آواز جي دنيا جي راڻي ميڊم شگفتہ خالق جو وڇوڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    116
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    آواز جي دنيا جي راڻي ميڊم شگفتہ خالق جو وڇوڙو.
    تحرير : عبدالله جروار
    ريڊيو جي دنيا به عجيب آهي. جنهن ۾ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جو رشتو رڳو آواز جو هوندو آهي. ريڊيو تي ڳالهائڻ وارو هڪ جادوگر مثل هوندو آهي. جنهنجي آواز تي هزارين بلڪه لکين ماڻهو موهت هوندا آهن. جيڪي ان آواز (سحر) جي جادو ۾ جڪڙجي ويندا آهن. اهو سحر وڏي عرصي تائين اثر ڏيکاريندڙ هوندو آهي. منهنجو ننڍپڻ پڻ ريڊيو جي عروج جي زماني ۾ گذريو. هڪ طرف هوٽلن ۽ شادين مرادين تي گراموفونن ذريعي ٿالهي نما لاک جا رڪارڊ 78 آر پي ايم، بعد ۾ پلاسٽڪ رڪارڊ 45 آر پي ايم وڄايا ويندا هئا. جيڪي هڪ هنڌ ويهي ٻڌبا هئا. پاڻ سان هر هنڌ کڻي هلڻ ممڪن ڪون هو . ٻي طرف اهو وقت جنهن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. 1970 ع ان کان پوء ريڊيو نه رڳو عروج حاصل ڪيو. بلڪه قسمين قسمين ريڊيو سيٽ پڻ شهر شهر ائين وڪامجي رهيا هئا. جيئن اڄڪلھ موبائيل فون سيٽ وڪرو ٿي رهيا آهن. ريڊيو سيٽن ۾ هڪ بينڊ ريڊيو ان وقت عام ٿيو هو جنهن تي ميڊيم ويوز اسٽيشنون هلنديون هيون. جڏهن هڪ کان وڌيڪ بينڊ رکندڙ ريڊيو سيٽ تي شارٽ ويو اسٽيشنون وڄنديون هيون. ان وقت ميڊيم ويوز تي هلندڙ مشهور ريڊيو اسٽيشنز ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي، آل انڊيا ريڊيو اردو ۽ سنڌي سروس، آڪاش واڻي، بي بي سي اردو، ريڊيو ايران زاهدان مشهور هيون.
    هاڻ اچون ٿا اصل موضوع ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هڪ تاريخي حيثيت آهي. جنهن عام ماڻهو تائين معلومات تعليم ۽ تفريح لي پنهنجي انداز سان پهچايو. جنهن ۾ نمايان ڪردار انهن جادو رکندڙ سحر انگيز آواز جي مالڪ انائونسرن ۽ ٻين ڪمپيئرنگ ۽ پروڊيوسر جو هو جن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آواز جو جادو جاڳايو. لکين ماڻهو سندن سحر ڀريل آوازن تي موهت هئا. پر جيئن الله پاڪ طرفان عطا ڪيل زندگي عارضي هوندي نيٺ پڄاڻي ٿيڻي تي. اهڙا خوبصورت ماڻهو زندگي جي سفر ۾ وارو وڄائي ويا . خوبصورت آوازن جون يادون هزارين ذهن جي ڪينواس تي هميشه لاء محفوظ ٿيا. منهنجي ذهن جي پردن ۾ جيڪي ريڊيو جا آواز پڙاڏو بڻجي گونجن ٿا.. جن مان ڪي جهان ڇڏي ويا آهن ۽ ڪي حال حيات آهن پر آواز جي هن دنيا ريڊيو کان پري آهن . انهن ۾ سائين صالح محمد شاھ، عبدالحق ابڙو، پروين آفتاب، سليم شيخ، قاصد عزيز، انور بلوچ، عبدالغفور کوسو، محمد علي ٻگهيو ، رياض بلوچ، محمد خان لغاري، محمد جمن نالي هڪ همراه پڻ آبادگار ڀائرن لاء پروگرام ڪندو هو، محمد خان جروار، رفيق ڀيا، هادي حسن، بادشاھ گر زيدي صاحب هي اصل لاهور جو وري اوڏانهن بدلي ٿي ويو هو. فريدي صاحب ، عبداللطيف عباسي صاحب، امام الدين جمالي صاحب، گل حسن قريشي صاحب.، نور محمد خاصخيلي ، جهانگير قريشي، نور اظهر جعفري صاحب. محمد قاسم ماڪا صاحب، سڪندر بلوچ، سرور بلوچ صاحب، سائين حيات علي شاھ بخاري مرحوم سنڌي فلمن جو هيرو مشتاق چنگيزي صاحب جنهن کي ڏاڏو فتح خان ڪچهري ۾ چاچو چنگيزي سڏيندو هو ڪامران ڀٽي صاحب جيڪو ريڊيو پاڪستان تي سنڌي ۾ خبرون پڙهندو هو. جنهن ۾ کين وڏي شهرت ماڻيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آيو ، زاهد قلباني صاحب، فضل قلباني صاحب، علي ڏنو رند، غلام فاروق لغاري صاحب، شميم سومرو، سلمي ا ملاح، شاهين سومرو ، فرحانہ بلوچ، سائين زيب سنڌي، نسرين آفتاب، قيصر سلطانه، هڪ خوبصورت آواز وحيد قاسم جو به هو جيڪو اردو پاڪستاني فلمن تي پروگرام ڪندو هو. بهترين آواز رکندڙ وحيد قاسم کي اردو فلمن بابت وڏي ڄاڻ هئي. (مانواري دوست سائين مير اعظم علي ٽالپر صاحب ٻڌايو ته وحيد قاسم لطيف آباد حيدرآباد جو رهائشي هو. پاڻ سينيما تي نمائش لاء پيش ٿيندڙ فلمن جا پوسٽر ٺاهيندو هو) . وحيد قاسم جي پيشي جي لحاظ سان فلمن سان دلچسپي ضرور هئي. ان سموري دلچسپي کي سهيڙي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ڪرڻ ڪمال کان گهٽ نه هو. ريڊيو تي ڪجھ وڌيڪ شامل آوازن جو ذڪر ڪندس جن ۾ غلام حسين خاصخيلي، سائين نياز پنهور صاحب پڻ شامل هئا. ڪافي نالا اڃا رهجي ويا هوندا جيڪي ذهن ۾ نه پيا اچن. اهڙن ئي خوبصورت آوازن ۾ جيڪي ماضي جو حصو ٿي ويا
    . اهڙن ئي وڇڙي ويل آوازن ۾ هڪ آواز ميڊم شگفته خالق صاحبه جو آهي. شگفتہ خالق صاحبہ 1990ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جوائن ڪيو. پنهنجي سحر انگيز سٻاجھي آواز جي ڪري وڏي مقبوليت ماڻيائين. شگفته خالق صاحبه ڪيترائي يادگار پروگرام ڊراما، ڊاڪيومينٽرير ڪيون. پاڻ هڪ باصلاحت آرٽسٽ ۽ انائونسر طور پاڻ مڃرايو. شگفتہ خالق صاحبہ ريڊيو تي 33 سال ڪم ڪيو. ريڊيو تي ڪم دوران سندس شادي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ناليواري انجنيئر عبد الخالق مستوئي صاحب سان ٿي. جنهن مان کيس ٻن پٽن عبدالله ۽ سميع الله جو اولاد ٿيو. سندس ڳالهائڻ جو بهترين انداز سٺي سٻاجھي آواز جي ڪري ٻڌندڙن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. پاڻ گذريل سال آڪٽوبر مهيني ۾ ئي پروگرام " رتيء جي رهاڻ" ۾ پروڊيوسر خالد حسين کي انٽرويو ڏيندي ريڊيو سان ريڊيو جي لسنرز سان محبت جو اظهار ڪندي کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيائون. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪيترن ئي پروگرامن جي ميزباني ڪيائون. سڳنڌ، صبح مهراڻ، اوهان جو خط پهتو. اڻ ڳڻين ڊرامن ۾ صداڪاري سندن حصي ۾ آئي. پنهنجي خوبصورت چٽي لهجي ۾ پنهنجائپ جي انداز سان ڳالهائڻ ڪري هزارين لسنرز سندن مداح بڻيا. ڪالھ تاريخ 19 آڪٽوبر 2022ع تي سندن وڇوڙي جي خبر پوڻ تي سندن آواز جي مداح ريڊيو لسنرز توڙي ريڊيو سان تعلق رکندڙ شخصيتن ۾ ڏک جي لهر وڪوڙي ويئي. هڪ بهترين آواز جي مالڪه جو وڇوڙو جي جھوريندڙ ضرور آهي. هي جهان فاني آهي. هر ڪنهن کي هلڻو آهي پر سندس آواز جو پڙاڏو ريڊيو ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ عرصي تائين گونجندو رهندو ڪالھ سندس وفات تي ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪندڙ ساٿين توڙي ريڊيو ٻڌندڙن لاء ڏکوئيندڙ رهيو. ادي شگفتہ ناز (شگفتہ خالق) جي زندگي جو سفر پڄاڻي تي پهتو. کيس سندس عزيزن قريبن، ريڊيو جي سٿ جي ساٿين جي موجودگي ٽنڊي غلام علي جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. پر پنهنجي ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ سندس آواز سالن تائين گونجندو رهندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو