بڪيرا شريف جي شاهي بازار جو عروج ۽ زوال

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    166
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    بڪيرا شريف جي تاريخي شاهي بازار جو عروج ۽ زوال
    تحرير : عبدالله جروار

    بڪيرا شريف ضلعي ٽنڊي الهيار جي قديم ۽ اهم شهرن مان هڪ شهر آهي. جنهن جي وڏي تاريخ آهي. شهر ڪڏهن کان آباد ٿيو؟ اولياء ڪرام قريشي پير صاحبان جي هن شهر ۾ آمد ۽ ان جا سبب. اهم ڳالھ ته هن شهر جي عام زميني سطح کان 10 کان 20 فوٽ دڙي تي آباد ٿيڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ ان دڙي ۾ ڪهڙا راز آهن؟ . هن موضوع تي ڪافي دوستن طبع آزمائي ڪئي آهي. اهو ڪم اڃا جاري آهي ڪافي دوست لکن پيا. پر منهنجو اڄوڪو موضوع بڪيرا شريف جي شاهي بازار جيڪا مٿي دڙي تي قائم هئي ڪافي دڪان هوٽلون ڪئبنون وغيره هيون ان جو زوال جو ڪارڻ ۽ شهر جي جو نئين سر هيٺ وڏي پئماني تي دڪانن هوٽلن ڪاروباري مرڪزن جون کلڻ جنهن سان شهر ۾ ڪاروبار عروج تي پهتل آهي. بڪيرا شريف جي مين گهٽي جيڪا درسن واري مشهور مسجد ۽ بنگلي کان شروع ٿي سيٺ ڀوري ميمڻ جي گهر ميمڻ جماعت خاني کان ويندي مشهور بازار واري مسجد اڳيان درگاھ تائين ويندڙ گهٽي ڪنهن زماني ۾ وڏي بازار هئي. سائين الھ بچائي شاه جن جو مٺائي دڪان، هوٽلون، نصير مهاجر جو دڪان، سيٺ سليمان ۽ چاچي سڪندر ميمڻ جو کنڊ جو ڊيو، سيٺ جمع جو دڪان (جيڪو هاڻوڪي مشهور زميندار۽ ڪاروباري شخصيت سيٺ وڪيو ميمڻ جو والد هو) . سيٺ ڀوري ميمڻ جو دڪان.سيٺ ڀوري جو اصل نالو ٻيو هو پر مشهور سيٺ ڀوري جي نالي هو. بعد ۾ محمد ميمڻ المعروف من ميمڻ جو ميڊيڪل اسٽور به هوندو هو. درسن واري مسجد لڳ جتي هاڻ يونين ڪائونسل جي آفيس آهي. ان مشهور ڊاڪٽر معيد جي اسپتال هوندي هئي. ان سان لڳ مشهور سيٺ حاجي ڪنڀار جو دڪان گهر سان گڏ هوندو هو. اسان پاڻ اهي دڪان ڏٺا.
    هوٽلن تي وڏي آوازن هلندڙ گانن ماڻهن جي چيل پيل سان بازار ۾ وڏي رونق هوندي هئي.
    جڏهن ٽنڊي الهيار کان بڪيرا ڪچو رستو ھوندو ھو. مشيني سواريون عام نه ٿيون هيون. ان وقت سواري جو ذريعو اٺ ۽ ٽانگا هوندا هئا. جن تي ماڻهو ٽنڊي الهيار ايندا ويندا هئا. ان زماني ۾ هيٺ بس اسٽاپ تي ڪجھ به نه هوندو هو.
    بابا سائين جن ٻڌائين ٿا ان زماني هڪ هوٽل کليو هو جنهن جي نشاني اڳيان کجي جو هجڻ ٻڌائين ٿا. اهو هوٽل سائين سيد زوار حسين شاه جي نالي ڪنهن سيد کوليو هو. اتي ماڻهو ويهي ٿڪ ڀڃندا هئا. اهو هوٽل ڳچ عرصو هليو پئي جنهن جا مالڪ سيد هئا. جيڪي بڪيرا شريف مان لڏي ٽنڊي الهيار وڃي ويٺا. بعد ۾ اهي جايون وڪڻي ڇڏيائون. هاڻ سائين زوار حسين شاه واري هوٽل واري جاء تي تاري ڀيل جو دڪان آهي.
    ڪجھ وقت گذرڻ کان پوء حاجي لکاني نالي همراه جنهن جو ٽانگو هو. اهو ٽنڊي الهيار تائين ھلائيندو هو. بس اسٽاپ رستي کان اتر پاسي ڪنڊي جي وڻ وٽ منهن اڏي ڇانورو ٺاهيو. جنهن وٽ شهر ويندي ورندي ٽانگو بيهاري ساهي پٽيندا هئا. اهو حاجي لکانو پيرن جو مريد هو. بڪيرا شريف جا پير صاحبان کيس حج تي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا.

    ڀٽي صاحب جي عوامي حڪومت ۾ ماڻهن دانهن ڪوڪن ڪجھ اثر ڪيو. ٽنڊي الهيار کان بڪيرا تائين روڊ جو ڪم مرحليوار شروع ٿيو. پهرين مرحلي ۾ روڊ سنجراڻي ڳوٺ تائين ٺهيو بعد ۾ مرحليوار ڪم هلندو رهيو جيڪو آخر ڪار شيخ ڀرڪيو روڊ سان ڳنڍجي ويو. روڊ ٺهڻ سان هن روڊ تي وڏي رونق لڳي وئي. روڊ تي ٽانگن سان گڏ بسون هلڻ لڳيون. بڪيرا شريف شهر جون ڪاروباري سرگرميون بس اسٽاپ طرف وڌنديون ويون. مٿي بازار وارا اڪثر دڪان هيٺ بس اسٽاپ تي شفٽ ٿي ويا. هوٽلون قائم ٿي ويون جن ۾ ڦوٽي بڪيري مرحوم جي هوٽل، آچر لاشاري جي هوٽل، محمد لنڊ جي هوٽل ۽ بولي دل جي ڪئبن. بولي دل جي ڪئبن جي جاء تي ڪنهن زماني غلام رسول آرائين جي ڪئبن به هئي. ٿوري عرصي ۾ مرحوم گل بڪيري مرحوم جي پان سگريٽن جي ڪئبن هئي جيڪا سندس يارن دوستن جو مرڪز هئي. پر گل بڪيري مرحو سان حياتي وفا نه ڪئي. اعراج ميمڻ جي والد جي هوٽل چانھ جي حوالي سان مشهوري ماڻي بعد ۾ اڪثر هوٽلن ۾ وي سي آر تي انڊيا جو فلمون هلون هلائڻ جو رواج پيو جنهن نوجوان نسل کي گهڻو متاثر ڪيو. شهر پهريائين محدود ايريا دڙي تائين ٿوري هيٺ ايراضي تي قائم هو ان ۾ وڏي پئماني واڌ ويجهه اچڻ لڳي. ڪيترائي نوان پاڙا قائم ٿي ويا. مختلف ڪاروبارن عروج ورتو. جن جنس جي واپار جون ڀيڍيون. پئٽرول پمپس هوٽلون.
    (هلندڙ)
    #personalitiesOfBukeraSharif
    #bukerasharif
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو