ٻه سٽا بيت 1 مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِه مَ چُرَ، اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالِي نه ٿِيين. ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 1-1 2 مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاهِه، پِرِيَنِ اَڳِيان پاءِ، پَلئُه مَڱڻَهارَ جِيئن. ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 1-2 3 اَٺَئِي پَهَر اوڙاه تي، مَنجِهه گُهرِءِ گهاري، وَسُ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي. ٻسٽ دوهوسورٺو سريراڳ 2-14 4 اورِيائين آڻِينِ، ميڙِيو مُعَلِمَ خَبَرُون، سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌُ ڪَري. ٻسٽ سورٺو سريراڳ 3-3 5 سَڀئِي سَئِينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهايين واٽِ! سُپيرِيان جي ساٿِ، لائو لَڱو ميڙِيين! ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-1 6 چَڱنِ ساڻُ چَڱائِيون، اِيئن سَڀَڪو هوءِ، تو جِيئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيون ٻه سٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-3 7 چڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيُون مَٺَنِ، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ، جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين. ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-4 8 مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ، ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين. ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-5 9 سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ، سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي. ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ4-9 10 سونا! وانءُ صرافَ سِينءَ، لڏو هَڏِ مَ لاهِ، آهي تَنِ اونداهِ، جَنِ جَواهِرَ ضايَع ڪِيا. ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-10 11 جُہ صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پُڻ لَڏِجِ سونَ! قَدُر لَهَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين. ٻسٽ دوهو سورٺو سرسريراڳ 4-11 12 اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي! پَلَءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران! ٻسٽ سورٺو سريراڳ 4-14 13 اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي! ڀَڳُءِ جِتِ، ڪوھَ نه وِيئين تِتِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪري؟ ٻسٽ دوهو سورٺو سرسريراڳ 4-18 14 اَمُلُ اساري پَئي، ڀورِي! ڀَڳُءِ جِئين، وانءُ صرافَنِ سِينءِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪري. ٻسٽ دوهو سورٺو سرسريراڳ 4-19 15 جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو، سَنئُون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباهِيو. ٻسٽ سورٺو سريراڳ 4-21 16 چورُ اُڀو اِيئن چوءِ، ته آئُون اُهوئِي آهِيان، جي اَسِي اَکِيُنِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونه لَهي. ٻسٽ سورٺو سريراڳ 4-22 17 مون ٿي چَيُئِي ڪاندَ! ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي، سِڙَهَ پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون سَهِي لَڳَندِيون. ٻسٽ سورٺو سريراڳ 5-1 18 وِيرِ وڙهندِيَءِ، ويسرا! اُٿِي توهُ طَلَبِ، سائِرَ ڪِنهن سَبَبِ، ڪالَ نه وِڌِءِ ڪُنَ ۾. ٻسٽ دوهو سورٺو سريراڳ 5-3 19 ڪالَ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ، تُنهنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾. ٻسٽ دوهو سورٺو ميل 5-4 20 تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو، اونهي ۾ آڻي، ڪونَ ڏيندُءِ ڪو ٻيو! ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-1 21 تارُو تَرِيو وَڃَنِ، ننڍا وڏا واهُڙا، هَئي! ٻَرِ! اَتارُنِ، جِيئن ڳَرا مَٿِنِ مولِھيا. ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-3 22 ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو، هَڪِيو هوئج هوشِيارُ، کِنوڻِ کِوَندِيَءِ اوچَتِي. ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-4 23 سُتين ڪِهَڙِيءَ سارَ؟ وِڄُ کِوَندِيَءِ ويسَرا! تو جيڏا تو يارَ، لَهِرِنَ لَهِوارا ڪيا. ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-5 24 سُتين سنجهي ئِي، وِڄُ کِوَندِيَءِ ويسرا! وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ تان اوچَتِي. ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-6 25 کِنوَڻِ کِنوايو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جي، جِنِين نه ڀَئو ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي. ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-7 26 توڻي توائِي، توءِ تنهنجو آسرو! سَڄَڻَ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏِيندِيَسِ جيڏِئين. ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-13