”احساس“ ... از نسيم حيدري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    آزاد نظم
    ”احساس“
    نسيم حيدري

    اکڙين جي کڙڪين مان
    لهي وڃن ٿا
    جي
    روح جي پاتال ۾.
    ٺاهي پنهنجو مسڪن ....
    اهي پيارا
    ڪيئن وسرن .....
    رسائي جن جي
    رڳن ۾
    رت جي گردش سان ...
    دل ۽ ذهن جي
    احسا سن ۽ خيالن جي
    دنيا تائين...
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا هڪ دفعو وري به بهترين نثري نظم ڀلي اهو مختصر سهي اسان جي مانَ واري ڀيڻ سائيڻ نسيم حيدري صاحبه جو اسان سان شيئر ڪيو آهي، ماشاالله ذهن کان وٺي دل تائين اهو نظم ياد رکڻ جهڙو آهي، ڪوشش ۾ آهيان ته ڀيڻ حيدري جي هن نظم کي پڻ ڪا خوبصورت تصويري شڪل ڏيئي نظم کي ڪي نيون معنائون ڏيان۔ الله سائين توهان ٻنهي جي جوڙي سلامت رکي (آمين)​
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا ناز، مهربانيون، اڄ ئي گهر ڳالهائڻ ٿيو، هو پهريان نسيم جا شعر، تصويري صورت ۾ کيس مليا آهن، ڏاڍي خوش هئي پر يار! ٻي شعر ۾ عورت واري تصوير تي پڇا ڳاڇا ٿي ته ڪير آهي؟ ڪٿي مون ڪو نئون چڪر ته نه هلايو آهي ... پر خئير صفائي ڏني ته اهي ڪم نثار ناز جا آهن، منهنجو ان تصوير سان ڪو تعلق ناهي ...
    سو ڀائڙا! پاڻ ته خئير سان سعودي ۾ آهيون جي ايڏانهن هجون ها ته شايد شڪ جو دائرو ڪجه گهرو هجي ها ... عورت جو ڪم آهي شڪ ڪرڻ چاهي اسين ولي الله ڇونه هجون ... بهرحال جت پيار هوندو آهي ات مڙئي ڪجه شڪ جي گنجائش به شايد هوندي آهي ...
    الله اوهانکي خوش ڪري بس عورت جي تصوير کان هن دفعي بچائيندا نه ته خئير ناهي ...
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    الا! ڀيڻ نسيم پنهنجي شعر تي ذرا ٿورو به تصور ڪري ها، ان عورت واري تصوير ۾ بس حقيقت نه سهي اولڙي جي عڪس جي حد تائين ان تصوير ۾ پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪري ادا نثار ابڙو کي اکڙين جي کڙڪين ۾ پيار سان لاهي روح جي پاتال ۾ وسائي، ۽ پوءِ اکيون کولي ها، ته اسان جي ڀيڻ کي ايڏو ته رُوح کي ٿڌاڻ ڏيندڙ آساس ملي ها جو ادي نيسم بي اختيار اهو چوڻ تي مجبور ٿي و_ڃي ها ته​

    ڪشي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون
    مون ۾ آهين تون متان تُنهنجو ئي توکي لڳي.​

    ادا نثار ابڙا پليز مُنهنجي ڀيڻ سائيڻ حيدري کي سمجهائجو ته ” شڪ ” جي گُنجائش به محبت ۾ ڪرڻ پاپ جي زمري ۾ ايندي آهي، کيس سمجهائجو. باقي مان نثار ناز لطيف سائين جو پانڌيئڙو آهيان، مان لطيف جي نماڻائي کي سلام ڪندي عظيم عورت کي پنهنجي شاعري يا ڪنهن سُٺي ڪويءَ جي سُٺي ڪويتا ۾ شامل ڪري لطيف سائين جي اديون ڀينر ڙي
    توهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون، يا اديون عبداللطيف چئي، يا ڀينر آئون ڀوري مون سڱ سُڃاڻي نه ڪيو وارا خيال نظر ۾ رکندي مُنهنجي مُرشد لطيف سائين جي شاعريءَ جي رمزن جي ياد تازو ڪندو آهيان، ان هوندي به ڀيڻ نسيم اسان جي هيرن جهڙي محبتي مٺڙي ڀاءَ نثار ابڙي تي .......................................... ابــــو.................................................... پليز ڀيڻ ...................................... بي بولڊ ............. بي هيپي......​
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀاءُ ناز،
    سرهو هجين شال
    مڙئي ويٺا مذاقون ڪيون ... ڳالهه ڪا ڳوڙهي ناهي ... بس هوڏانهن وارو پٿر مون اوهان ڏانهن پاس ڪيو، يار دل ۾ نه ڪجانءَ ... وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ... اهي ناز ۽ نخرا ته پيار ۾ ٿيندا ئي رهندا آهن ...
    اوهان پنهنجي حسن مذاج کي جاري ۽ ساري رکو ...
    جوڳي رمندا ڀلا
    سدائين گڏ
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”احساس“ ... از نسيم حيدري

    سائين نثار ناز جو ڪيل واعدو، شايد واعدو ئي رهجي ويندو ۔۔۔ خئير آهي، انتظار ڪرڻو آهي ۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ”احساس“ ... از نسيم حيدري

    بڙي دير ڪردي مهربان آتي آتي۔ يار توهان هميشهه اسان جا هٿ مٿي آهن چئي اسٽوپ چوندا آهيو، ۽ توهان جي چيل اسٽوپ ۾ اڃان تائين اسان جا هٿ مٿي آهن توهان اسٽوپ مان آجا ڪري پاس ڪريو ته اسان به ڀيڻ نسيم حيدري جي هن خوبصورت نظم کي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي آڻي ڪا چتر ڪاري ڪريون۔ پر توهان جي يادگيري ڏيارڻ کان پو لڳي ٿو توهان جي اسٽوپ مان آجو ٿي ويس۔ ڏينهن ٻن ۾ اول خير نظم چترڪاري جا مرحلا طئه ڪري ويندو۔
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ”احساس“ ... از نسيم حيدري

    آءُ شاعري کي تصويري شڪل ڏني آهي.
    اُميد ته پسند ايندي.
    [​IMG]
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”احساس“ ... از نسيم حيدري

    بهترين ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو