فقير محمد انڙ ليکڪ ۽ امرتا رسالي جو پبلشر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    116
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ليکڪ، پبلشر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرم رڪن فقير محمد انڙ
    عبدالله جروار
    جِئن جِئن تَپي ڏِينهُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛
    ڪو آڳانجھو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.
    شاه سائين
    فقير محمد انڙ جو جنم 09 نومبر 1972ع تي ٽنڊي الهيار ضلع جي ڳوٺ بچل ساند ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم ٽنڊي الهيار شهر جي ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ۽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان حاصل ڪئي. غريب خاندان جو فرد هئڻ ڪري محنت مزدوري ڪري پڙهڻ جا جتن ڪيائون. 1990 ع کان ادب سان دلچسپي ٿي. جيڪا نباھيندا اچن.
    فقير محمد انڙ سان منهنجي واقفيت جو سبب ماهوار ادبي رسالا بڻيا. جيڪي ٽنڊوالهيار مان شايع ٿيا. جن جي ادارت جو ڪم ادا فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ صاحب تي هو. اهي رسالا آئون هر مهيني پڙهندو هئس. ان جو سبب امير سلطان جروار هو جنهن جو هنن ٻنهي همراهن سان سڌو رابطو ھو. پهرين نڪرندڙ رسالي جو نالو وسري ويو اٿم. باقي امرتا رسالو ان جي ڇا ڳالهه ڪجي. جهڙو نالو تهڙي ئي ادبي امرتا پڙهندڙ کي بخشش ٿي ملي. واه بهترين گيٽ اپ سان هن رسالي وڻ وڄائي ڇڏيا. ايڊيٽوريل نوٽ، ادبي ڊائري، ادبي شخصيت جو انٽرويو، يادگيريون، مختصر ڪهاڻيون، چڱو خاصو ڀاڱو شاعري جي حوالي، شاعري جي حصي ۾ هڪ شاعر جو تعارف ۽ سندس شاعري، بهترين ادبي رسالو جنهنجي جاري ٿيڻ جو سمورو ڪم ادا فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ تي، رسالو جو ايڊيٽوريل بورڊ پوري ٽيم جنهنجو سرواڻ فقير محمد ڍول ته پبلشر فقير محمد انڙ صاحب.
    ادا فقير محمد انڙ کان هڪ ڏينهن ڪچهري ۾ پڇيم ته توهان هيستائين امرتا رسالي جا ڪيترا پرچا ڪڍيا؟ جواب ۾ ٻڌايائون 100 کان وڌيڪ شايد 115 پرچا نڪتا جنهن ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب امرتا رسالي ۾ حضرت شاہ عبداللطيف ڀٽائي تي ڇپيل مضمونن تي مشتمل ڪتاب سووين پرچي طور ڇپيو. هنن ٻنهي نوجوانن جس لائق ڪم ڪري ڏيکاريو. رسالي جا سو، سوا پرچا ان کانسواءِ ڪافي ڪتاب به امرتا پبليڪيشن جي پليٽ فارم تان ڇپيا جن ۾ ذڪر لائق ڪتاب ڊاڪٽر پرڌان جي يادگيرين تي مشتمل ٻه ڪتاب به شامل آهن.
    ڪجه سال اڳ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ ٻنهي فقيرن سان پهرين ملاقات ٿي هئي. جنهن ۾ تمام گهڻي محبت ۽ عزت ڏنائون. ان بعد ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن تمام محبتي ماڻهو آهن. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي الهيار جا ڪيترائي دور آيا. سڀني دوستن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سنڌي ادب سان نباهيو. هاڻوڪي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي الهيار جي ذميواري هنن ٻن فقير دوستن تي آهي. جنهن کي ڀرپور نموني نباهيندا اچن پيا. جيڪو جس لائق ڪم آهي. اڄ نفسانفسي جي دور ۾ پنهنجي روزگار لاءِ جتن ڪرڻ سان گڏ ادبي ڪم لاءِ وقت ڪڍڻ وڏي ڳالھ آھي. منھنجي خيال ۾ وڏي عرصي کان ادبي سنگت جي گڏجاڻي مقرر ڏينهن ۽ مقرر وقت تي وتايو فقير لائبرري ۾ ٿيندي هئي. هاڻ اهي گڏجاڻي ڪڏهن ڪڏهن ٿين ٿيون آهي. فقير محمد انڙ جي آٽو ايڪسچينج شو روم تي. هن پنهنجو وقت ٻين لاء ڪڍڻ به تمام وڏي ڳالھ آهي.
    اڄ ادا فقير محمد انڙ صاحب جن جو اڄ جنم ڏينهن آهي. ان موقعي تي کين کوڙ ساريون مبارڪون هجن. دعا آهي ته الله پاڪ کيس پنهنجي ٻچڙن سان خوش رکي آمين.
    ٻيو عرض 09 نومبر فقير محمد انڙ جو جنم ڏينهن ته آهي پر سندن فرزند محمد علي جو جنم پڻ 09 نومبر تي ٿيو. ٻنهي کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون هجن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو