بڪيرا شريف جون نامور شخصيتون سائين پريل شاھ ڏاڏاهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    116
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    #بڪيراشريف_جون_نامور_شخصيتون

    سائين پريل شاھ ڏاڏاهي مرحوم
    هڪ باذوق ريڊيو لسنر
    تحرير : عبدﷲ جروار
    سيد پريل شاھ ڏاڏاهي مرحوم جو جنم 1958ع ۾ ٽنڊي الهيار ضلع جي مشهور شهر بڪيرا شريف ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري ۽ مڊل تائين بڪيرا شريف ۾ حاصل ڪئي. پاڻ انتهائي سادو مزاج رکندڙ بهترين شخصيت جا مالڪ هئا . پاڻ بلديه ٽنڊوالهيار ۾ ملازم هئا . ڊيوٽي جو سخت پابند سردي توڙي گرمي آفيس ڊيوٽي ڪرڻ ڪو سائين پريل شاھ ڏاڏاهي کان سکي. عام ماڻهن سان ميل جول محدود رکندا هئا. جنهن سان ملندا هئا ته ڪشاده دلي ۽ خوش مزاجي سان. ڪاوڙ سندس شخصيت کان گهڻو پري هئي. سندس گهڻي وندر هڪ ته اخبارون رسالا پڙهڻ ٻيو ريڊيو ٻڌڻ ۽ خط لکڻ خاص طور تي اردو شاعري سان گهڻي دلچسپي هئڻ ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام شعر و نغمہ ٻين پروگرامن جو مستقل ٻڌندڙ ۽ لکندڙ هو. . ان کان پهرين پاڻ اردو جي مشهور رسالن آداب عرض وغيره جي سلسلن ۾ پنهنجي پسند جا خوبصورت شعر موڪلي شامل ٿيندو هو.
    سائين پريل شاھ ڏاڏاهي مرحوم جن جي ڊيوٽي ٽنڊو الهيار جي بلديا آفيس ۾ هوندي هئي جيڪا پوسٽ آفيس جي ڀر ۾ هئي. ان ڪري کيس پنهنجا خط روزانو موڪلي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرامن ۾ پابندي سان حصو وٺندا هئا. خاص طور تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشهور اردو پروگرام شعر ونغمه جنهن جو ميزبان مشهور شاعر ۽ ناليوارو براڊ ڪاسٽر سيد نور اظهر جعفري صاحب هوندو هو. هن پروگرام پريل شاھ چونڊ اشعار ۽ ٺهڪندڙ فلمي نغمن جو انتخاب شاندار هوندو هو. جنهن نه رڳو سيد نور اظهر جعفري صاحب کي متاثر ڪيو پر ٻڌندڙ جو هڪ وڏو حلقو پڻ سائين پريل شاھ جو مداح هوندو هو. جنهن پروگرام ۾ سائين پريل شاھ ڏاڏاهي جو خط نه هوندو هو ته جعفري صاحب پاڻ کين پروگرام ۾ ياد ڪندو هو. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا لسنر سائين پريل شاھ ڏاڏاهي جي لکيل تحريرن کي پسند ڪندا هئا. ڪافي دوست ساڻن ملڻ لاء بڪيرا شريف به آيا هئا.
    سائين پريل شاھ ڏاڏاهي جي ڀائرن ۾ ناليوارو استاد ليکڪ سائين خادم سبحان ڏاڏاهي به سٺو شاعر آهي.
    بڪيرا شريف ۾ ڊيوٽي هئڻ ڪري سيد پريل شاھ صاحب سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي. پاڻ جڏهن به مليا هميشه محبت سان مليا. بڪيرا شريف ۾ سائين پريل شاھ باذوق ادب ۽ علم ريڊيو سان دلچسپي رکندڙ منفرد مزاج جي شخصيت ھئا. سڄي عمر محبتون ورهايائون نفرتن جي ڪاروبار کان پري رهيا.
    سيد پريل شاھ ڏاڏاهي صاحب جن 04 مارچ 2016ع تي وفات ڪري ويا آهن.
    بڪيرا شريف نه وسرندڙ شخصيتن مان سائين پريل شاھ ڏاڏاهي مرحوم به هڪ آهي. دعا آهي ته ﷲ پاڪ کين پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳھ عطا فرمائي آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو