مولانا سليم الله سنڌي اڪابرن جي نظر ۾

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ salimchohan71 طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2023۔

  1. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    مولانا سليم الله سنڌي اڪابرن جي نظر ۾
    حافظ علي گل چوھاڻ
    استاد مدرسه عربيه دار التعليم حماديہ راڄو ڳوٺ
    وقت جو ولي ڪامل امام المتقين حضرت مولانا سائين عبد الصمد ھاليجوي دامت برڪاتھم العاليه جن لکن ٿا:
    مولانا سليم الله چوهاڻ به هڪ ڪتاب نالي “سنڌ جا سپوت”عالمن سڳورن جي سوانح حيات تي سهيڙيو اٿس.
    الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هن ڪتاب کي مقبوليت عطا فرمائي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي قرآن شريف ۽ رسول اللهﷺ جن جي سنت مطهره جي مٿان عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين!.
    امروٽ شريف جو سجاده نشين حضرت مولانا سائين سراج احمد شاھ امروٽي لکن ٿا:
    فاضل نوجوان، ليکڪ محترم مولوي سليم الله چوهاڻ قلم ۽ ڪاغذ سان شغف ٿا رکن. تازي ڪاوش ”سنڌ جا سپوت“ مٿان تذڪره خير آهي.سنڌ جي عالمن تي لکڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي، ڇو ته سنڌ جي عالمن جون ديني، تبليغي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان شاندار ڪردار رهيو آهي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي اسان جي ساٿي مولانا سليم الله چوهاڻ جن سنڌ جي جيئرن بزرگن، عالمن، حافظن، سياسي ۽ سماجي رهنمائن جو تعارف ۽ خدمات کي سهيڙي سنواري سينگاري ڪتابي صورت ۾ ” سنڌ جا سپوت“ نالي سان لکيو آهي. مانواري ساٿي برادرم مولانا سليم الله چوهاڻ جن اهم وقتائتو قدم کنيو اٿائين. جنهن لاءِ آئون کيس دعا ئي ڪريان ٿو ته الله پاڪ سندس قلم ۽ علم ۽ عمر ۽ بخت کي مزيد ترقي نصيب فرمائي.
    فقيه سنڌ حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ لکن ٿا:
    مولانا سليم الله چوهاڻ سنڌ جا سپوت جي نالي سان سنڌي عالمن جو هڪ ضخيم ڪتاب جمع ڪيو آهي، جيڪو جامع ڪتاب آهي.
    الله تعاليٰ کان دعا آهي ته انهئَ ڪتاب کي قبوليت عامه نصيب فرمائي ۽ مصنف کي مزيد ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.
    جڳ مشهور عالم دين محقق العصر حضرت مولانا محمد ادريس لکن ٿا:
    «علم جا ڌڻي ته کوڙ آهن پر انهن ۾ قلم ڌڻي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، جن مان مولانا سليم الله چوهاڻ به هڪ آهي، جنهن جامعه اسلاميه شمس الهديٰ ڪولاب جيئل (خيرپور ميرس) مان فارغ التحصيل ٿي، شهادة العالميه ماڻي قلم هٿ ۾ جو کنيو آهي، سو اڃا تائين پيو هلي. پوءِ ڪڏهن ماهنامه رسالو، ته ڪڏهن اخباري ڪالم، ته ڪڏهن ڪنهن اردو ڪتاب جو ترجمو، ته ڪڏهن مستقل ڪتاب لکندو رهيو آهي. جن مان ڪيترائي ڪتاب ڇپجي منظرعام تي اچي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. حالانڪه ڪتاب لکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، وري ان کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ ته الله امان! جنهن به پبلشر وٽ کڻي وڃ ته انهن جا پنهنجا نخرا، پوءِ به هن نوجوان ليکڪ مولانا سليم الله چوهاڻ صاحب همت نه هاري، صبر جو سنڌرو ٻڌي، ڪم ڪندو رهيو. هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجا ڪتاب اشاعت ۾ آڻيندو رهيو. هيستائين هن 50 کن ڪتاب لکيا آهن، جن مان ويهارو ڪتاب قارئين آڏو آڻي چڪو آهي. اهو ڏينهن به ڏور ناهي، جڏهن سندس شمار ڪثيرالتاليف مصنفن ۾ ٿيندو.
    قارئين جي هٿن ۾ هن وقت ”سنڌ جا سپوت“ نالي سان جيڪو ڪتاب آهي، سو ٻن سون جي لڳ ڀڳ سنڌ جي بزرگن، عالمن، قارين، حافظن، اديبن ۽ سماجي رهنمائن جي احوال زندگي، ڪارنامن ۽ تصنيفن توڙي تبليغي خدمتن تي مشتمل آهي. جن مان اڪثر حال حيات آهن. وفات پاتل عالمن تي ته هر ڪو لکي ٿو پر حال حيات شخصيتن تي گهٽ لکيو وڃي
    مولانا سليم الله چوهاڻ صاحب هن ڪتاب لکڻ ۾ جيڪا محنت ڪئي آهي، ان جو قدر و قيمت مان ڄاڻان ٿو ڇوته زنده شخصيتن کان انٽرويو وٺڻ، حال احوال جمع ڪرڻ، سو به سنڌي ماڻهن کان تمام ڏکيو ڪم آهي.
    جيڪڏهن سنڌ جي هر ضلعي سان لاڳاپيل بزرگن، عالمن، استادن، قلمڪارن، سياسي اڳواڻن، قارين ۽ سماجي ورڪرن جي احوال زندگي کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪجي ته هوند سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم حصو محفوظ ٿي پوي، انهيءَ ڏس ۾ هر ضلعي جا قلمڪار ۽ ليکڪ متوجه ٿين. جيڪو مواد هاڻي هٿ ڪري سگهبو، سو بعد ۾ دستياب ٿي نه سگهندو ۽ نه ان جي باري ۾ انهن شخصيتن جا اهل واولاد تعاون ڪندا. اڳ ۾ ئي اسان سنڌ جي تاريخ جو اهم حصو اهڙي طرح وڃائي چڪا آهيون، حتيٰ ڪه مير علي شير قانع ٺٽوي به پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ ڪافي علماء، فضلاء، زعماء بابت هڪ ٻن سٽن کان مٿي نه ٽپي سگهيو آهي.
    سنڌ جي سپوتن بابت مولانا چوهاڻ صاحب جو لکيل هيء ڪتاب اڳتي هلي ڏاڍو مان ماڻيندو ۽ بهترين تذڪرو شمار ٿيندو. اسان کانئس اميد رکون ٿا ته اهڙو سلسلو جاري رکيو اچي، ٻين به هڪ سؤ شخصيتن جو تذڪرو لکي. الله جي در دعا آهي ته هن ڪتاب کي قبول ۽ مقبوليت فرمائي. آمين.»
    ديار عرب ۾ علم جي جوت جلائيندڙ عالم محقق العصر حضرت مولانا قاري ڊاڪٽر عبد القيوم سنڌي لکن ٿا:
    «اھڙن مجاھدن، جاکوڙي نوجوان عالمن مان اسان جو عزيز دوست جناب مولانا سليم الله چوھاڻ صاحب (سلمه الله) بہ آھي، مختصر عرصي کان سندس ويجھڙائپ نصيب ٿي، ڏاڍو قربائتو ماڻھو نظر آيو، سندس ڪاوشون ۽ ڪارنامان ڏسي دل بھار بھار ٿي پئي، پنھنجي ڳوٺاڻي ماحول ۾ رھندي ديني مدرسو قائم ڪيون ويٺو آھي ۽ گڏوگڏ صحافت جي ترڪندڙ ميدان ۾ بہ پنھنجا پير ڦٻايون بيٺو آھي، انھيء سلسلي ۾ ڳچ رسالا جوڙي ۽ مقالا لکي چڪو آھي، انھيء سلسلي جي ھڪ ڪڙي سندس تازو جوڙيل رسالو (سنڌ جا سپوت) آھي، جنھن جي ڇپائڻ جو پڪو پھہ پچايون ويٺو آھي، رسالو سرسري نظر مان ڪڍيم، منجھس جيڪا ڄاڻ سموھي ۽ سھيڙي اٿئين تنھن تي مولانا جس لھڻي، الله تعالى سندس انھيء محنت کي شرف قبوليت سان نوازي ۽ مزيد ديني امور ۾ سندس رھنمائي فرمائي. وآخر دعوانا ان الحمد لله رب العالمين.»
    سنڌ جي نوجوان قلمڪار برادرم مولانا سليم الله چوهاڻ صاحب موجوده سنڌ جي عالمن جي سياسي توڙي سماجي، تعليمي توڙي تبليغي، تدريسي توڙي تصنيفي، خدمتن تي هڪ نئين ۽ نرالي انداز ۾ ”سنڌ جا سپوت“ جي نالي سان ڪتاب اسان جي آڏو آندو آهي.
    جنهن لاءِ مولانا سليم الله چوهاڻ صاحب سڄي سنڌي قوم پاران واڌاين ۽ شاباس جو حقدار آهي، جنهن سنڌي عالمن جي خدمات کي اجاگر ڪيو آهي.
    مولانا سليم الله چوهاڻ لائق ۽ فائق، جاکوڙي محقق ۽ ليکڪ آهي. سندس علمي ڪارنامن تي کيس جس هجي. هڪ ناياب علمي مجموعو سنڌ جي برک عالمن (سپوتن) تي سندس تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو آغاز آهي. آئون سجھان ٿو مولانا موصوف جو هي ڪتاب تاريخ ۾ هڪ نئون اضافو آهي، ان تي آئون مولانا موصوف کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. کيس رب ڪريم مزيد توفيق عطا فرمائي آمي
    استاذ العلماءُ حضرت مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو صاحب لکن ٿا:
    «اسان جي علمي ۽ قلمي ميدان جي ساٿي برادرم مولانا سليم الله چوهاڻ صاحب انهيءَ جذبي سان سرشار ٿي موجوده دور جي سنڌ جي چوٽيءَ جي عالمن جا “سوانحي خاڪا” “سنڌ جا سپوت” جي نالي سان گڏ ڪيا اٿس.
    الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مولانا جو هي ڪتاب مقبول ۽ منظور فرمائي ۽ اسان سنڌ واسين کي هن مان لاڀ لڻڻ، (فيض حاصل) ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ پڻ سنڌ جي ٻين عالمن کي پنهنجي علم ۽ قلم جي ذريعي محنت، جد و جھد ۽ ڪوشش ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمين.
    منظوم ڀيٽا
    شاعر اسلام مولانا جوهر بروهي
    سنڌ جا سپوت بيشڪ سهڻو ڪتاب آهي
    ليکڪ سليم صاحب عالي جناب آهي
    تحرير جي صداقت حق سچ جي صدا آ
    هر لفظ ۾ نفاست جو انتخاب آهي
    علماء حق جون ڳالهيون ۽ تذڪرو نرالو
    ٻه هزار ايڪويھ ۾ هي انقلاب آهي
    تاريخ کي سهيڙيو نئين طرز ساڻ سائين
    سچ سونهن سان سنواريل ڇا آب و تاب آهي
    اڄ جي لکت ته ايندڙ نسلن جي آ امانت
    هر ورق نور واسيل ڄڻ آفتاب آهي
    سنڌڙي سدا سلامت تحرير ٿي گواهي
    تحفو هي سنڌ ملڪ لءِ پڻ لا جواب آهي
    همت خلوص جذبو حرفن ۾ آ سمايل
    جوهر ڪتاب سارو نوري نصاب آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو