باعمل عالم دين مولوي امام الدين رح بڪيرا شريف وارو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    105
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    #بڪيراشريف_جون_نامور_شخصيتون
    سائين مولوي امام الدين مرحوم
    منفرد عالم دين، متقي پرهيزگار انسان
    عبدﷲ جروار
    بڪيرا شريف شهر کي ولين ۽ بزرگن جو شهر ويندو آهي. ڪيتريون بزرگن هستيون هتي جي مٽي ۾ مدفون آهن. هونئن هن شهر بابت وڏڙا چوندا آهن. هن شهر ۾ هر دور الله وارا انسان موجود هوندا آهن. پر اهي عام خلق کي نظر نه ايندا آهن. بڪيرا شريف شهر ۾ ٻاهران اچي ڪيترائي ماڻهو هتي آباد ٿيا. هن شهر جا ٿي ويا. سندن سڃاڻپ بڪيرا شريف رهجي وئي.
    انهن شخصيتن ۾ هڪ منفرد شخصيت وارو انسان سائين مولوي امام الدين به هڪ هو. هندوستان جي ورهاڱي وقت ٻنهي طرفن کان ٿيندڙ لڏ پلاڻ ۾ سائين مولوي امام الدين پنهنجو اباڻو علائقو حيدرآباد دکن ڇڏي ٻين لڏي ايندڙن سان سنڌ ڏانهن هليو آيو. سندن ريل گاڏي جي آخري منزل ڪراچي هئي. سائين ڪراچي ۾ لهي پيا پر سندن بيچين روح کي ڪراچي ۾ سڪون نه مليو ان ڪري وري پوئتي پير ڪيائون حيدرآباد ڀيڙا ٿيا. هاڻ سندن سڪونت گاه سخي وهاب درگاھ هئي. جتي ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ خبر ناهي پاڻ خبر ڪهڙي خيال کان بڪيرا شريف هليا آيا. 1947، 48 ع ڌاري بڪيرا شريف جي درگاھ پير ولايت سان ملحقه مسجد ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهو سائين جي جواني جو وقت هو.
    سائين امام الدين گهڻ پڙهيو عالم دين هو اردو، عربي ۽ فارسي تي گهڻي دسترس هئن. سائين جي چوڻ موجب پاڻ حيدرآباد دکن جي جنهن مدرسي ۾ قرآن شريف توڙي عربي، فارسي پڙهندا هئا. ان مدرسي جي قانون هيٺ هر طالب علم لاء مختلف هنر سکڻ پڻ لازم هوندو. جنهن ۾ ڪاٺ جو ڪم، ڪپڙا اڻڻ ، ڪپڙن جي ڪٽائي سلائي وغيره سيکاريا ويندا هئا. جيئن انهن طالب علمن کي زندگي گذارڻ آسان ٿئي. ان ڳالھ سائين جي زندگي ۾ وڏو اعتماد پيدا ڪيو. اهڙي طرح درگاھ پير ولايت شاھ جي گادي نشين پيرن جي رضامندي سان سائين امام الدين صاحب مسجد جي سار سنڀال ۽ ٻارڙن کي ديني تعليم ڏيڻ لڳو. بڪيرا شريف شهر جون ڪافي نياڻيون توڙي ڇوڪرا سائين وٽ قرآن شريف پڙهڻ لڳا.
    بڪيرا شريف ۾ درگاھ پير ولايت، شاھ، پير فاضل شاه، درگاھ قلندر قام الدين قريشي هڪ ٻئي لڳو لڳ آهن. ان ڪري هتي زائرين جو وڏو تعداد ايندو ويندو رهندو آهي. انهن جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي سائين امام الدين ڪوشش ۽ پير صاحبان جي رضامندي سان وڌيڪ ڪمرا ٺاهي مسافرن جي رهائش سان گڏ سندن کاڌي پيتي انتظام ڪرڻ جو ذمو کنيو.
    انهن مسافرن ۽ زائرين لاء هروقت ۽ ويلي ماني ٺاهي کارائڻ مطلب ته بٺي هلائي رڌ پچاء جو سمورو ڪم سائين امام الدين مرحوم پاڻ ڪندا هئا. رهائش وارن مسافر زائرين لاء هنڌ بسترا پڻ کين ڏيندا هئا.
    پير صاحبان توڙي زائرين کان مليل سموري رقم کي مناسب نموني سان زائرين مسافرن جي کاڌي جي راشن وغيره تي ڪتب آڻيندا هئا. اهو ڪم سائين جي حياتي تائين جاري رهيو. سائين زندگي جا تقريبن پنجاھ سالن کان وڏو عرصو بڪيرا شريف جي درگاھ ۽ مسجد ۾ گذاريو. هر ڪنهن سان سهڻو سلوڪ رکيائون.
    سندس درس ۽ تدريس سان سوين ٻارڙا نياڻيون توڙي قرآن شريف ۽ ديني تعليم پڙهيا ۽ سکيا. سائين امام الدين جي سموري زندگي نماز، عبادت، تقوي ا ۽ پرهيزگاري ۾ ديني علم ورهائيندي ۽ خلق جي خدمت ڪندي گذري. ڪنهن فتني فساد توڙي فرقي بازي کان پري رهيا. سندن شعار عبادت ۽ خلق جي خدمت هئا. ڪڏهن ڪنهن تي ڪوسا نه ٿيا نه ڪنهن کي ڪو ڏوراپو ڏنائون.
    مختصر بيماري بعد ڪجھ سال پهرين وفات ڪيائون. سندن تربت درگاھ پير ولايت شاھ جي احاطي ۾ آهي. سندن شاگردن ۾ سائين دامن علي صاحب جيڪي پيشي جي لحاظ کان استاد آهن. ان ئي مسجد ۾ نماز پڙهندا ۽ پڙهائيندا آهن. موقعي مهل تي ڪو مسافر مليو ته ان کي ماني کارائيندا آهن. ٻيو شاگرد بختيار خاصخيلي آهي. اهو به هن مسجد جي خدمتگارن مان آهي.

    الله پاڪ پنهنجي نيڪ ٻانهن کي ڪٿان کڻي ڪٿي پهچائي ڪم وٺندو آهي. ان جو هڪ اعلي ا مثال سائين مولوي امام الدين مرحوم جي شخصيت آهي. سندن سڄي عمر الله پاڪ جي عبادت، ۽ خلق جي خدمت ۾ گذري. دعا آهي ته ﷲ پاڪ جون سائين تي رحمتون هجن.

    #personalitiesofbukerasharif
    #BukeraSharif
    #jarwarabdullah
    #TandoAllahyar
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو