سنڌ جو ناليوارو شاعر سائل آزاد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    105
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    مشهور شاعر سائل آزاد جي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا
    تحرير : عبدﷲ جروار
    "جان ڳڻتين ۾ ڳري تو سوا پل نه سري".
    جهڙين خوبصورت سٽن کي سرجيندڙ شاعر سائل آزاد. مشهور شاعر سائل آزاد جو اصل نالو غلام حسين واڍو هو. پاڻ 1938ع ۾ چنيسر ڳوٺ ڪراچي ۾ الھ بچائي واڍي جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تخلص " شاد" رکيائين. پر پوء ڇوٽي صالح محمد قوال جي ساٿ ۽ سنگت کيس "سائل آزاد" بڻائي ڇڏيو. سائل آزاد اردو فلم "ڪاغذ ڪي ڦول" ۾ شامل شاعري سان مشهوري ماڻي. سائل آزاد سنڌي ٻوليءَ جي انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان هڪ آهي جيڪي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻندا آهن. سائل مشاعري ۾ پنهنجي شاعري ڪمال طريقي سان پڙهندا هئا. جن کي ٻڌندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ نہ رهي سگهندو هو. سائل آزاد ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاء ڪيترائي نغمه ۽ وطن جا گيت لکيا آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي آهي. سائل آزاد جي شاعري کي سنڌ ۽ پاڪستان جي ناليوارن فنڪارن ڳايو آهي. سنڌي ۾ لکيل گهڻن ئي گيتن کي سيد سليمان شاه توڙي ٻين بهترين نموني ڳايو آهي. سائل آزاد جي اردو شاعري پڻ ڪافي مقبول ٿي سندس جڳ مشهور گيتن ۾ " پئسا بولتا هي" وڏي مقبوليت ماڻي. هنن ٻولن کي بالي ووڊ جي هڪ فلم ڪالابازار ۾ فلمايل گانو " پئسا بولتا هي" پڻ سائل آزاد جي شاعري جو نقل محسوس ٿئي ٿو. جنهن کي نيتن مڪيش ڳايو آهي. هي گانو مشهور اداڪار قادر خان تي فلمايو ويو آهي. سائل آزاد جي شاعري کي سنڌ جي گهڻن ناليوارن فنڪار ڳايو آهي. جن ۾ سيد سليمان شاھ سر فهرست آهي. ٻين فنڪارن ۾ محمد يوسف، عبدالله پنهور ، گلبانو ، محمد يوسف ، رونا ليلي ا وغيره شامل آهن. مشهور گيتن ۾
    جان ڳڻتين ۾ ڳري تو سوا پل نه سري
    راتو ڏينهن روح رڙي سينو سڙي
    پيارا منهنجا پپيهر
    هڪ وار ته آ تون اڱڻ مٽي
    سائل آزاد سنڌي فلمن لاءِ گيت لکيا جن ۾ رت ۽ اجرڪ، پرديسي ۽ پيار، جانو ڌاڙيل، قرباني، هو جمالو، طوفان، مهراڻ جا موتي، سنڌ جا سپوت شامل آهن. سنڌ جي هن ناليواري شاعر سائل آزاد 10 نومبر 2018ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو