مَيي رتو مَنُ، تنهن وَلِ سندو پَنُ، ڪوماڻو ڪوڙين لهي. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-47 42 لَکِ لاکِيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئَي ڇوڙِ، اِها سِٽِ سيدُ چئي، جِهِين تِهِين جوڙِ، تُرتُ رَسائي توڙِ، جُه پَلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-49 43 لَکَ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئِي ڪاهِ، ايلاچِيُون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ، ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي. ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-50