مسڪين توڏو جمالي

'ڏوراپن جو ڏيهه' فورم ۾ حاجي اويس جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2023۔

  1. حاجي اويس جمالي

    حاجي اويس جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2020
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    مسڪين توڏو جمالي جو نالو اصل نالو محمد حسن جمالي ولد محمد بخش جمالي ھو. پاڻ ڳوٺ صاحب خان جمالي، ضلعي نوابشاھ ھاڻوڪي شھيد بينظير آباد ۾ 1954 ۾ ڄاوا. ان وقت پڙھائي جو شعور تمام گھٽ ھيو پاڻ 1966ع م ڳوٺ ميوو جمالي مان استاد ٺارو جمالي صحبت ۾ پنج درجا تعليم حاصل ڪئي ۽ تنھن بعد والدين سان گڏ ٻني ٻارو ڪرڻ لڳو. 1967 ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ حاجي محمد ايوب جمالي سان گڏ 13 سالن جي عمر پيرين پنڌ قافلي ۾ ايران کان عراق شام رستي ڪم ڪار ڪرڻ لاء سعودي عرب پھتو، جتي ڪجھ وقت لوڪل رستا ٺاھيندڙ ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ کان پوء 17 سالن جي عمر سعودي عرب جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو. جتي 3 سال نوڪري ڪئي بعد ۾ ڇڏي ڏني، سال کان 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان جدہ ۾ ملاقات ٿي. پاڻ انھن ڏينھن ۾ ڀٽو صاحب جي شخصيت کان متاثر ٿي پ پ پ شموليت ڪئي. پاڻ 1981 ۾ 14 سالن بعد وطن واپس وريو.پاڻ سال سواء پاڪستان رھيو شادي ڪئي ۽ ڪجھ وقت کان پوء وري بحري جھاز رستي سعودي ويو. پوء ائين بحري جھاز رستي ھر ٻئين ٽين سال ايندو رھندو ھو، پاڻ سڀ کان پھرين پاڪستان ۾ رنگين ٽي وي آندي. جيڪا Made In Japan ھئي. مسڪين توڏو جمالي ريڊيو ۽ ٽي وي وڏي شوق سان ٻڌندو ھو، مسڪين لتا منگيشڪر ، رونہ ليلا، استاد محمد جمن، لطيف چانڊيو، فوٽو زرداري جو پرستار ھو. زندگي جا تقريبن 29 ٻاھرين وطن کان ٻاھر شام، ايران، مسڪت، عراق، عمان، ابو دبئي رھيو، 18 حج ۽ 22 عمرہ ادا ڪيائين. مسڪين اسان جي علائقي جو پھريون شخض ھو جيڪو عربي، فارسي، انگريزي، عربي، اردو، بلوچي، سنڌي يعني ست اٺ ٻوليون ڳالهائيندو ھو. مسڪين 1998 وطن واپس آيو. پان بعد ور اسٽاپ کان نوابشاه ڪافي عرصو راھو خاصخيلي ۽ عثمان لاکو سان گڏ ٽانگو ھلائيندو ھيو. ڪجھہ وقت ٽانگو ھلائڻ کا پوء پاڻ پلمبري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. مسڪين پلمبري جو تمام وڏو مڃيل ڪاريگر ھيو. پاڻ زندگي جي آخري ڏينھن تائين حق حلال جي مزدوري ڪندو رھيو. 7 جون 2017 جي رات مسڪين سيلون ٻڌي رھيو ھو تہ دل جو دورو پوڻ سبب تقريبن 65 سالن جي عمر وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان دوست پير تعلقي سڪرنڊ ۾ آھي[​IMG]
     
  2. حاجي اويس جمالي

    حاجي اويس جمالي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2020
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51

هن صفحي کي مشهور ڪريو