• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيس بُڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ ٻه ارب تائين پهچي ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
فيس بُڪ کي روز جي بنياد تي استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ ٻه ارب تائين پهچي ويو آهي. ميٽا رپورٽ موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022 دوران فيس بُڪ واهپيدارن جي انگ ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ هاڻ روز جي بنياد تي واهپيدارن جو انگ ٻه اربن کان وڌي ويو آهي. پر ميٽا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان عرصي دوران آمدني ۾ 2021 جي آخري ٽن مهينن جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. فيس بُڪ ميٽا جي ملڪيت هيٺ پهرين سروس ناهي، جنهن جي روزاني واهپيدارن جو انگ ٻه ارب تائين پهتو آهي پر ان کان اڳ واٽس ايپ به اهو رڪارڊ جوڙي چڪو آهي.
 
Back
Top