بڪيرا شريف جي تعليم لاء جاکوڙيندڙ شخصيت سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    #بڪيراشريف_جون_نامور_شخصيتون

    علم جي روشني پکيڙيندڙ استاد
    سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم

    بڪيرا شريف ۾ ڪهڙو اهل علم آهي جيڪو بزرگ استاد سائين محمد اسماعيل قنبراڻي جي نالي کان واقف نه هوندو. ڇو ته هن شخص بڪيرا شريف ۾ علم جي روشني پکيڙڻ ۾ ڏينهن رات جاکوڙيو ۽ هتان جي ادارن جي سڌاري توڙي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جيڪو وسارڻ جوڳو نه آهي. جڏهن به بڪيرا شريف ۾ تعليم يا اسڪولن جو ذڪر ٿيندو اتي اسان هي بزرگ هستي هميشه ياد رهندي. جيڪڏهن کيس ياد نه ڪيو ويو ته اها سائين جي شخصيت سان وڏي نا انصافي ۽ احسان فراموشي ليکي ويندي. هڪ ٻار جيڪو 07 جنوري 1920ع تي الھ بچايو قمبراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سو اڳتي هلي شهر لاء اهڙو ڏيئو ثابت ٿيو. جنهن جي روشني هن شهر مان جهالت جي اونداھ کي مٽائي ڇڏيو. سائين محمد اسماعيل قنبراڻي فائنل پاس ڪرڻ کان پوء 15 جولاءِ 1944ع گورنمينٽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف ۾ بحيثيت استاد نوڪري جي شروعات ڪئي. سن وقت سندن پگهار صرف 30 روپيا ماهوار مقرر ٿيو. جيڪو 1960ع تائين هڪ سئو روپين تائين پهتو. هن اسڪول ۾ نه صرف شاگردن کي پڙهائڻ جو فرض سر انجام ڏنو پر گڏوگڏ هو انهن شاگردن جي مستقبل جي باري ۾ به فڪرمند رهندو هو. سائين جي ڪوشش هوندي هئي ته جيڪو به شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ته ان لاء نوڪري جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي. سائين محمد اسماعيل قنبراڻي صاحب پنهنجي محنت علمي جدوجهد، خلوص ۽ سچائي سبب ان وقت جي ايس ڊي اي او هالا سائين الله بخش نظاماڻي صاحب کي بيحد متاثر ڪيو. جيڪو سائين جي تمام گهڻي عزت ڪندو کيس گهڻو ڀائيندو هو. تنهنڪري سائين محمد اسماعيل قنبراڻي صاحب جو جيڪو به شاگرد فائنل جو امتحان پاس ڪندو هو تنهن کي ترت ئي ان ايس ڊي اي او کان نوڪري جو آرڊر وٺي ڏيندو هو. سائين محمد اسماعيل پنهنجي ڪيترن ئي شاگردن کي نوڪريون ڏياريون. اهڙي طرح هڪ ڏيئي مان ٻيو ڏيئو روشن ٿيندو ويو. سائين محمد اسماعيل قنبراڻي هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو سو اهڙي برادري جو جنهن جا وڏا نسل در نسل پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي غلامي ۾ رهندا آيا. پر هي مسڪين غريب پنهنجي علم ۽ محنت ذريعي سچ پچ ته ميرن پيرن ۽ سيدن اڳيان مان ۽ مرتبي وارو انسان بڻجي ويو ۽ هن جو رتبو انهن سڀني کان گهڻو مٿانهون ٿي ويو. هڪ غريب گهراڻي جو فرد هجن باوجود بڪيرا شريف جي ترقي ۽ ڀلائي کان سواء تعليمي ميدان ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون. اهي ڪنهن عام ۽ خاص جي پهچ کان گهڻيون مٿي هيون. هي بزرگ استاد ڊگهي عرصي تائين پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سائين محمد اسماعيل مرحوم سال 1957 ع ۾ بڪيرا شريف لاء مڊل اسڪول جي گهر ڪئي. سندس اها گهر پوري ڪئي ويئي بڪيرا شريف لاء مڊل اسڪول منظور ڪيو ويو. شهر ۽ آس پاس ۾ وڌندڙ بدامني سبب سائين محمد اسماعيل قنبراڻي صاحب جن ان وقت جي ايس پي علي اڪبر شاھ صاحب کان ٿاڻي جي گهر ڪئي وئي جنهن تي ايس پي صاحب هتي پوليس پوسٽ قائم ڪئي. سندس محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم جون شهر لاء ڪيتريون ئي خدمتون آهن ڪهڙيون ڳائي ڪهڙيون ڳائجن. سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم نالو ئي هو مسلسل محنت ۽ جدوجهد جو.
    (هي مضمون سيد مراد علي شاھ بڪيرائي جي ترتيب ڏنل ماهوار رسالي "ڪوشش" بڪيرا شريف مئي 2000ع تان ورتل آهي)
    هي مضمون ۽ تصوير سائين محمد اسماعيل قنبراڻي مرحوم جي پوٽن عمران علي ۽ صدام حسين کان ملي.
    #personalitiesofbukerasharif
    #bukeraSharif
    #jarwarabdullah
    [​IMG]
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو