ناليواري گلوڪاره ، اداڪاره ۽ صداڪاره گلبانو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    105
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "مٺو منهنجي من جا دل لڳي توسان"

    سنڌ جي ناليواري اداڪاره، گلوڪاره گل بانو
    عبدالله جروار
    سنڌ جي ناليواري اداڪاره، گلوڪاره ۽ صداڪاره گل بانو صاحبه فن جي حوالي سان گهڻ رخي شخصيت ٿي گذري آهي. هي فنڪاره سنڌي گيتن جي حوالي سان مشهوري ماڻي پر ريڊيو ڊرامن توڙي ڪجھ سنڌي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو. گلبانو جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر سن ۾ 14 آگسٽ 1959ع ۾ ٿيو. سندس والد صاحب پانڌي ملاح هڪ غريب هاري هو. جنهن غريب هوندي پنهنجي نياڻي تعليم ڏياري. گلبانو پرائمري تعليم سن شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان ميران گرلز هاء اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو. جتي سندس ملاقات دادي ليلان،، زرينه بلوچ، عابده پروين، امينه صادق ۽ ٻين سان ٿي. جيڪي پڻ فن سان دلچسپي رکندڙ هيون. گل بانو جي ننڍپڻ ۾ ئي موسيقي سان دلچسپي هئي جو سندس چاچو عيسي ا ملاح يڪتاري تي ڳائيندو هو. ان کي ڏسي گلبانو شادين، مرادين ۾ سهرا ۽ ڳيچ ڳائڻ لڳي هئي. . شهر ۾ پڙهڻ دوران سندس ڳائڻ جو شوق پڻ وڌيو. اهو شوق کيس 1973ع ڌاري ريڊيو اسٽيشن ڪراچي تي وٺي آيو. جتي مشهور ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر آغا سليم صاحب جن کانئس آڊيشن ورتو ۽ کيس ايپروو ڪري ڇڏيو. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي به پروگرام ڪيا. هن موسيقار امين راهي، محمد حسن ۽ استاد محمد جمن کان موسيقي جي ڄاڻ حاصل ڪئي. انهن جي موسيقي ۾ ڳايو ڪيترائي ڪلام ۽ گيت رڪارڊ ڪرايا ئين . سندس ڪافي ائٽم رڪارڊ ٿيا. گلبانو ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري کي ڳايو آهي. انهن ۾ شاھ لطيف، سچل سائين، محمد جمن ھالو ۽ سائل آزاد شامل آهن.
    سندس ڳايل مشهور ڪلامن ۾
    1.منهنجو منهنجي من جا دل لڳي توسان
    2. راڻل توبن رات مون کي ويٺي ورهيه لنگهي ويا
    2. پيارا منهنجا پپيهر (عبدالله ڪڇي ۽ گلبانو)
    3. اهي اورانڀا آيا مون کي مارڻ جا

    گلبانو صاحبه پنهنجي وقت جي بهترين گلوڪاره اداڪاره رهي آهي. پاڻ ڪيترين ئي فلمن پڻ ڪم ڪيو هئائين. پنهنجي وقت جي نامور گلوڪارائن جيجي زرينه بلوچ ، زيب النساء ، سانئڻ امينه صادق ، زينت صديقي، روبينه قريشي جن جي همعصر رهي آهي. هن فنڪ


    اره جيڪي گيت ۽ ڪلام ڳايا بيحد مقبول ٿيا. جن کي عام ماڻهو اڄ به بيحد پسند ڪري ٿو. چاهي انهن ۾ عبدالله ڪڇي سان ڳايل ڪلام " پيارا منهنجي پپيهر اڏر منهنجا پپيهر، وڃ پرين ڏي سهڻي سڄڻ ڏي" هجي. جنهن جا ٻول سائل آزاد لکيا هئا. يا "مٺو منهنجي من جا دل لڳي توسان" جهڙو دل کي ڇھندڙ گيت هجي. سندس گلوڪاري شاندار رهي. سندس گهڻو وقت ڪراچي ۾ گذريو. جنهن سبب ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪافي ريڪارڊنگس موجود آهن. پاڻ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان پري رهي آخري وقت گمنامي ۾ گذاريائين. گلبانو انهن فنڪارن مان هئي جن بابت معلومات بنھ گهٽ ملي ٿي. ايتري قدر جو ڪجھ دوستن کان معلوم ٿيو ته سندس وفات ٿي چڪي آهي پر سندس وفات جي تاريخ نه پئي ملي. هن نامور گلوڪاره اداڪاره جو ذڪر اخبارن توڙي رسالن ۾ تمام گهٽ ملي ٿو. گلبانو جن فلمن ۾ ڪم ڪيو انهن م رت جا رشتا، ڌرتي دل وارن جي، سهڻا سائين، ۽ برسات جي رات فلمون شامل آهن.
    هن ناليواري مشهور گلوڪاره جي وفات جي تاريخ نه ملي سگهي. سندس فن ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد توڙي ڪراچي تي ڳايل گيتن سبب کيس هميشه ياد رکيو ويندو. سنڌي موسيقي جي تاريخ ۾ فنڪاره زنده رهندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو