ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو شعري مجموعو "امان مونکي کيڏڻ ڏي" تي هڪ نظر ...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2023۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو شعري مجموعو ”امان مونکي کيڏڻ ڏي“. تي هڪ نظر.
    فقير محمد سنڌي
    هِن صديءَ وٽ سور جا وڙ وڏاها،
    پو به جھيڙيندڙ نوان حـوصـلا ها!
    (سعيد سومرو)
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ٻاراڻي ادب تي هيءَ پندرهون ڪتاب آهي، جنهن جو عنوان ۽ ٽائيٽل خوبصورت آهي. ”امان مونکي کيڏڻ ڏي“. امان جي لولي پريت جو سنگم آهي، سنگم ڊاڪٽر سيال کي انگل جي صورت ۾ نظر آيو دنيا جو هر ٻار پيءُ ماءُ سان انگل ڪندو آهي، هيءُ به انگل وارو جملو آهي. ”امان مونکي کيڏڻ ڏي“. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هن ڪتاب سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي ۽ علمي ادبي حوالي سان ڊاڪٽر سيال جون خدمتون دنيا، تاريخ ۽ سنڌي ادب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ان سڀني مرحلن تي ڊاڪٽر مبارڪن جو مستحق آهي. ڪتاب جي پهرين نظم جو ديدار ڪجي ته؛
    تون آن خلقڻهار،
    ماءُ ڪنهن جي نه مار،
    نه تون دنيا اُجار،
    ڪير لهندو پوءِ سار؟
    هڪ دُعا، التجا ۽ رشتيءَ ماءُ جو هجڻ دنيا ۾ ٻار لاءِ لازمي آهي ۽ اهڙي نموني دنيا جي سونهن ٻار جي هجڻ سان آهي، جيڪا سونھن هيٺين بيتن ۾ پسي سگھجي ٿي.
    ٻار بن هي دنيا،
    اوندهه انڌوڪار،
    يارن جو ڪو يار، زندهه آ،
    اندر جو هر ٻار، زندهه آ.
    روشنيءَ جي لاٽ ٿورن فردن ٻاري آهي ۽ انهن خاموشي سان چنڊ جي روشنيءَ کي پسي اها سگھ هر فرد تائين پھچائي آهي. ڪتاب جي ارپنا به ڪجھ اهڙي نموني جي ٿيل آهي.
    پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي نالي، جنهن پھريون ڀيرو مُلڪ ۾ ٻارن لاءِ انٽرنيشنل چلڊرين ڪانفرنس ڪوٺائي، جيڪا ٽي ڏينهن جاري رهي! سعيد سومري جي غزل جو هڪ بيت دل جي آڳر تي تري آيو آهي ته:
    اڌوريءَ روشنيءَ ۾، مسافر جي اکين ۾،
    ڏٺو خانه بدوشڻ، نئون خيمو ته ناهي
    ڳالھ هلي آ روشنيءَ جي ۽ ان روشنيءَ جي پند ۾، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ به پنهنجا ويچار هن ريت پيش ڪيا آهن! ”شاعري مختصر پر جامع لفظن جو ميڙ آهي. جنهن ۾ لفظن جي چونڊ، خيال، احساس، علامتون، ادائگي، موضوع جو انتخاب ۽ مواد جي احسن ترتيب پيدا ڪري هر عمر جي انسان کي لوليءَ کان اوساري تائين متاثر ڪندڙ رهي آهي.“ هجڻ به ائين ئي گهرجي جيئن ڊاڪٽر سيال جو نظم ”علم پرايون“ آهي.
    اچو پڙهون ۽ علم پرايون،
    پنهنجي دنيا پاڻ سجايون.
    هنر، عقل ۽ سائنس وارو،
    اُجرو، روشن چنڊ چمڪايون،
    دنيا هاڻي تيز ٿي ڊوڙي،
    ترقيءَ جو ڦيٿو ڦيرايون.
    هاڻ ڊجيٽل دور آ آيو،
    ان سان گڏجي وک وڌايون.
    دنيا ڏاڍي ننڍڙي ٿي ويئي،
    اچو انهيءَ سان پاڻ ڳنڍايون
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دل هر وقت ٻاراڻي ادب لاءِ دڙڪي ٿي. ان ڌڙڪڻ سان ٻارن لاءِ کوڙ سارا نظم سر جي ٿو وٺي، جنهن ۾ اسڪول ۽ تالا، کير، رنگ ۽ امان مونکي کيڏڻ ڏي شامل آهن.
    ڪتاب جو مهاڳ ناديا مسند لکيو آهي. ”ٻارن جي ادب کي تخليق ڪرڻ لاءِ جيڪا هڪ تسلسل ۽ سنجيدگي کپي ۽ هڪ معصوم ۽ ٻاراڻي دل جي ضرورت آهي. جيڪا سيال صاحب وٽ موجود آهي، سيال صاحب جي شاعري ۾ اُهي سڀ گُڻ ڀرپور نموني سان موجود آهن“.
    شاعر پنهنجي نظمن کي گلدستي نموني سان پيش ڪندا آهن، ڪڏهن انهن نظمن ۾ عاشقي، مکڙيءَ ٽڙڻ، صبح جي هير، رات پياريءَ جا قصا ۽ ثقافت جا رنگ شامل هوندا آهن. تڏهن هڪ گلدستي جو وجود محسوس ٿيندو آهي. جيئن ڊاڪٽر سيال ڪلچر ڊي، دٻليءَ ۾ دٻلي، ڌرتي ۽ ٻار ۽ ڪانُ ڪبوتر شامل آهن.
    اهڙي انمول گلدستي تي ناليواري ليکڪ ياسمين بروهي هن ريت لکيو آهي ته؛ ”جيڪو ادب کي سمجهڻ وارو هوندو، ان کي ئي خبر آهي ته ٻارن جو ادب ئي بنيادي اهميت رکي ٿو، دنيا جي اندر شاعر حسين لمحن کي شاعري جي روپ جو پاسو وٺي لفظن کي رقص ڪرائيندا آهن. اهڙي ڪيفيت کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سچائي سان پيش ڪندڙ انسان آهي.“
    جڏهن هن ڪتاب جو هڪ نظم به ڪنهن روح جي مٺڙي آواز ۾ سرجي نڪرندو ته ڊاڪٽر سيال جي محنت آب حيات جھڙي بڻجي پوندي. ڇو جو ان نظم ۾ ذوالفقار جو روح شامل هوندو. جيئن هيٺيون نظم آهي. ”ونڊ“
    ابو سورج مُکي آهي،
    چوڏهينءَ جو آ امڙ چنڊ،
    دنيا آهي رنگ برنگي،
    وڏو ماڻهو آهي منڊ،
    پيار سمورو ونڊيون جڳ ۾،
    اچو ٿيون سڀ کير ۽ کنڊ.
    اچو جڳ ۾ علم، محبت،
    هر دم ويٺا ونڊيون ونڊ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو