اسان جي ڳوٺ جي پبلڪ ڪال آفيس (يادگيريون)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    166
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    معشوق علي ڀٽو صاحب
    جن جي ڪوشش سان اسان جي ڳوٺ فون لائين پهتي.!!!

    1975, 1976ع جو زمانو ڀٽو صاحب وزير اعظم هو ممتاز علي ڀٽو صاحب وزير مواصلات هئا. هن عوامي حڪومت هڪ بهترين ڪم اهو ڪيو ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي هڪ ٻئي سان مواصلاتي رابطي ۾ ڳنڍڻ خاطر پبلڪ ڪال آفيس ڌڙاڌڙ منظور ڪري ٽيليفون رابطي ۾ آندو. اسان جي ڳوٺاڻن به پبلڪ ڪال آفيس فون لاء درخواست موڪلي. اسان جي اهو تصور به نه هو ته ايترو جلد اسان جي درخواست تي فون جي سهوليت ميسر ٿي ويندي اسان جي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ فون منظور ته ٿي پر فون ٽنڊي الهيار کان اسان جي ڳوٺ جي 18 ميلن تائين لائين وڇائڻ لاء فون کاتي کي وڌيڪ بجيٽ گهربل هئي. ان لاءِ وزير مواصلات جي منظوري جي ضرورت هئي اها ڪيئن ملي؟ ان سلسلي ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي خبر پئي هڪڙا برادي جي نوجوانن گلاب خان هڪڙي، عبدالخالق هڪڙو صاحب جو معشوق علي خان ڀٽي صاحب سان دوستي جو تعلق آهي. هڪڙا برادري سان اسان جو به خانداني واسطو هو ۽ اڄ به آهي. انهن کي فون جي منظوري بابت آگاهي ڏني سون. جن کي مسئلي جي حل جي گذارش ڪئي سون. جن اسان کي معشوق علي خان ڀٽي صاحب سان ملايو. معشوق علي خان ڀٽو صاحب يقين ڏياريو ته جلد توهان جي ڳوٺ کي فون جي سهوليت مهيا ڪئي ويندي.
    ائين ئي ٿيو سندن ئي ڪوشش سان ٽنڊي الهيار کان اسان جي ڳوٺ صاحب خان جروار تائين نئين لائين وڇائي وئي. اهڙي طرح اسان جو ڳوٺ پوري ملڪ سان مواصلاتي رابطي سان ڳنڍجي ويو.
    ا
     
    Akbar Ali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو