مختيار سمي جو شعري مجموعو "گلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻار" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2023۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    مختيار سمي جو شعري مجموعو”گلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻارَ“ جو سرسري جائزو... .!
    فقير محمد سنڌي
    منـهنجـون سوچون قيـد نه آهن
    مرضيءَ جو مختيار آهيان مان (مختيار سمون)
    زندگيءَ جو هجڻ ڪهڙي به عمر ۾هجي، ان ۾ علمي حاصلات جا سبب تقريباً سگھيائي رهندا آهن جيئن ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ تجربي سان حاصل ٿيل علم يا عمل، اهڙو ئي علم جو ذوق رکندڙ مختيار سمون به پنهنجي صلاحيتن ۾ بيمثال آهي. بيمثال به ان لاءِ ته وقت کي جن فتح ڪيو آهي. جن فردن وقت کي فتح ڪيو آهي اهي دنيا جا ذهين ماڻهو ثابت ٿيا. ”دنيا آهي گول“ 1983ع تي شايع ٿيل ڪتاب ۽ ”ڌرتي روشن ٿيندي“ 1990ع تي شايع ٿيل ٻاراڻا ٻول ان وقت به سهڻي باغ جو ڏيک ڏنو. اهڙي صلاحيتن کي وري ٻيهر اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2015ع تي ”گلن جھڙي شاعري پوپٽ جھڙا ٻارَ“ تخليقي سگھ کي دانش جو رستو مهيا ڪرڻ جي برابر آهي. ذهني صلاحيت لاءِ ”گلن جهڙي شاعر ۽ پوپٽ جھڙا ٻارَ“ جا نظم ٻار جي اصل دولت آهن جنهن ۾، دُعا نظم، ”گھمو لاڙڪاڻو“ ڊُڪڙي گھوڙا“”لطيف جو ميلو“ ۽ وئڪشن نظم سان گڏ تصويرن جا به بھترين عڪس ٻاراڻي ذهن کي سوچڻ ۽ جستجو ڪرڻ تي نئون دڳ مهيا ڪن ٿا. پروفيسر مختيار سمون جي تخليقي سيڙپ ان جا نظم آهن.
    ”ڌرتي روشڻ ٿيندي“. نظم
    سج ڪڍيو مُنهن، آءُ به جاڳيس،
    جذبو آهي مون سان ساڻ،
    ڌرتي روشن ٿيندي“.
    ”هٿ هلاءِ“ نظم جو ڪجهه حصو“
    پيارا ائين نه وقت وڃاءِ،
    هلندو هل ۽ وک وڌاءِ“
    شعر پڙهي مختيار جو جاني،
    ان کي پنهنجي دل سان لاءِ.
    سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جا ”دنيا آهي گول“ جو ڪجهه حصو پڙهندڙن لاءِ ته، ”دنيا آهي گول“ مختيار جي ننڍڙي شاعراڻي ڪتابڙي جو نالو آهي، جو سنڌي ٻارڙن لاءِ سوکڙي آهي دنيا ته گول آهي ئي پر منهنجي شاعراڻي نظر ۾ وقت به گول آهي،سج جا روزانا اوڀر اولهه ڦيرا، چنڊ تارن جي گردش، ڇنڇر کان جمعي تائين هر هفتي جو چڪر ۽ جنوري کان ڊسمبر تائين هر سال جو گهيرو لڳي ٿو ته وقت به گول آهي.“
    پروفيسر مختيار سمون پنهنجي زندگيءَ ۾ ماضي ۽ مستقبل کي ڏسي حال کي ترجيع ڏني آهي توڙي جو حال جو مدو ٿورو ئي ٿئي ٿو. حال جڏهن ماضي بڻجي ٿو ته شاعر جا لفظ رقص ڪن ٿا ترجمانيءَ جي صورت ۾ جيئن پروفيسر مختيار جا هيٺيان نظم جا حصا ڏسو.
    نالو انهن جو سهڻو، تاريخ ۾ ٿو لکجي،
    جيڪي بنا تعصب، آهن ڪندا سچائي.
    اُٿ، نه ويهي جَلُ او ڍولڻ،
    هِير ٿڌيءَ جيان، گھُل او ڍولڻ.
    خوشبوءِ خوشبوءِ سنڌ سڄي آ،
    تون ته گلابي گل او ڍولڻ.
    ”ڌرتي روشن ٿيندي“ ڪتاب جومهاڳ تعميري سوچ کي شعور جي واٽ ڏسڻ جي سڌ ڏئي ٿو. سنڌ جو ناليوارو براڊ ڪاسٽر ۽ نثر نويس نصير مرزا لکي ٿو ته: ”مختيار وري ٻارڙن جي نئين کيپ لاءِ به نت نئين اتساهه سان نت نوان نظم لکڻ ۾ اڳرو پيو نظر اچي، ان لاءِ دل بي اختيار مختيار کي شابس ڏيڻ ٿي چاهي جنهن پنهنجي ڏات ۾ ٻارڙن لاءِ به حصو مخصوص ڪري کين نظرانداز نه ڪيو آهي“. ڪامياب حوصليءَ سان پروفيسر مختيار سمون هن ريت ٻارن سان مخاطب ٿيندي صلاح پيو ڏئي. جيڪا جسماني ۽ علمي ميدان لاءِ انتهائي ڪارائتي آهي.
    کيڏ ڀلي پر پڙهه به ضروري،
    لک لکان ڪري هٿ هلاءِ.
    شاگردن لاءِ جُس جذبي جو مهذب انداز مختيار وٽ هن ريت به آهي.
    لالڻ ڳايا شعر لطيف جا،
    ساجڻ ويهي ساز وڄايا.
    جھومي جھومي جوش مان جانڻ،
    جيئي لطيف جا نعرا لڳايا
    ديس لاءِ محنت کان ڪيٻائڻ،
    سنئين سڌي آهي غداري
    توبه زاري
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل قلب حسين سمي لکيو آهي، لکي ٿوته: ”مختيار سمي جي هن شعري مجموعي،جيڪو ٻارن لاءِ شاعريءَ جي سندس ٻن ڪتابن ”دنيا آهي گول“ ۽ڌرتي روشن ٿيندي تي مشتمل آهي، ان کان علاوه ڇپيل ڪتابن ۾ شاعري جومجموعو ”وفائون منتظر آهن“، انگريزي گرامر، جا ٽيڪ ڪتاب جھڙوڪ ”اين ايزي ائپروچ ٽو ورڊس انگشل گرام“، ”وربڪائينڊس ائنڊ فارسس“ فنڊ امنٽلس آف سمپل“ڪمپائونڊ ائنڊ ڪامپليڪس سينٽينسز“ ۽ سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”عورت حق حيثيت ۽ تشدد“ پڻ قابلِ ذڪر آهن.“
    آخر ۾ پروفيسر مختيار سمون لاءِ ديوان حافظ شيرازيءَ جي غزل جو بيت ته؛
    تاچه بازي رُخ نمايد بيذقي خواهيم راند،
    عرصهء شطرنج رندان رامجالءِ شاهه نيست.
    ترجمو: "اسين پيادا هلنداسون، ڏسون راند ڪهڙو رخ ٿي وٺي، الله وارن جي شطرنج جي تختي کي بادشاهه جي ضرورت نه آهي. "
     
    آخري ترميم: ‏28 جنوري 2023

هن صفحي کي مشهور ڪريو