يادگيريون

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    1958ع جو زمانو هو. ان وقت تائين ڏاڏا حاجي بهارالدين جروار مرحوم سامونڊي جهاز ته ڪڏهن پيرين پنڌ پيادل جا حجار (سعودي عرب) جا سفر ڪري چڪو هو. دنيا ڏٺي هئائين. ڪافي تاريخي سندن اکين آڏو رونما ٿيا پر انهن کي ڪتابي شڪل نه ملي سگهي. پڙڏاڏو حاجي پيروز 1948 ع ۾ وفات ڪري ويو هو. پڙڏاڏي ڏاڏا پيروز مرحوم جي زمين مان ڪجھ زمين ڏاڏا حاجي بهارالدين مرحوم کي ملي هئي. جنهن باغ جو ٽڪر ٿورڙي زمين آباد ٿيندي هئي. جيڪا وڏو چاچو غلام رسول پوکيندو هو. باغ ۾ موجود توت ۽ ڊاک جي مندائتي لهڻ جي صورت چاچا حاجي عثمان آهي کڻي ڳوٺن ۾ وڪڻڻ ۾ ويندو هو. جنهن مان ان اٽو وٺبو هو. ڏاڏا حاجي بهارالدين مرحوم جا حج جي سفر دوران، مديني شريف ۾ رهائش هجڻ سبب ڪاماري شريف جي پير صاحبان کي ويجها هئا. انهن جي صلاح مشوري سان ڊيزل گهرائڻ جو فيصلو ڪيائون جنهن تي اٽي جي چڪي لڳائي گهر جي گذر سفر جو بندوبست ڪري سگهجي . ڏاڏا حاجي بهارالدين جروار سان گڏجي هن انجڻ سان گڏ ٽنڊي الهيار جي ٻن ٻين شخصيتن پڻ ڪراچي ۾ بڪنگ ڪرائي هئي. جن ۾ هڪ استاد حاجي احمد خان جروار ساڄن ڳوٺ مبارڪ جروار جيڪو هاڻوڪي ايگريڪلچرل آفيسر محمد خان جروار جا والد هئا. ٽين انجڻ ڪامارو شريف جا پير صاحبان بڪ ڪرائي. هي انجڻيون رسٽن Ruston ڪمپني جو هيون جيڪا انگلينڊ جي ڪمپني هئي. انهن مشينن جي بڪنگ جي ڪجھ عرصي بعد ڪاٺ جي کوکن ۾ بند ٿيل جدا جدا حصن ۾ مشينون پهچي ويو. اسان جي بزرگن ۽ استاد حاجي احمد خان جروار مرحوم ان مشين تي اٽي جون چڪيون لڳايون. پير صاحبان آف ڪامارو شريف جن ان مشين اٽي جي چڪي ۽ شايد پوء ٽيوب ويل لڳايو.قريشي پير صاحبان آف ڪامارو شريفجن جي اسٽيٽ ۾ ان مشين جي ڪري اڄ تائين ڳوٺ مشين سڏبو آهي. هن ڳوٺ ۾ لغاري برادري جا ڪجھ گهر هئا. هاڻ جي خبر ناهي.
    اسان جو خاندان غريب خاندان هو. بابا وارا پنج ڀائر انهن جو اولاد زمين جو حصو تقريبن 15 ايڪڙ کن مليو هو. نه ايترو پاڻي هو نه ڪا زمين آباد ٿيندي هئي. جڏهن ته ملان اسڪول به هليو پئي جيڪو اسان جي پڙڏاڏا مرحوم ڏاڏا حاجي پيروز مرحوم 1895ع ۾ قائم ڪيو هو. پڙهائي صبح کان شام تائين هلندي هئي. پري پري وارا ٻار منجهند جي ماني به اسان جي گهر کائيندا هئا. ڪجهه استاد شاگرد مستقل رهندا هئا. خاص طور فائنل امتحان جي تياري وارا ٻار رهندا هئا. ان وقت فائنل امتحان جي تياري ٽنڊي الهيار جو ناليوارو استاد سائين محمد عثمان ڀٽي صاحب ڪرائيندو هو. سندس محنت سان ڪيترائي شاگرد پاس ٿيا. مختلف اسڪولن بطور استاد پڻ مقرر ٿيا.
    اسان جي بزرگن جڏهن مٿي ذڪر ڪيل مشين گهرائي اٽي چڪي لڳائي جنهن کي منهنجا ٻه وڏا چا چا ڊاڪٽر غلام رسول ۽ چاچا حاجي محمد عثمان جروار هلائيندا هئا. جنهن مان گذر سفر پئسا به ٿي ويندا هئا ۽ گهر جو اٽو به نڪرندو هو سستائي جو زمانو هو. پري پري جا ماڻهو اٺن، گڏهن، ڍڳي گاڏين تي ان کڻي ايندا هئا. اٽو پيهائي. کڻي ويندا ويندا هئا. مشين ۾ لڳل وڏو بمبو جيڪو اصل ۾ مشين جو سائلنسر هوندو هو. ان تي مٿي منهن ۾ هڪ جست جو لوٽو ٻڌل هوندو هو. جنهن سان مشين جي چالو ٿيڻ تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ميلن تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. انهن بزرگن سخت جفاڪشي ۽ محنت ڪئي. پنهنجي وڏڙن قائم ڪيل مڪتب اسڪول کي به هلائيندا رهيا، پنهنجو گذر سفر ڪندا رهيا. هنن ڊيزل انجڻ اڪثر وڏن پرزن ڪو ڪم حيدرآباد ۾ ٿيندو هو. باقي ٿوري گهڻي مرمت جو پاڻ ڪندا هئا. ڪا ڳالهه سمجهه نه ايندي هئي استاد احمد خان جروار ۽ استاد علي جروار ٺاهڻ لاء ايندا هئا. بڪيرا شريف جو ناليوارو مستري استاد يوسف شيدي به هو. جيڪو پڻ وڏو ڄاڻو هو.



    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو