آزاد نظم
”احساس“
نسيم حيدري
اکڙين جي کڙڪين مان
لهي وڃن ٿا
جي
روح جي پاتال ۾.
ٺاهي پنهنجو مسڪن ....
اهي پيارا
ڪيئن وسرن .....
رسائي جن جي
رڳن ۾
رت جي گردش سان ...
دل ۽ ذهن جي
احسا سن ۽ خيالن جي
دنيا تائين...
ادا ناز، مهربانيون، اڄ ئي گهر ڳالهائڻ ٿيو، هو پهريان نسيم جا شعر، تصويري صورت ۾ کيس مليا آهن، ڏاڍي خوش هئي پر يار! ٻي شعر ۾ عورت واري تصوير تي پڇا ڳاڇا ٿي ته ڪير آهي؟ ڪٿي مون ڪو نئون چڪر ته نه هلايو آهي ... پر خئير صفائي ڏني ته اهي ڪم نثار ناز جا آهن، منهنجو ان تصوير سان ڪو تعلق ناهي ...
سو ڀائڙا! پاڻ ته خئير سان سعودي ۾ آهيون جي ايڏانهن هجون ها ته شايد شڪ جو دائرو ڪجه گهرو هجي ها ... عورت جو ڪم آهي شڪ ڪرڻ چاهي اسين ولي الله ڇونه هجون ... بهرحال جت پيار هوندو آهي ات مڙئي ڪجه شڪ جي گنجائش به شايد هوندي آهي ...
الله اوهانکي خوش ڪري بس عورت جي تصوير کان هن دفعي بچائيندا نه ته خئير ناهي ...
ادا نثار ابڙا هڪ دفعو وري به بهترين نثري نظم ڀلي اهو مختصر سهي اسان جي مانَ واري ڀيڻ سائيڻ نسيم حيدري صاحبه جو اسان سان شيئر ڪيو آهي، ماشاالله ذهن کان وٺي دل تائين اهو نظم ياد رکڻ جهڙو آهي، ڪوشش ۾ آهيان ته ڀيڻ حيدري جي هن نظم کي پڻ ڪا خوبصورت تصويري شڪل ڏيئي نظم کي ڪي نيون معنائون ڏيان۔ الله سائين توهان ٻنهي جي جوڙي سلامت رکي (آمين)
بڙي دير ڪردي مهربان آتي آتي۔ يار توهان هميشهه اسان جا هٿ مٿي آهن چئي اسٽوپ چوندا آهيو، ۽ توهان جي چيل اسٽوپ ۾ اڃان تائين اسان جا هٿ مٿي آهن توهان اسٽوپ مان آجا ڪري پاس ڪريو ته اسان به ڀيڻ نسيم حيدري جي هن خوبصورت نظم کي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي آڻي ڪا چتر ڪاري ڪريون۔ پر توهان جي يادگيري ڏيارڻ کان پو لڳي ٿو توهان جي اسٽوپ مان آجو ٿي ويس۔ ڏينهن ٻن ۾ اول خير نظم چترڪاري جا مرحلا طئه ڪري ويندو۔سائين نثار ناز جو ڪيل واعدو، شايد واعدو ئي رهجي ويندو ۔۔۔ خئير آهي، انتظار ڪرڻو آهي ۔۔۔