منهنجا سائين، منهنجا استاد ( يادگيريون)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    116
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    منهنجا استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي استادن کي ڀيٽا.منهنجا استاد منهنجا رهبرتحرير : عبدالله جروار اڄ سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اهڙي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سموري دنيا جي سماج ۾ استادن جو رتبو، عزت ۽ مان بلند ڪرڻ آهي ۽ کين سماج کي تعليم يافته، باسمجهه ۽ ساڃاهه وند بنائڻ لاءِ سندن محنتن کي تسليم ڪري کين سماج ۾ مان، مرتبو ۽ عزت عطا ڪرڻ آهي.دنيا ۾ پهريون دفعو، ”استادن جو ڏينهن“ 5- آڪٽوبر 1994ع ۾ ملهايو ويو ۽ انهيءَ ڏينهن جو آغاز گڏيل قومن جي اداري يونيسيڪو UNESCO طرفان ڪيو ويو، جنهن بعد سڄي دنيا ۾ هِن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ٿي ۽ هاڻي هر سال باقاعدي سڄي دنيا ۾ ” استادن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو ٿو وڃي.سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل اهم رتبو سيکاريندڙ جو آهي. سيکارڻ واري هستي کي هميشه ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. پنهنجي والدين کان پوء سڀ کان اعلي ا مقام استاد جو آهي.اڄ استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي انهن استادن جو ذڪر ڪندس جن جي تعليم مون کي سٺي نموني زندگي گذارڻ جو ڏس ڏنو. منهنجي زندگي ۾ منهنجو پهريون استاد اسان جي ڳوٺ ۾ اسان جي وڏڙن جي ڪوششن سان قائم ٿيل ملا مڪتب اسڪول جنهن کي بعد سرڪاري استاد مليا هئا. باقي اسڪول جي عمارت ڪچي حالت ۾ اسان جي ڀزرگن ٺاهي ڏني هئي پهرين انگريز سرڪار طرفان مختصر رقم جي گرانٽ ملندي هئي. ۽ تعليم کاتي نگراني هوندي هئي باقي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ مقامي معلم هئا. سرڪار طرفان خبر ناهي ڪهڙي سال ۾ سرڪاري استاد ملڻ لڳا هئا . جن ۾ ناليوارا استاد جن ۾ سائين محمد عٽمان ڀٽي مرحوم، سائين محمد بخش ڀٽي ٽنڊي غلام حيدر وارو. هنن استادن جو سنڌي فائنل امتحان جي تياري ۽ وڏو نالو هو. ان ڪري ڪيترائي ٻاهريان شاگرد به تياري لاء هتي اسان جي ڳوٺ اسان جي بزرگن وٽ رهندا هئا. ملا مڪتب اسڪول پربا ڪرڻ ۾ منهنجي پڙڏاڏي ميان جي پيروز خان جو وڏو هٿ هو جيڪي مسجد ۾ ٻارن کي ديني تعليم ڏيندا هئا. ملا مڪتب اسڪول قائم ٿيڻ سان ديني ٿعليم سان گڏ سنڌي پڙهائڻ لڳا. ان تعليمي عمل ۽ سندن فرزند خليفو خداداد ۽ بهارالدين به شامل ٿي منهنجو ناڻو . جنهنجو نالو خداداد هو پر ڏاڏي پيروز سان ويجهڙائي ۽ ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائڻ جي ڪري خليفو خداداد سڏيندا هئا . جيڪو معلم طور ڏاڏي پيروز سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. 1920ع حڪومت طرفان کيس ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ٽريننگ لاء موڪليو ويو.ذڪر ٿي ڪيم استادن جو ۽ منهنجي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو. انهن ڏينهن هڪ نيڪ نام استاد سائين شاھ علي خان لنڊ مرحوم هتي نائب ماستر طور مقرر ٿي پڙهائڻ لڳو. جيئن ته سائين جي رهائش اسڪول ۾ ئي هوندي هئي. ماني وغيره جو انتظام بابا وارن وٽ هوندو هو. جيئن منهنجو ننڍي عمر ۾ ئي اسڪول اچڻ وڃڻ هوندو پر اڃا پڙهڻ نه ويٺو هئس. سائين شاھ علي خان لنڊ مرحوم منهنجي پڙهڻ جيتري عمر کي نظر رکندي اسڪول اچڻ جي تقاضا ڪئي. آئون اسڪول وڃڻ نه پيو چاهيان. هڪ ڏينهن سائين صبح ساڻ مونکي اسڪول وٺي اچڻ لاء اسڪول جا شاگرد موڪليا پر انهن سان اسڪول نه ويس. وري ٻئي ڏينهن سائين گهر جي در تي اچي بيٺا ۽ اسڪولي شاگرد مون کي پڪڙي سائين وٽ وٺي آيا. هڪ به دفعا اهو سلسلو هليو. وري اسڪول کان ڪڏهن نه نٽايو . سائين نيڪ نمازي پرهيزگار صوم صلواه جو پابند انسان ھو. ان وقت صبح شام پڙهائي ٿيندي هئي صبح کان منجهند ٻارهين بجي وري اڍائي بجي کان پنجين بجي تائين پڙهائي ٿيندي هئي. سائين پهرين درجي جي شروعات ۾ ميٽ سان ميساريل ڪاٺ جي پٺي تي اکر لکي ڏيندا هئا. روز سبق ٻڌبو هو . صورتخطي، انگ بعد ۾ کوڙا ياد ڪرائيندا هئا. ڇا ته ڪمال جا استاد هئا. ٽي درجا سائين شاھ علي خان لنڊ مرحوم وٽ پڙهيس. پوء سائين محمد رحيم خاصخيلي ڳوٺ مٺو خاصخيلي وٽ پڙهيس. پنجين ڪلاس ۾ اسان جا استاد بابا سائين مقرر ٿيا. پڙهائي بهترين هوندي هئي. ڪمال جا استاد هئا. بعد ۾ مڊل اسڪول داد جروار ۾ پڙهڻ لاء وڃڻ ٿيو. مڊل اسڪول داد جروار سائين شفيع محمد جروار مرحوم ڪوشش سان قائم ٿيو. هي مڊل اسڪول داد جروار جو ٻيو دور هو. اتي سائين غلام قادر جروار ۽ ناليوارو اديب ۽ استاد سائين تيرٿ داس وسنداس اميداڻي. سائين پرسو مل، سائين محمد دائود نهڙيو، سائين محمد حسين جمالي ۽ سائين شهاب الدين جمالي جن اسان کي پڙهايو. منهنجو همڪلاسي سائين معظم جروار جيڪو بعد هن ئي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو.خير زندگي ۾ ڪافي استادن جي رهنمائي حاصل رهي. جن جي ڪري ڀطور استاد منهنجي مقرري ٿي. انهن ئي استادن جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪيم. بطور استاد سروس جا ساڍا اٺٽيھ سال عمر عزيز جا سٺ سال پورا ڪرڻ تي 2019ع تي رٽائرڊ ٿيس.منھنجي نوڪري دوران منهنجي استادن جي ڏسيل واٽ وک وک تي منهنجي رهنمائي ڪئي. آئون پنهنجي استادن لاء هردم دعاگو آهيان. فوت ٿي ويل استادن کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي ۽ حال حيات استادن جي سٺي صحت. وڏي حياتي ۽ تندرستي لاء دعاگو آهيان.استاد پيشي سان لاڳاپيل استاد جن سان منهنجو تعلق رهيو آهي اهي اڄ منهنجي ڪمين ڪوتاهين تي توڙي علم جي واڌ ويجھ سکڻ سيکارڻ جي عمل ۾ منهنجي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. جن ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب، سائين مٺل جسڪاڻي صاحب، سائين خادم سبحان ڏاڏاهي ، سائين ڊاڪٽر محمود مغل صاحب، سائين علي محمد لغاري صاحب. ۽ منهنجو بابا سائين پيرسني باوجود وک وک تي منهنجا رهنما بڻيل آهن. استادن جي عالمي ڏينهن جي هن پيشي سان منسلڪ سمورن استادن کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. گذارش ڪندس سچائي سان پنهنجون پيشه ورانه ذميوارين ادا ڪن. ان سان ئي کي معاشري ۽۾ عزت ۽ اعلي ا مقام ملندو.(روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 05 آڪٽوبر 2022ع بروز اربع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو