نماز جا دنيا ۽ آخرت ۾ فائدا قرآن شريف ۽ سنت جي روشنيءَ ۾

'مذهب' فورم ۾ سوڍل فقير طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2023۔

  1. سوڍل فقير

    سوڍل فقير
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڳوٺ ڌڻي بخش
    بسم الله الرحمن الرحيم

    نماز جا دنيا ۽ آخرت ۾ فائدا قرآن شريف ۽ سنت جي روشنيءَ ۾

    ليکڪ: ظهير حسين دانش (ملوڪاڻي)
    شاگرد: جامعة المصطفيٰ انٽرنيشنل يونيورسٽي قم (ايران)

    خلاصو:
    ھيءُ مقالو ٽن جدا جدا ڀاڱن تي مشتمل آھي. جيڪي ڀاڱا ترتيب جي لحاظ سان ڪجهه ھن طرح سان پکڙجن ٿا. پھرين ڀاڱي ۾ نماز جي مفهوم جنھن ۾ نماز جي لغوي ۽ اصطلاحي معنائن سان گڏوگڏ نماز جي فضيلت کي قرآن شريف ۽ سنت جي روشني ۾ بيان ڪيو ويو آھي. ٻئي ڀاڱي ۾ نماز جي دنياوي فائدن مان رڳو سورھن فائدن کي بيان ڪيو ويو آھي. ۽ ٽئي ڀاڱي ۾ نماز جي اخروي فائدن مان رڳو اڱرين تي ڳڻڻ جيترن فائدن کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ھن مقالي مان نڪرندڙ نتيجي کي پڻ بيان ڪيو ويو آھي.

    مکيه لفظ: پالڻهار، قرآن شريف، سنت، نماز، فائدا، دنيا، آخرت.

    مقدمو:
    نماز پالڻهار طرفان پنهنجن بندن کي عطا ڪيل ھڪ اھڙو انمول ۽ قيمتي تحفو آھي، جو جيڪڏھن ڪو به بندو ان کي پنهنجي پاڪ ۽ شفاف دل سان انجام ڏيندو ته پالڻهار پنهنجي اُن بندي کي ھن دنيا سان گڏوگڏ آخرت واري دنيا ۾ به پنهنجن نعمتن سان مالا مال ڪري ڇڏيندو آھي. ۽ پالڻهار پنهنجي اُن بندي کي اھڙو ته ھن دنيا ۽ آخرت واري دنيا ۾ پنهنجن نعمتن سان مالا مال ڪري ڇڏيندو آھي جو ڏسڻ وارا دنگ رھجي ويندا آھن، ۽ پوءِ اُھي ڏسڻ وارا اُھا آرزو ۽ خواھش پنهنجي دل ۾ ڪندا آھن ته اي ڪاش! اسان به ان جھڙا نماز گذار ھجون ھا ته اڄ اسان به ھن دنيا ۽ آخرت واري دنيا ۾ پنهنجي پالڻهار جي نعمتن سان مالا مال ھجون ھا. ۽ رڳو ايترو نه جيڪو به بندو نماز کي پنهنجو دوست رکندو آھي ته پالڻهار به ان بندي کي پنهنجو دوست رکندو آھي، ۽ پوءِ جيڪو بندو پنهنجي پالڻهار جو دوست بڻجي وڃي ٿو ته ان لاءِ ھن دنيا ۾ ته برڪتن ۽ رحمتن وارا در کلي وڃن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ اُن لاءِ قيامت ۾ پڻ رحمتن ۽ برڪتن جا در کوليا وڃن ٿا. پوءِ اھڙي انمول ۽ قيمتي تحفي کان انسان ذات کي آشنا ۽ متعارف ڪرائڻ لاءِ ھِن مقالي کي لکي رھيا آھيون، جيتوڻيڪ اسان جو ھيءُ مقالو ايترو سگهارو يا مضبوط به ناھي جو ھِن ۾ نماز جي ھڙني دنيوي ۽ اخروي فائدن کي بيان ڪيو ويو ھجي، پر وري به وس آھر اُھا ڪوشش ۽ جدوجهد ڪئي وئي آھي ته نماز جي ڪجهه مهم ۽ وڏن فائدن کان پڙھندڙ حضراتن کي آشنا ۽ متعارف ڪرايو وڃي. آخر ۾ اھا اميد ۽ آرزو دل ۾ سانڍجي ٿي ته اسان جو ھيُ مقالو انسان ذات لاءِ ھڪ شاھڪار ثابت ٿيندو ۽ پڙھندڙ حضرات ان مقالي مان سٺا ۽ ڀلا موتي ميڙيندا.

    ڀاڱو پھريون: نماز جو مفهوم ۽ نماز جي قرآن شريف ۽ سنت ۾ فضيلت

    الف: نماز جو مفهوم
    نماز جي مفهوم کي واضح ۽ چٽي طرح سان سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته نماز جي لغوي ۽ اصطلاحي معنائن کي بيان ڪيو وڃي؛ ڇاڪاڻ ته انهن کي بيان ڪرڻ سان ئي نماز جي مفهوم کي صحيح ۽ ڀلي طرح سان سمجهي سگهجي ٿو.

    1_ نماز جي لغوي معنيٰ:
    نماز جو لفظ لغت ۾ دعا، استغفار، رحمت، مغفرت، عبادت، سلام ۽ تعظيم لاءِ استعمال ٿيندو آھي.[1]
    2_ نماز جي اصطلاحي معني:
    قرآن شريف جي اصطلاح ۾ نماز جي معنيٰ آھي خدا تعاليٰ جي طرف متوجھ ٿيڻ، ان ڏانھن وڌڻ، ان کان دعا گھرڻ ۽ ان جي تمام ويجھو وڃڻ. جئين قرآن شريف ھِن آيت مبارڪه ۾ آيو آھي: ۽ ھر نماز ۾ پنهنجو رخ ٺيڪ خدا تعاليٰ جي طرف رکو ۽ نيڪ نيتي واري فرمانبرداري سان کيس پڪاريو.[2] ۽ اھڙي طرح سان قرآن شريف ۾ ھڪ ٻئي جاءِ تي آيو آھي: ۽ سجدو ڪيو ۽ خدا تعاليٰ جي ويجها ٿي وڃو.[3] ۽ اھڙي طرح سان پڻ پاڻ سڳورنﷺ کان ھڪ حديٽ نقل ٿي آھي. جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا: بندو پنھنجي پالڻهار سان ان وقت سڀني کان (وڌيڪَ) ويجهو ھوندو آھي جڏھن ھون خدا جي حضور سجدي ۾ ھوندو آھي.[4]

    ب: نماز جي قرآن شريف ۽ سنت ۾ فضليت

    1_ نماز قرآن شريف جي روشنيءَ ۾:
    جئين ته نماز جو ذڪر قرآن شريف جي آيتن ۾ جام تام ذڪر ٿيو آھي. ۽ اھڙيون آيتون به قرآن شريف ۾ کوڙ ساريون آھن جن ۾ با قائدگي سان نماز پڙھڻ يا قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. جيتوڻيڪ انھن جي تعداد پڻ گھڻي آھي پر ھن مقالي ۾ رڳو ڪجهه آيتن کي بيان ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريجي ٿو:
    پھرين آيت:
    جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آھي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا. ۽ جيڪي تو تي (اي رسول) نازل ڪيو ويو آھي ۽ پڻ تو کان اڳ نازل ڪيو ويو آھي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اھي آخرت جو به يقين رکن ٿا. اھي ان ھدايت تي آھن جا سندن پالڻهار جي طرفان آھي ۽ اھي ئي ڪامياب آھن.[5] ھن آيت مبارڪه ۾ جيڪي نماز قائم ڪندڙ آھن انھن ٻانھن کي پنهنجي پالڻهار طرفان ڪامياب ۽ سوڀارو ڪوٺيو ويو آھي.
    ٻئين آيت:
    بيشڪ آئون ئي الله آھيان مون کان سواءِ ڪو معبود نه آھي سو منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر!.[6]
    ٽئين آيت:
    (اي رسول!) سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداھيءَ ٿيڻ تائين (ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا جي) نماز پڙھندو رھ! ۽ صبح جي نماز (به) ڇو ته صبح جي نماز تي (ڏينھن ۽ رات ٻنهي جي فرشتن جي) شاھدي ٿيندي آھي. ۽ رات جي خاص حصي ۾ نماز تهجد پڙھندا ڪريو اھا سنت اوھان جي (خاص) فضيلت آھي. اميد آھي ته (قيامت جي ڏينهن) خدا تو کي مقام محمود تائين پھچائي.[7]
    ڇوٿين آيت:
    ۽ (اي رسول!) ڏينھن جي ٻنهي ڪنارن ۽ رات جي ڪجهه گھڙين ۾ نماز قائم ڪر (ڇو ته) نيڪيون پڪ گناھن پري ڪن ٿيون ۽ اسان کي ياد ڪرڻ وارن لاءِ اھي ڳالهيون نصيحت ۽ سبق آموز آھن.[8]
    پنجين آيت:
    ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون زالون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا رفيق آھن، چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا، ۽ بڇڙي ڪم کان جهلن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏيندا رھن ٿا، پڻ خدا ۽ سندس رسولﷺ جي فرمانبرداري ڪن ٿا. ھي اھي آھن جن تي خدا رحم ڪندو. بيشڪ خدا غالب حڪمت وارو آھي.[9]

    2_ نماز سنت جي روشنيءَ ۾:
    جئين ته ڪتابن ۾ نماز بابت کوڙ ساريون حديثون ۽ روايتون ائمه معصومين کان نقل ٿيون آھن، جن کي ھن مقالي ۾ آڻڻ انتهائي ڏکيو ۽ سخت ڪم آھي؛ ڇاڪاڻ ته انھن سڀني حديثن ۽ راويتن کي لکڻ سان ھيءُ مقالو ھڪ ڪتاب واري صورت اختيار ڪري ويندو ۽ ٻيو اھو ته جيڪڏھن اسان انهن ھڙني حديثن ۽ روايتن کي بيان ڪنداسين ته پوءِ ھيءُ مقالو حد کان وڌيڪ طولاني ۽ ڊگهو ٿي پوندو. پوءِ ان کان بچڻ لاءِ ھيٺ رڳو ھر ھڪ معصوم کان ھڪ حديث لکڻ يا بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪجي ٿو:
    پھرين حديث:
    پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو: ھر شيءِ جو ھڪ چهرو ھوندو آھي ۽ توھان جي دين جو چهرو نماز آھي.[10]
    ٻئين حديث:
    امام علي عليه السلام جن فرمايو: خدا را! خدا را! مان توھان کي نماز پڙھڻ جي سفارش ڪريان ٿو؛ ڇاڪاڻ ته نماز توھان جي دين جو ستون (ٿنڀو) آھي.[11]
    ٽئين حديث:
    حضرت بيبي فاطمه زھرا سلام الله عليها جن فرمايو: الله سائين نماز کي تڪبر کان بچڻ لاءِ واجب ڪيو آھي[12] (ته جئين انسان ان کي ادا ڪرڻ سان تڪبر ۽ وڏائي کان بچي سگھن).
    ڇوٿين حديث:
    رواي روايت ڪري ٿو ته جڏھن به امام حسن مجتبي عليه السلام نماز پڙھندا ھئا، ته پاڻ سدائين سٺو ۽ خوبصورت لباس پائيندا ھئا. پوءِ امام کان ڪنھن پڇڻ واري پڇيو ته توھان نماز لاءِ سٺو ۽ خوبصورت لباس ڇو پائيندا آھيو؟ پاڻ فرمايائون: اھو ان ڪري جو الله تعاليٰ خوبصورت آھي ۽ خوبصورتي کي پسند ڪندو آھي ”۽ الله سائين پاڻ فرمايو آھي: ته جڏھن مھل توھان نماز پڙھو يا مسجد ۾ ھجو ته صاف ۽ سٺو لباس پائيندا ڪريو“. بس پوءِ مان به اھو دوست رکان ٿو ته نماز وقت سٺو ۽ صاف (پاڪ) لباس پايا.[13]
    پنجين حديث:
    امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ حضرت عباس عليه السلام کي سڏ ڪيو ۽ فرمايائيس: ته دشمنن کان ڪجهه وقت جي مهلت وٽ ته جئين آئون نماز ۽ پنھنجي پالڻهار جي عبادت کي انجام ڏي وٺا ۽ منهنجو پالڻھار بهتر ڄاڻي ٿو ته مان عبادت کي ڪيڏو دوست ۽ پسند ڪيان ٿو.[14]
    ڇھين حديث:
    امام زين العابدين عليه السلام جن فرمايو: توھان جڏھن به نماز پڙھندا ڪريو ته ان سوچ سان پڙھندا ڪريو ته اھا توھان جي آخري نماز آھي ۽ ان کان پوءِ الله سائين سان ملاقات ڪرڻي آھي.[15]
    ستين حديث:
    امام محمد باقر عليه السلام جن فرمايو: اسلام جي بنياد ۽ بنا پنج شين تي آھي: نماز، زڪوات، حج، روزو ۽ ولايت تي.[16]
    اٺين حديث:
    امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو: قيامت ۾ جنهن شيءِ بابت سڀ کان پهريان سوال ٿيندو اھا شيءِ نماز آھي.[17]
    نائين حديث:
    امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جن فرمايو: الله سائين جي معرفت کان پوءِ جيڪا شيءِ انسان کي الله سائين جي ويجهو آڻي ٿي اھا نماز آھي.[18]
    ڏھين حديث:
    امام علي رضا عليه السلام جن فرمايو: نماز الله تعاليٰ جي تخليق جو بهترين نمونو آھي، بيشڪ نماز ئي بھترين شڪل آھي جيڪا الله تعاليٰ پيدا ڪئي آھي.[19] (مطلب اھو ته ھن جھان ۾ نماز پالڻهار جي ھڪ بهترين ۽ خوبصورت تخليق آھي، پوءِ پالڻهار جي ان بهترين ۽ خوبصورت تخليق جي ڪيتري به انسان تعريف ۽ واکاڻ ڪري اھا گهٽ آھي. ۽ انسان کي ان تخليق جي تعريف ۽ واکاڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ ان کي انجام ۽ پڙھڻ جي به پوري ڪوشش ڪرڻ گھرجي).
    يارھين حديث:
    امام محمد تقي عليه السلام جن فرمايو: جيڪو (بندو) پنھنجي نماز جو رڪوع پوري طرح ۽ صحيح طرح ادا ڪندو ته ان تي قبر جو خوف نه ايندو.[20]
    ٻارھين حديث:
    روايت ۾ ملي ٿو ته جڏھن به متوڪل معلون پنهنجن سپاھين کي امام علي نقي عليه السلام جي گهر جو معائنو ڪرڻ لاءِ موڪليندو ھو، ته جڏھن به ان معلون جا سپاھي امام عليه السلام جي گهر ۾ داخل ٿيندا ھئا ته اھي ھر دفعي امام عليه السلام کي نماز پڙھندي ڏسندا ھئا يا وري قرآن شريف جي تلاوت ڪندي ڏسندا ھئا.[21]
    تيرھين حديث:
    امام حسن عسڪري عليه السلام جن فرمايو: پوءِ جڏھن ڪو بندو نماز ۾ الله سائين ته سلام موڪلي ٿو ته الله ۽ سندس فرشتا به ان ڏانهن سلام موڪليندا آھن.[22]
    چوڏھين حديث:
    امام محمد مهدي عليه السلام جن فرمايو: نماز وانگر ڪا به شيءِ شيطان جو نڪ نٿي رڳڙي.[23] ھن روايت ۾ شيطان جو نڪ رڳڙ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آھي.

    ڀاڱو ٻيو: نماز جا دنياوي فائدا
    جئين ته نماز جا قرآن شريف ۽ سنت ۾ کوڙ سارا دنياوي فائدا ذڪر ٿيا آھن. پر اسان ھن مقالي ۾ انھن مان صرف ڪجھ مهم ۽ وڏن فائدن کي ذڪر ڪري رھيا آھيون. جيڪي ڪجهه ھن طرح سان آھن:
    الف: نماز جا دنياوي فائدا:
    ھن ڀاڱي ۾ وس آھر اھا ڪوشش ڪئي وئي آھي ته نماز جي ڪجھ مهم ۽ وڏن فائدن کي قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو وڃي:
    1_ نماز بي حيائي ۽ بڇڙائي کان روڪي ٿي:
    نماز جو پھريون دنياوي فائدو اھو آھي، ته نماز انسانن کي ھر بي حيائي ۽ ھر بڇڙائي کان روڪي ٿي. پر شرط اھا آھي ته انسان نماز کي وقت سر ۽ سدائين لاءِ انجام ڏين؛ ڇاڪاڻ ته ھڪ شيءِ انسانن لاءِ تڏھن ئي فائدي مند بڻجي سگھي ٿي، جڏھن ھون ان شيءِ کي لڳاتار انجام ڏيندا. جئين قرآن شريف جي ھن آيت مبارڪ ۾ آيو آھي: (اي رسول!) جيڪو ڪتاب تو ڏي وحي ڪيو ويو آھي سو تلاوت ڪر ۽ نماز قائم ڪر. بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بچڙي ڪم کان روڪي ٿي.[24] امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو: جيڪڏھن ڪو انسان اھو ڏسڻ چاھي ٿو ته ان جي نماز قبول آھي يا قبول ناھي (پوءِ ان کي گھرجي ته) ھون اھو ڏسي ته ان کي پنھنجي نماز بي حيائي ۽ برن ڪمن کان روڪيو آھي يا نه؛ ڇاڪاڻ ته جيترو نماز ان انسان کي گناھن ۽ برن ڪمن کان روڪيو ھوندو ايتري قدر ان انسان جي نماز قبول ٿي ھوندي.[25] ۽ پاڻ سڳورنﷺ کان روايت آھي: ته ان انسان جي نماز نه آھي جيڪو انسان پنھنجي نماز جي اطاعت نٿو ڪري ۽ نماز جي اطاعت اھا آھي ته اھو انسان پنهنجو پاڻ کي بي حيائي ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪي.[26]
    2_ نماز گناھن کي مٽائي ڇڏي ٿي:
    نماز جو ٻيو دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو پنھنجي پالڻهار جي اطاعت ڪندي نماز کي وقت سر ۽ پابندي سان ادا ڪندو ته پالڻھار ان جي انعام ۾ پنھنجي ان بندي جا (مڙئي) گناہ بخش ڪري ڇڏيندو آھي. جئين قرآن شريف جي ھن آيت مبارڪ ۾ آيو آھي: ۽ (اي رسول!) ڏينھن جي ٻنھي ڪنارن ۽ رات جي ڪجهه گهڙين ۾ نماز قائم ڪر (ڇوته) نيڪيون پڪ گناھن کي پري ڪن ٿيون ۽ اسان کي ياد ڪرڻ وارن لاءِ اھي ڳالھيون نصيحت ۽ سبق آموز آھن.[27] ۽ اھڙي طرح سان پاڻ سڳورنﷺ جن ھڪ جاءِ تي فرمايو آھي: جيڪو به الله سائين جي دستور مطابق وضو کي انجام ڏئي ۽ نماز کي پڙھي ته ان جا سڀئي گذريل گناہ معاف ڪيا ويندا.[28] امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو: مومن جيڪا رات جي وقت نماز پڙھي ٿو ان سان ان جا ڏينھن وارا گناہ بخش ۽ معاف ٿي وڃن ٿا.[29] ۽ اھڙي طريقي سان جناب عباس ھڪ روايت نقل ڪري ٿو: ته مان ۽ حضرت سلمان ھڪ وڻ جي ھيٺيان ويٺا ھئاسين. پوءِ حضرت سلمان ان وڻ جي ھڪڙي ٽاري کي پڪڙيو جنھن جا پن سڪل ھئا پوءِ ان کي لوڏيائين ته ان جا سڀ سڪل پن ڇڙڻ لڳا. پوءِ حضرت سلمان اتي بيٺل جناب ابو عثمان کي چيو: ته مون کان نه پڇندي ته مون ائين ڇو ڪيو آھي؟ پوءِ جناب ابو عثمان وراڻيو: اي سلمان! تو ائين ڇو ڪيو آھي؟ پوءِ حضرت سلمان ابو عثمان کي چوڻ لڳو: مان ھن ساڳي وڻ جي ھيٺيان پاڻ سڳورنﷺ سان گڏ ويٺو ھئس (اوچتو) پاڻ سڳورﷺ ائين ئي ڪيو جئين مون توھان جي اڳيان ڪيو آھي. ۽ پوءِ پاڻ سڳوراﷺ مون کي فرمائڻ لڳا: اي سلمان! مون کان ائين ڪرڻ جو سبب نه پڇندي؟ مان چيو: اي الله جا رسول! توھان ائين ڇو ڪيو آھي؟ پوءِ پاڻ سڳورنﷺ مون کي فرمايو: جڏھن مھل ڪو مومن بندو وضو ڪندو آھي ۽ ائين وضو ڪندو آھي جئين وضو جو حڪم ٿيل آھي، ۽ ان کان پوءِ ڏينھن ۽ رات واري نماز کي پڙھندو آھي ته پوءِ ان مومن بندي جا گناہ ائين ڇڻندا آھن جھڙي طرح سان ھن ٽاري جا پن ڇڻيان آھن. ۽ ان کان پوءِ سورہ ھود جي آيت نمبر ھڪ سو چوڏاھن جي تلاوت ڪيائون.[30]
    3_ نماز ھر مشڪل جو حل آھي:
    نماز جو ٽيون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو ڪنھن مشڪل ۾ ڦاسڻ کانپوءِ نماز پڙھي ان مشڪل مان نڪرڻ جي دعا گهرندو آھي، ته پالڻهار پنھنجي ان بندي جي ضرور مدد ڪندو. جئين قرآن شريف جي ھن آيت مبارڪ ۾ آيو آھي: اي ايمان وارو! (مصيبت جي وقت) صبر ۽ نماز جي ذريعي سان (خدا جي) مدد گھرو، بيشڪ خدا صبر وارن سان ئي آھي.[31] جناب حذيفه کان روايت نقل آھي ته جڏھن به رسول سونهاراﷺ ڪنھن مشڪل يا غم ۾ ڦاسندا ھئا ته (ان مان نڪرڻ لاءِ) نماز کي پڙھندا ھئا.[32] امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: ته جڏھن به ڪو ڏکيو يا مشڪل ڪم حضرت علي عليه السلام کي پيش ايندو ھو ته پاڻ ان مان نڪرڻ لاءِ نماز کي پڙھندا ھئا ۽ (و استعينوا بالصبر و الصلوات) واري آيت جي تلاوت ڪندا ھئا.[33] يوسف بن عبد الله نقل ڪري ٿو: جڏھن به رسول سونھاراﷺ ۽ سندس خاندان وارا (ڪنھن مشڪل يا غم) ۾ ڦاسندا ھئا ته پوءِ ان مان نڪرڻ لاءِ رسول سونھاراﷺ پنھنجي خاندان وارن کي نماز پڙھڻ جو حڪم ڏيندا ھئا ۽ سوره طه جي آيت نمبر ھڪ سو ٻٽيهه جي تلاوت ڪندا ھئا.[34]
    4_ نماز پڙھندڙ سچو مومن آھي:
    نماز جو ڇوٿون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪي به ٻانھا پنھنجي پالڻھار جي سچي ۽ صاف نيت سان فرمانبرادري ڪندي نماز کي انجام ڏين ٿا، ته انھن ٻانھنن يا بندن کي سندن پالڻھار سچي ۽ پڪي مومن جي نالي سان ياد ڪيو آھي يا سڏيو آھي. جئين قرآن شريف جي ھن آيتن مبارڪ ۾ آيو آھي: نماز پاپندي سان پڙھن ٿا.... (پوءِ) اھي ئي سچا مومن آھن.[35]
    5_ نماز پڙھڻ سان دعا قبول ٿيندي آھي:
    نماز جو پنجون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو الله سائين ۽ ان جي رسول سونھاريﷺ جي اطاعت ڪندي نماز کي وقت سر ۽ وڏي پابندي ته سان ادا ڪندو، ته ان بندي جي ھر نيڪ ۽ شرعي دعا پنھنجي پالڻھار جي بارگاہ ۾ قبول ۽ اگھائپي. جئين پاڻ سڳورنﷺ کان ان بابت ھڪ روايت نقل آھي جنھن ۾ پاڻ فرمائن ٿا: جيڪو به واجب نمازن کي انجام ڏيندو ته ان لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ مقبول دعا آھي.[36] ۽ ھڪ ٻئي جاءِ تي امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا: جيڪڏھن توھان ڪا حاجت رکو ٿا ته پوءِ ٻه رڪعتون نماز پڙھو ۽ محمد مصطفيٰﷺ ۽ سندس آل تي درود ۽ صلوات موڪليو ان کانپوءِ پنھنجي حاجت کي الله سائين جي بارگاہ ۾ (نياز ۽ نئڙت) سان بيان ڪيو (ان شاءَ الله) توھان جي اھا حاجت ضرور پوري ٿيندي.[37]
    6_ نماز ڪارڻ شيطان انسان جي ويجھو ناھي ايندو:
    نماز جو ڇھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو نماز کي ادا ڪرڻ ۾ سستي ۽ ڪاھلي نه ڪندو آھي ته پالڻھار پنھنجي ان بندي کان شيطان لعنتي کان ھميشه پري رکندو آھي ۽ ڪڏھن به شيطان کي اھا سگھ يا قوت ناھي ڏيندو ته اھو ڪڏھين به ان بندي کي ورغلائي يا ڀٽڪائي سگھي. جئين پاڻ سڳوراﷺ ھن روايت ۾ فرمائن ٿا: جيستائين آدم جي اولاد پنج وقتي نماز کي پابندي ۽ توجهه سان ادا ڪندي رھندي آھي تيستائين شيطان لعنتي انھن کان ڊڄندو رھندو آھي. پر جيئن ئي اھي نماز کي پڙھڻ ڇڏين ٿا ته شيطان لعنتي انھن تي غلبو پيدا ڪري وڃي ٿو ۽ ھڻي انھن کي گناھن جي کڏ ۾ ڪرائي ڇڏي ٿو.[38] ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ھڪ ٻئي حديث پڻ امام علي رضا عليه السلام کان نقل ٿي آھي جنھن ۾ پاڻ فرمائن ٿا: لعنتي شيطان مومن انسان کان جيڪو پنھنجي نماز جو محافظ آھي ان کان ڊڄندو آھي ۽ شيطان جو اھو خوف ايستائين ھوندو آھي جيستائين اھو شخص نماز کي ادا ڪندو رھندو آھي. پر جڏھن اھو انسان نماز کي پڙھڻ ۾ سستي يا ڪاھلي ڪندو آھي ته پوءِ اھو شيطان ان انسان تي غلبو پيدا ڪندو آھي ۽ ان کي گناھن جي کڏ ۾ ڪيرائيندو آھي.[39]
    7_ نماز گناھن کي ڌوئندي آھي:
    نماز جو ستون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو نماز کي ادا ڪندو ته پالڻھار پنھنجي ان بندي جي گناھن ۽ ڏوھن کي اھڙي طرح سان مٽائيندو آھي، جھڙي طرح سان پاڻي انسان جي بدن يا جسم تان مٽي لائيندو آھي. جئين پاڻ سڳورنﷺ پنھنجن صحابين سڳورن کان سوال ڪيو: جيڪڏھن توھان جي گھر جي ڀر ۾ ھڪ تازي وڻندڙ ۽ صاف پاڻي جي نھر (شاخ) ھجي ۽ پوءِ توھان ھر ڏينھن تي ان شاخ ۾ پنج دفعا وھجندا ھجو، پوءِ ڇا توھان ۾ ڪا گندگي يا ميراڻ رھندي؟ اتي بيٺل ھڙني صحابين سڳورن چيو: ھرگز نه! پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو: نماز به ان وڻندڙ شاخ وانگر آھي. جيڪو به شخص نماز پڙھندو آھي ته اھا نماز ان انسان جي گناھن کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيندي آھي.[40]
    8_ نماز پالڻھار جو شڪريو ادا ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھي:
    نماز جو اٺون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به ٻانھو اھو چاھي ٿو ته اھو ھن دنيا ۾ ئي پنھنجي پالڻھار جي عطا ڪيل نعمتن جو شڪريو ادا ڪري، پوءِ ان کي گھرجي ته نماز پڙھي؛ ڇاڪاڻ ته نماز تمام بھترين ذريعو آھي الله سائين جو شڪريو ادا ڪرڻ جو. جئين الله سائين قرآن شريف ۾ پنھنجي حبيب رسولﷺ کي ارشاد فرمائي ٿو: (اي رسول!) بيشڪ اسان تو کي ڪوثر عطا ڪيو ته تون پنھنجي پالڻھار لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪندو رھ، بيشڪ تنھنجو دشمن بي نسل آھي.[41]
    9_ نماز پالڻھار جي ويجھو ٿيڻ جو بھترين ذريعو آھي:
    نماز جو نائون دنياوي فائدو اھو آھي، ته ھن دنيا ۾ ھر ڪو انسان اھو چاھيندو آھي ته ھون پالڻھار جو دوست ھجي ۽ پالڻھار به ان جو دوست ھجي. پوءِ جيڪو به انسان اھا خواھش يا آرزو رکي ٿو ته منھنجو پالڻھار مون کي دوست رکي ۽ منھنجي مٿان ڪرم جي نظر وجھي ته ان کي گھرجي ته اھو شخص نماز پڙھي. جئين الله سائين قرآن شريف ۾ رسول سونھارﷺ کي ارشاد فرمائي ٿو: ۽ سجدا ڪندو رھ ۽ قرب حاصل ڪندو رھ.[42]
    10_ نماز بدن کي تندرست رکي ٿي:
    نماز جو ڏھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو نماز کي سدائين پڙھندو ۽ ڪڏھين به ان کي پڙھڻ ۾ ڪوتاھي ڪونه ڪندو، ته اھو بندو ھميشه فٽ فاٽ ۽ تندرست رھندو آھي ۽ اھو انسانن کي ياد رکڻ گھرجي ته ھي فائدو انسان کي تڏھن ملندو جڏھن ھون پنج وقتي نماز کي پڙھڻ سان گڏوگڏ نماز تھجد کي به پڙھندو. جئين امام عليD ھڪ جاءِ تي فرمائن ٿا: رات (يعني تھجد) جي نماز جسم يا بدن کي تندرست بڻائي ٿي.[43] ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو: تھجد واري نماز چھري کي نوراني ڪري ٿي.[44]
    11_ نماز الله سائين جي رضايت جو سبب آھي:
    نماز جو يارھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو نماز کي پڙھندو ته اھو بندو پنھنجي پالڻھار جي رضايت ماڻي وٺندو آھي؛ ڇاڪاڻ ته روايتن ۾ نماز کي پنھنجي رب پاڪ جي رضايت ماڻڻ جو بھترين وسيلو قرار ڏنو ويو آھي. جئين امام محمد باقر عليه السلام جن فرمائن ٿا: نماز اخلاص جو مرڪز ۽ الله سائين جو قرب فراھم ڪندڙ آھي.[45] ۽ اھڙي طرح سان رسول سونھاري جن ان بابت فرمايو آھي: نماز دين (اسلام) ۾ بندگي ڪرڻ جو ھڪ طريقو آھي ۽ ان ۾ پالڻھار جي رضا (۽ خوشي) آھي، ۽ اھا نماز پالڻھار جي چونڍيل بندن (نبين) جي ريت رسم رھي آھي.[46]
    12_ نماز گذار غافل ناھي ھوندو:
    نماز جو ٻارھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو پنھنجي پالڻھار جي حڪم جي اطاعت ڪندي نماز کي پڙھندو ته پوءِ پالڻھار پنھنجي ان بندي کي ڪڏھين به غافل ڪو نه رکندو. جئين امام محمد باقر عليه السلام جن فرمايو آھي: جيڪو به مومن ماڻھو واجب نمازن جو محافظ آھي ۽ انھن کي پنھنجي مقرر وقت تي پڙھندو آھي ته پوءِ اھو ماڻھو ان حالت ۾ غافلن ماڻھن مان ناھي ھوندو.[47]
    13_ نماز انسان کي متقي يا پرھيزگار بڻائي ٿي:
    نماز جو تيرھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو نماز کي وڏي پابندي ۽ اھميت سان انجام ڏيندو ته اھو بندو ھڪ وڏو متقي ۽ پرھيزگار بڻجي ويندو آھي. جئين قرآن شريف جي ھن آيت مبارڪ ۾ آيو آھي: متقي ۽ پرھيزگار اھي ماڻھو آھن جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا، پابندي سان نماز کي ادا ڪن ٿا ۽ جيڪو ڪجھ اسان انھن کي عطا ڪيو آھي ان کي (پالڻھار) جي راہ ۾ خرچ ڪن ٿا.[48]
    14_ نماز ڪاميابي جو رستو آھي:
    نماز جو چوڏھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به شخص نماز کي پڙھندو ۽ ان کي ڪڏھين به قضا نه ڪندو ته اھو شخص ڪاميابي ۽ سوڀ واري رستي ھلي پوندو آھي. جئين قرآن شريف جي ھن آيت مبارڪ ۾ آيو آھي: بلاشڪ اُھو ڪامياب ٿيو جنھن پاڪيزگي اختيار ڪئي ۽ پنھنجي پالڻھار جي نالي جو ذڪر ڪيائين پوءِ نماز پڙھيائين.[49]
    15_ نماز گذار جو الله سائين محافظ ھوندو آھي:
    نماز جو پندرھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو اھو چاھي ٿو ته مان سدائين پنھنجي پالڻھار جي حفاظت ۾ رھان ته پوءِ ان کي گھرجي ته نماز کي وڏي پابندي ۽ با جماعت سان ادا ڪري؛ ڇاڪاڻ ته روايتن ۾ آيو آھي ته جيڪو شخص به نماز کي با جماعت پڙھندو آھي ته پوءِ ان جي حفاظت جي ذميواري الله سائين کڻندو آھي. جئين پاڻ سڳوراﷺ ھن روايت ۾ ارشاد فرمائن ٿا: جنھن شخص به فجر واري نماز کي جماعت سان پڙھيو ته پوءِ اھو شخص الله سائين جي حفاظت ۾ آھي.[50]
    16_ نماز ڪارڻ عمر، مال ۽ صالح اولاد ۾ اضافو ٿيندو آھي:
    نماز جو سورھون دنياوي فائدو اھو آھي، ته جيڪو به شخص اھو چاھي ٿو ته ان جي عمر، مال متاع ۽ نيڪ ۽ صالح اولاد ۾ اضافو يا واڌارو اچي ته پوءِ ان کي گهرجي ته اھو نماز کي پڙھي. جئين پاڻ سڳورنﷺ جن ھڪ جاءِ تي فرمايو آھي: جيڪو شخص به پنج وقتي نماز کي پنهنجي مقرر ڪيل وقت ۾ ادا ڪندو ۽ نماز جي رڪوعن، سجدن (۽ ٻين به مھم رڪنن کي) صحيح طرح سان انجام ڏيندو ته پوءِ الله سائين ان پنھنجي بندي کي ٽي رحمتون ھن دنيا ۾، ٽي رحمتون محشر ۾ ۽ ٽي رحمتون صراط وار مھل عطا ڪندو. جيڪي ٽي رحمتون انسان کي ھن دنيا ۾ عطا ڪندو اھي ھي آھن: پالڻھار پنھنجي ان بندي کي ھڪ وڏي ڄمار عطا ڪندو آھي. پالڻھار پنھنجي ان بندي جي مال متاع (يا ڌن دولت) ۾ اضافو ڪندو آھي. ۽ پالڻھار پنھنجي ان بندي کي نيڪ ۽ صالح اولاد گھڻو عطا ڪندو آھي.[51]

    ڀاڱو ٻيو: نماز جا اخروي فائدا
    نماز جا آخرت ۾ ٻن قسمن جا فائده آھن. ھڪ اھي فائده آھن، جيڪي ھڪ نماز گذار انسان کي مرڻ کان پوءِ قبر ۾ عطا ڪيا ويندا ۽ ٻيا اھي فائدا آھن جيڪي نماز گذار انسان کي قيامت واري ڏينھن پنھنجي پالڻھار جي طرف کان عطا ڪيا ويندا. ھيٺ انھن ٻھنن قسمن جي فائدن کي ڌار ڌار بيان ڪجي ٿو:

    ب: نماز جا قبر ۾ فائدا:
    جيتوڻيڪ نماز جا قبر ۾ کوڙ سارا فائدا ذڪر ٿيا آھن، پر ھن جاءِ تي مقالي جي مقدار کي اڳيان رکندي فقط ڪجهه اھم ۽ مهم فائدن کي لکيو ٿو وڃي:
    1_ نماز قبر جي وحشت کي ختم ڪري ٿي:
    نماز جو پهريون قبر ۾ فائدو اھو آھي، ته جيڪو به ٻانهو نماز کي ھڪ وڏي اھميت ڏيندي سدائين لاءِ پڙھندو ته اھا نماز ان جي قبر ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ ان بندي کان قبر جي وحشت ۽ دھشت کي دور ڪري ڇڏي ٿي. جئين پاڻ سڳوراﷺ ھڪ جاءِ تي فرمائن ٿا: (جڏھن ڪو نماز پڙھندڙ انسان قبر ۾ داخل ٿئي ٿو) ته پوءِ نماز ھڪ سفيد (۽ نوراني) شڪل واري انسان جو چهرو ڌاري ان انسان جي قبر ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ اھا نماز ان انسان لاءِ ھڪ مددگار ثابت ٿئي ٿي ۽ ان کان برزخ (قبر) جي ھر وحشت ۽ دھشت کي ھٽائي ڇڏي ٿي.[52] ۽ ان بابت امام محمد باقر عليه السلام کان ھڪ پڻ حديث نقل آھي جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا: جنهن جو رڪوع مڪمل ۽ پورو ھجي پوءِ اھو انسان ڪھڙي به حالت ۾ قبر جي وحشت ۽ قبر کان نه ڊڄندو.[53]
    2_ نماز ڪارڻ قبر ۾ ملائڪن جو ديدار نصيب ٿيندو:
    نماز جو ٻيو قبر ۾ فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو الله سائين جي رضايت کي حاصل ڪرڻ لاءِ نماز کي وقت سر ۽ پابندي سان ادا ڪندو آھي ته ان بندي کي پالڻھار جي نوري مخلوق يعني ملائڪن جو ديدار نصيب ٿيندو آھي. جئين پاڻ سڳوراﷺ ھن روايت ۾ فرمائن ٿا: جيڪو به شخص نماز جماعت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مسجد ڏانھن پنھنجا قدم وڌائي ٿو، ان جي ھر قدم وڌائڻ تي ان لاءِ ستر ھزار نيڪيون لکيون وڃن ٿيون ۽ (ان لاءِ) ستر ھزار بلند درجات آھن. پر جيڪڏھن اھو شخص (ان پنڌ ۾) گذاري وڃي ته پوءِ پالڻھار پنھنجي ان ٻانھي جي قبر ۾ ستر ھزار فرشتن کي موڪليندو آھي جيڪي فرشتا ان بندي جي احوال پرسي ڪندا آھن ۽ ان جا مددگار رھندا آھن ۽ قيامت تائين ان لاءِ استغفار ڪندا رھندا آھن.[54]
    3_ نماز عذاب کي ٽاري ٿي:
    نماز جو ٽيون قبر ۾ فائدو اھو آھي، ته مرڻ کان پوءِ جڏھن مرڻ واري شخص وٽ عذاب وارا فرشتا ايندا آھن ته ھون ان وقت پريشاني واري حالت ۾ ھوندو آھي ته ڪا شيءِ اچي ڪري مون کي انھن کان نجات ڏي. پر ان جاءِ تي جيڪڏھن اھو مرڻ وارو شخص نماز گذار ھوندو ته اھو ذري برابر به پريشان ڪو نه ٿيندو؛ ڇاڪاڻ ته اھا نماز جيڪا ان شخص ھن دنيا ۾ پڙھي ھئي اھا ان جي ان وقت مدد ڪندي. جئين عبد الرحمن بن سمرہ روايت ڪري ٿو: ھڪ ڏينھن ماڻھن جو ھڪ (وڏو) ميڙ پاڻ سڳورنﷺ جي خدمت ۾ حاضر حضور ھيو. ۽ پوءِ پاڻ سڳورنﷺ ماڻھن جي ان ميڙ کي چيو: مون ڪالھوڪي رات ھڪ عجيب (۽ غريب) قسم جو خواب ڏٺو آھي. مون چيو: اي الله سائين جا امين رسول! اسان جون ۽ اسان جي اولاد جون جانون توھان تي قربان ٿين، اسان کي ٻڌايو ته توھان ڪھڙو خواب ڏٺو آھي؟ پوءِ پاڻ سڳوراﷺ پنھنجو خواب ٻڌائيندي فرمائڻ لڳا: مون خواب ۾ ھڪ اھڙي ماڻھون کي ڏٺو جنھن کي عذاب جا فرشتا گيھرائو ڪري ويٺا ھئا. پوءِ اوچتو ان شخص جي نماز ان شخص وٽ آئي ۽ ان کي عذاب وارن فرشتن کان نجات ۽ چوٽڪارو ڏيارائين.[55] (مطلب اھو ته جيڪو به شخص اھو چاھي ٿو ته قبر جي اڪلائيپ ۾ ان جو ڪو مددگار ۽ ساٿي ھجي ته پوءِ ان شخص کي گھرجي ته اھو شخص ھن دنيا ۾ نماز کي پڙھي؛ ڇاڪاڻ ته نماز جھڙو ڪو به مددگار ۽ ساٿي ڪونھي).
    4_ نماز قبر ۾ مدد ڪندي آھي:
    نماز جو ڇوٿون قبر ۾ فائدو اھو آھي، ته ھر مرڻ وارو انسان قبر ۾ اڪيلو ۽ بي يارو مددگار ھوندو آھي، پر نماز گذار ھرگز ائين ناھي ھوندو مطلب ته ان انسان سان گڏ ان جي پنھنجي نماز ھوندي آھي جنھن کي ھون ھن دنيا ۾ پڙھندو ھو. ان بابت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا: جڏھن ڪو مومن بندو قبر ۾ داخل ٿيندو آھي ته پوءِ ان جي نماز ان جي ساڄي پاسي کان ۽ ان جي زڪات ان جي کاٻي پاسي کان بيھي رھندي آھي ۽ ان جون ٻيون نيڪيون ان مٿان ڇانو ڪري بيھديون آھن ۽ صبر وري ھڪ سائيڊ ۾ وڃي بيھدو آھي. پوءِ جڏھن سوالن ۽ جوابن وارا ملائڪ ان مومن بندي وٽ ايندا آھن ته ان وقت اھو صبر نماز، زڪات ۽ ٻين نيڪين کي چوندو آھي ته توھان ھن جي مدد ڪيو ۽ جيڪڏھن توھان ھن جي مدد نٿا ڪيو ته پوءِ آئون ان جي مدد لاءِ تيار آھيان.[56]
    5_ نماز گذار لاءِ قبر ۾ ٽي رحمتون:
    نماز جو پنجون قبر ۾ فائدو اھو آھي، ته جيڪو به شخص نماز کي وقت سر ۽ پابندي سان ادا ڪندو آھي ته الله سائين ان پنھنجي بندي جي قبر کي وڏو ۽ وسيع ڪري ڇڏيندو آھي. جئين پاڻ سڳوراﷺ ھڪ جاءِ تي فرمائن ٿا: جيڪو شخص به پنج وقتي نماز کي پنھنجي مقرر ڪيل وقت ۾ ادا ڪندو ۽ نماز جي رڪوعن، سجدن (۽ ٻين به مھم رڪنن کي) صحيح طرح سان انجام ڏيندو ته پوءِ الله سائين ان پنھنجي بندي کي ٽي رحمتون ھن دنيا ۾، ٽي رحمتون محشر ۾ ۽ ٽي رحمتون صراط وار مھل عطا ڪندو. جيڪي ٽي رحمتون انسان کي قبر ۾ عطا ڪندو آھي اھي ھي آھن: پالڻھار پنھنجي ان بندي لاءِ منڪر ۽ نڪير جي سوالن کي آسان ڪري ڇڏيندو آھي. پالڻھار پنھنجي ان بندي جي قبر کي وسيع ۽ وڏو ڪري ڇڏيندو آھي. ۽ پالڻھار پنھنجي ان بندي لاءِ جنت جي دروازن مان ھڪ درواز کولي ڇڏيندو آھي.[57]

    ج: نماز جا قيامت ۾ فائدا
    جيتوڻيڪ نماز جا قبر ۾ کوڙ سارا فائدا آھن، جيڪڏھن ڪو انسان چاھي ته ان تي ھڪ وڏو سارو ڪتاب به لکي سگھي ٿو. پر اسان ھن مقالي ۾ رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن فائدن کي لکي رھيا آھيون:
    1_ نماز ڪارڻ انسان جا ھر اعمال قبول ٿيندا:
    نماز جو پھريون قيامت ۾ فائدو اھو آھي، ته جيڪو به شخص نماز کي ادا ڪندو ۽ ڪنھن به صورت ۾ ان کي نه ڇڏيندو ته پالڻھار ان جي ڪارڻ ان شخص جا ٻيا به ننڍا وڏا اعمال قبول ڪندو آھي. جئين امام علي عليه السلام نھج البلاغه ۾ فرمائن ٿا: (توھان جو) ھر عمل نماز جي تابعدار آھي.[58] ۽ ھڪ ٻئي روايت ۾ ان بابت پڻ ڪجھ ھن طرح سان آيو آھي: جيڪڏھن ڪنھن انسان جي نماز قبول ٿي وئي ته ان انسان جا ٻيا به (ننڍا وڏا) اعمال قبول ٿي ويندا ۽ جيڪڏھن ڪنھن جي نماز رد ڪئي وئي ته ان جا ٻيا به اعمال رد ڪيا ويندا.[59]
    2_ نماز آخرت جي زينت آھي:
    نماز جو قيامت ۾ ٻيو فائدو اھو آھي، ته جيڪو به ٻانھو پنھنجي پالڻهار جي اطاعت ڪندي ان نيت سان نماز کي پڙھندو آھي ته اھا نماز انسان لاءِ آخرت ۾ زينت ۽ بخشش جو ڪارڻ ٿئي ٿو ته پوءِ پڪ سان ان انسان جي اھا اميد ۽ آرزو بلڪل صحيح آھي. جئين امام جعفر صادق عليه السلام ھن روايت ۾ فرمائن ٿا: پالڻهار پنھنجي بندن لاءِ ھن دنيا ۾ انھن جي مال ۽ اولاد کي انھن لاءِ زينت قرار ڏنو آھي ۽ جيڪو انسان نماز جون اٺ رڪعتون رات جي پوءِ پھر ۾ ادا ڪندو آھي ته پوءِ پالڻھار ان نماز کي (پنھنجن) بندن جي آخرت لاءِ زينت قرار ڏنو آھي.[60]
    3_ نماز جنت ۾ وڃڻ جو سبب آھي:
    نماز جو قيامت ۾ ٽيون فائدو اھو آھي، ته جيڪڏھن ڪو ٻانهو ان نيت ۽ سوچ سان نماز کي پڙھي ته آئون ان پنھنجي نماز جي ڪارڻ جنت ۾ ويندس ته پوءِ ان بندي جي اھا نيت ۽ سوچ سو فيصد صحيح ۽ درست آھي؛ ڇاڪاڻ ته نماز جي ايتري فضيلت ۽ اھميت آھي جو اھا ڪنھن به انسان کي جنت ۾ داخل ڪرائي سگھي ٿي. جئين امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي ھن روايت ۾ ارشاد فرمائن ٿا: بيشڪ (منھنجو) ۽ توھان جو پالڻهار وڏو ٻاجهارو ۽ مهربان آھي، ھون اسان جي ٿورن عملن کي به قبول ڪندو آھي، پوءِ ڀلي کڻي ڪو بندو پنھنجي پالڻھار جي رضايت کي ماڻڻ لاءِ ٻه رڪعتون نماز پڙھي ۽ پوءِ پالڻھار پنھنجي ان بندي کي انھن ٻن رڪعتن جي ڪري بھشت ۾ داخل ڪندو آھي.[61] ۽ پاڻ سڳوراﷺ پڻ ھڪ روايت ۾ ارشاد فرمائن ٿا ته الله سائين فرمايو آھي: مان پالڻھار پنھنجن بندن سان واعدو ٿو ڪيان ته جيڪڏھن منھنجا بندا نماز کي مقرر وقت تي انجام ڏيندا ته مان انھن مٿان عذاب نه ڪندس ۽ بغير ڪنھن حساب ڪتاب جي انھن کي جنت ۾ داخل ڪندس.[62]
    4_ نماز پڙھندڙ لاءِ سندن پالڻھار وٽ اجر آھي:
    نماز جو قيامت ۾ ڇوٿون فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو ھن دنيا ۾ نماز کي وقت سر ۽ پابندي سان ادا ڪندو ته ان شخص لاءِ پالڻھار وٽ ھڪ اھڙو اجر ۽ ثواب آھي جو ھون ان اجر ۽ ثواب ڪارڻ ڪڏھين به قيامت ۾ پريشان ۽ غمگين نه ٿيندو. جئين قرآن شريف جي ھن آيت مبارڪ ۾ آيو آھي: (ھائو) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز قائم ڪيائون ۽ زڪوات ڏيندا رھيا تن لاءِ سندن اجر (۽ ثواب) انھن جي پالڻھار وٽ آھي. ۽ (قيامت ۾) نه انھن کي ڪنھن قسم جو خوف ھوندو ۽ نه وري اھي غمگين ھوندا.[63]
    5_ نماز گذار شفاعت ڪندڙ آھي:
    نماز جو قيامت ۾ پنجون فائدو اھو آھي، ته جيڪو به بندو ھن دنيا ۾ نماز کي وقت سر ۽ پابندي سان ادا ڪندو آھي ته پالڻھار پنھنجي ان بندي کي بغير ڪنھن حساب ڪتاب جي جنت ۾ اماڻيندو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ان کي اھو به اختيار ڏيندو آھي ته ھو ٻئي ڪنھن جي شفاعت ڪري ان کي جنت ۾ وٺي وڃي. جئين پاڻ سڳوراﷺ ارشاد فرمائن ٿا: الله سائين جو ٽن ٽولن کي اھو واعدو ڏنل آھي ته ھون بغير ڪنھن حساب ڪتاب جي جنت ۾ داخل ٿين، ۽ اھو به ته انھن مان ھر ھڪ ٽولو (قيامت جي ڏينھن) اسي ھزار ماڻھن جي (يا ان کان وڌيڪ) ماڻھن جي شفاعت ڪري سگھي ٿو ۽ اھي ٽي ٽولا ھي آھن؛ موذن (يعني آذان ڏيندڙ)، پيش امام (يعني اھو شخص جيڪو نماز پڙھائيندو آھي) ۽ اھو جيڪو وضو ڪري مسجد ۾ داخل ٿي ۽ نماز کي جماعت سان ادا ڪري.[64] ھن حديث ۾ ان ڳالھ جي طرف اشارو ڪيو ويو آھي ته جيڪڏھن ڪو شخص پنھنجن پيارن جي شفاعت ڪرڻ چاھي ٿو ته ان کي گھرجي ته اھو نماز کي پڙھي.
    6_ نماز جنت جي ڪنجي آھي:
    نماز جو قيامت ۾ پنجون فائدو اھو آھي، ته آخرت واري ڏينھن ھر انسان جي اھا خواھش ۽ آرزو ھوندي ته ھون جنت ۾ داخل ٿي ۽ جنت ۾ موجود پالڻھار جي اڻ ڳڻپ نعمتن مان فائدو وٺي. پر اھو نصيب ھر ان انسان جو ھوندو جيڪو نماز گذار ھوندو؛ ڇاڪاڻ ته روايت ۾ نماز کي جنت جي ڪنجي چيو ويو آھي. جئين پاڻ سڳورنﷺ ھڪ جاءِ تي فرمايو آھي: دعا رحمت جي ڪنجي آھي، وضو نماز جي ڪنجي آھي ۽ نماز وري جنت جي ڪنجي آھي.[65] پاڻ سڳورنﷺ جي ھن حديث ۾ ان ڳالھ جي طرف اشارو ڪيو ويو آھي ته جيڪڏھن توھان ڪو شخص اھو چاھي ٿو ته ان وٽ جنت جي ڄاٻي ھجي ته پوءِ ان کي گھرجي ته اھو شخص نماز کي وقت سر ۽ وڏي پابندي سان پڙھي.
    7_ نمازين لاءِ آخرت ۾ گھر آھي:
    نماز جو قيامت ۾ ستون فائدو اھو آھي، ته ھر شخص ھن دنيا مان وڃڻ مھل اھو سوچيندو آھي ته اي ڪاش! مون کي آخرت ۾ اھڙو پرسڪون ۽ خوبصورت ٺڪاڻو ملي پئي جتي دنيا جا سڀ ٿڪ ۽ درد دور ٿي وڃن. ۽ پوءِ اھڙو ٺڪاڻو رڳو صبر ۽ نماز پڙھڻ وارن لاءِ آھي. جئين قرآن شريف جي ھن آيت مبارڪ ۾ آيو آھي: ۽ اھي اُھي ماڻھو آھن جن الله تعالي جي محبت ڪندي (يا الله تعالي جي راضپي حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ھر طرح جي پَوڻاين ۽ سختين ۾) صبر ڪيو (۽ پنھنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم رھيا) نماز قائم رکي جيڪو رزق اسان کين ڏنو آھي تنھن مان (خدا جي راھ ۾) مخفي طرح توڙي ظاھر ظھور خرچ ڪندا رھيا. ھنن برائيءَ جي مقابلي ۾ برائي نه ڪئي، بلڪ چڱائيءَ جي ھلت ڪئي. بيشڪ اھي ئي ماڻھو آھن جن جي لاءِ عاقبت جو گھر (تيار رکيل) آھي.[66]
    8_ نماز گذار پل صراط تا تڪڙو گذري ويندو.
    نماز جو قيامت ۾ اٺون فائدو اھو آھي، ته قيامت واري ڏينھن تي جڏھن انسانن کي پل صراط تان گذاريو ويندو ته اھو لمحو ھر انسان لاءِ ھڪ قسم جو ڏکيو ۽ سخت لمحو ھوندو آھي. پر ان پل صراط تان نماز گذار کي گذرڻ ۾ ڪا تڪليف يا ڏکيائي پيش ڪو نه ايندي، تان جو اھو نماز گذار اتان کان بجلي جي تيزي وانگر گذري ويندو آھي. جئين پاڻ سڳورنﷺ پنھنجي رحلت کان پھريان ھڪ خطبي ۾ فرمايو: ھر اھو شخص جيڪو نماز جماعت جو پابند ھوندو آھي ته اھو پل صراط تان بجلي جي تيزي وانگر گذري ويندو ۽ ان جو چھرو چوڏھين واري چنڊ کان به وڌيڪ چمڪندڙ ھوندو.[67] (مطلب اھو ته پل صراط واري لمحي ۽ وقت کي انسانن لاءِ ھڪ قسم جو ڏکيو ۽ سخت لمحو قرار ڏنو ويو آھي پر نماز پڙھندڙ انسان اتان کان بجلي جي رفتار وانگر گذري ويندا).
    9_ نماز ڪارڻ دوزخ جي باھي ٽري وڃي ٿي:
    نماز جو قيامت ۾ نائون فائدو اھو آھي، ته جيڪو به شخص نماز کي جماعت سان پڙھندو ته ان شخص کان دوزخ جي باھي ۽ منافقت واري بيماري پري ھٽي ويندي آھي. جئين پاڻ سڳوراﷺ جن فرمائن ٿا: جيڪو به شخص چاليھ ڏينھن مسلسل نماز کي جماعت سان پڙھندو ۽ انھن ھڙني نمازن ۾ امام جي پھرين تڪبير ۾ شامل ھجي ته پوءِ ان لاءِ ٻه خوشخبريون آھن. ھڪ خوشخبري اھا آھي ته ان شخص کان دوزخ جي باھي کي پري رکيو ويندو ۽ ٻئي خوشخبري اھا آھي ته ان شخص کان منافقت کي به پري رکيو ويندو.[68]
    10_ نماز گذار لاءِ صراط واري مھل ٽي رحمتون:
    جئين پاڻ سڳوراﷺ ھڪ جاءِ تي فرمائن ٿا: جيڪو شخص به پنج وقتي نماز کي پنھنجي مقرر ڪيل وقت ۾ ادا ڪندو ۽ نماز جي رڪوعن، سجدن (۽ ٻين به مھم رڪنن کي) صحيح طرح سان انجام ڏيندو ته پوءِ الله سائين ان پنھنجي بندي کي ٽي رحمتون ھن دنيا ۾، ٽي رحمتون محشر ۾ ۽ ٽي رحمتون صراط وار مھل عطا ڪندو. ۽ اھي رحمتون جيڪي نماز گذار کي پل صراط تان گذرڻ وقت عطا ڪيون وينديون، اھي ھي آھن: پالڻھار پنھنجي ان بندي کان رازي ھوندو آھي. پالڻھار پنھنجي ان بندي کي سلام ڪندو آھي ۽ پالڻھار پنھنجي ان بندي ڏانھن رحمت جي نظر ڦيرائيندو آھي.[69]

    نتيجو:
    اسان جي ھن مقالي جو نتيجو اھو آھي ته نماز لاءِ ٻه معنائون نقل ٿيون آھن. ھڪ لغوي معنيٰ ۽ ٻئي اصطلاحي معنيٰ. لغت ۾ نماز جو لفظ دعا، استغفار، رحمت مغفرت، عبادت ۽ سلام لاءِ استعمال ٿيو آھي ۽ اصطلاح ۾ نماز جي معني آھي الله سائين جي طرف متوجھ يا ويجھو ٿيڻ. جئين اسان مٿي ھڪ آيت به بيان ڪئي آھي ته جنھن آيت ۾ الله سائين جو ارشاد ٿيو آھي: منھنجي بارگاہ ۾ سجدو ڪيو ۽ مون کي ويجھا ٿي وڃو. ۽ نماز لاءِ پنجن آيتن کي قرآن شريف مان ۽ چوڏھن روايتن کي پڻ ائمه معصومين کان نقل ڪيو ويو آھي ۽ انھن روايتن ۾ ڪٿي نماز کي دين جو چھرو قرار ڏنو ويو آھي ته ڪٿي وري نماز کي تڪبر کان چوٽڪارو قرار ڏنو ويو آھي. ۽ اھڙي طرح سان قرآن شريف ۽ روايتن مان نماز گذار بندن لاءِ سورھن دنياوي فائدن ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اخروي فائدن کي ھن مقالي ۾ لکيو يا بيان ڪيو ويو آھي. جيڪي فائدا مختصر لفظن ۾ ڪجھ ھن طرح سان آھن؛ نماز بندي کي ھر بي حيائي ۽ بڇڙائي کان روڪي ٿي، نماز بندي جي گناھن کي مٽائي ڇڏيندي آھي، نماز بندي جي ھر مشڪل کي حل ڪندي آھي، نماز بندي کي سچو ۽ پڪو مومن بڻائيندي آھي، نماز کي ادا ڪرڻ سان بندي جي ھر دعا قبول ٿيندي آھي، نماز گذار بندي جي ويجھو شيطان ناھي ايندو، نماز سان ئي بندو پنھنجي پالڻھار جو ڀلي ۽ سٺي طريقي سان شڪريو ادا ڪري سگھي ٿو، نماز سان ئي بندو پنھنجي پالڻھار کي ويجھو ٿي سگھي ٿو، نماز قبر ۾ بندي کان قبر جي وحشت ۽ دھشت کي دور ڪري ٿي، نماز جي ڪري بندي کي قبر ۾ ملائڪن جو ديدار نصيب ٿيندو آھي، نماز عذاب کي ٽاري ٿي، نماز جي ڪري ٻيا اعمال به قبول ڪيا ويندا، نماز جنت ۾ وڃڻ جو سبب آھي، نماز پڙھندڙ انسان ٻين جي به شفاعت ڪري سگھي ٿو، نماز پڙھندڙن لاءِ آخرت ۾ پرسڪون ۽ خوبصورت ٺڪاڻو آھي، نماز کي جنت جي ڪنجي قرار ڏنو ويو آھي ۽ اھڙي طرح سان ٻيا به کوڙ سارا فائدا مٿي مقالي ۾ ذڪر ڪيا ويا آھن.

    مددي ڪتاب:
    1_ قرآن شريف
    2_ تفسير اھلبيت
    3_ تفسير الصافي
    4_ تفسير نمونه
    5_ مجمع البيان في تفسير القرآن.
    6_ تفسير منھج الصادقين في الزام المخالفين
    7_ الشيخ المفيد، آيت الله محمد بن محمد، ڪتاب الارشاد الشيخ المفيد، ڇپيندڙ: کنگرہ شيخ مفيد ايران، ڇپجڻ جو سال: 1413.
    8_ ابن شعبه، آيت الله حسن بن علي، ڪتاب تحف العقول، ڇپيندڙ: آل علي عليه السلام ايران، ڇپجڻ جو سال: 1382.
    9_ ابن ماجه، محمد بن يزيد، ڪتاب سنن ابن ماجه، ڇپيندڙ: دار الجيل، لبنان، ڇپجڻ جو سال: 1418ق يا 1998م.
    10_ الشيخ حر عاملي، آيت الله محمد بن الحسن، ڪتاب وسايل الشيعه، ڇپيندڙ: موسسه آل البيت عليھم السلام ايران، ڇپجڻ جو سال: 1414.
    11_ بروجردي، آيت اللھ سيد حسن، ڪتاب جامع احاديث الشيعه، ڇپيندڙ: المھر ايران، ڇپجڻ جو سال: 1380.
    12_ بخاري، مترجم سيد ضياء الله شاہ، ڪتاب نماز جا چاليھ فائدا، ڇپيندڙ: جامعه البدر الاسلاميه، چپجڻ جو سال: اپريل 1998.
    13_ پايندہ، ابو القاسم، ڪتاب نھج الفصاحه، ڇپيندڙ: دنياي دانش ايران، ڇپجڻ جو سال: 1382.
    14_ تويسرڪاني، محمد نبي بن احمد، ڪتاب لئالي الاخبار، ڇپيندڙ: العلامه ايران، ڇپجڻ جو سال: 1413.
    15_ متقي، علي بن حسام الدين، ڪتاب ڪنز العمال، ڇپيندڙ: دار الڪتب العلميه لبنان، ڇپجڻ جو سال: 1419.
    16_ مجلسي، آيت الله محمد باقر، ڪتاب وسايل الشيعه، ڇپيندڙ: دار الڪتب الاسلاميه ايران، ڇپجڻ جو سال: 1315.
    17_ نوري، ميرزا حسن، ڪتاب مستدرڪ الوسائل، ڇپيندڙ: آل البيت عليھم السلام ايران، ڇپجڻ جو سال: 1408_ 1429
    18: شيخ الطوسي، آيت الله ابو جعفر محمد بن حسن، ڪتاب تھذيب الاحڪام، ڇپيندڙ: دار التعارف للمطبوعات لبنان، ڇپجڻ جو سال: 1365.
    19_ شيخ الصدوق، آيت محمد بن علي بن موسيٰ، ڪتاب عيون اخبار الرضا، ڇپيندڙ: موسسه الاعلمي للمطبوعات ايران، ڇپجڻ جو سال: 1404.
    20_ شيخ الصدوق، آيت الله محمد بن علي بن موسيٰ، ڪتاب ثواب الاعمال و عقاب الاعمال، ڇپيندڙ: انشارات شريف الرضي ايران، ڇپجڻ جو سال: 1368.
    21_ شيخ الصدوق، محمد بن علي بن موسيٰ، ڪتاب من لا يحضر الفقيه، ڇپيندڙ: انشارات اسلامي وابسته به مدرسين حوزہ علميه قم ايران، ڇپجڻ جو سال: 1413.
    22_ ڪليني، آيت الله محمد بن يعقوب، ڪتاب اصول ڪافي، ڇپيندڙ اسوہ ايران، ڇپجڻ جو سال: 1375.


    حوالا:
    [1] فارسي ويکيپديا، نماز واري عنوان ۾
    [2] سورہ اعراف، آيت29.
    [3] سورہ علق، آيت19.
    [4] آسان فقہ، ص138 کان 270.
    [5] سورہ بقرہ، آيت3، 4 ۽ 5.
    [6] سورہ طہ، آيت14.
    [7] سورہ بني اسرائيل، آيت78 ۽ 79.
    [8] سورہ ھود، آيت114.
    [9] سورہ توبہ، آيت17.
    [10] الڪافي، ج3، ص270.
    [11] نھج البلاغه، نامو47.
    [12] بحار الانوار، ج82، ص209. ۽ من لا يحضر الفقيه، ج3، ص568.
    [13] تفسير الصافي، ج2، ص189.
    [14] بحار الانوار، ج44، ص392. ارشاد شيخ مفيد، ص240.
    [15] بحار الانوار، ج78، ص160.
    [16] ڪافي، ج2، ص21.
    [17] ثواب الاعمال و عقاب الاعمال، ص230.
    [18] تحف العقول، ص412.
    [19] جامع احاديث الشيعہ، ج4، ص50.
    [20] ڪافي، ج3، ص221.
    [21] مقالو: زندگي نامہ و نماز امام ھادي عليہ السلام.
    [22] بحار الانوار، ج82، ص221.
    [23] بحار الانوار، ج53، ص176.
    [24]سورہ عنڪبوت، آيت45.
    [25]مجمع البيان، ج19، ص65.
    [26]ساڳيو:
    [27]سورہ ھود، آيت114.
    [28] سنن ابن ماجہ، ج1، ص447.
    [29] تفسير اھل بيت، ج6، ص804. تھذيب الاحڪام، ج2، ص122. ۽ وسايل الشيعه، ج2، ص122.
    [30] تفسير منھاج الصادقين، ج4، ص462.
    [31] سورہ بقرہ، آيت153.
    [32] مجمع البيان، ج1، ص217.
    [33] تفسير نمونہ، ج1، ص219.
    [34] تفسير اھلبيت، ج9، ص320. بحار الانوار، ج88، ص383. ۽ مستدرڪ الوسايل، ج6، ص395.
    [35] سورہ انفال، آيت3 ۽ 4.
    [36] بحار الانوار، ج82، ص208.
    [37] فروع ڪافي، ج3، ص479.
    [38] ڪافي، ج3، ص269. ۽ ثواب الاعمال، ص494.
    [39] عيون الاخبار الرضا، ج2، ص14.
    [40] وسائل الشيعہ، ج3، ص7.
    [41] سورہ ڪوثر، آيت1، 2 ۽ 3.
    [42] سورہ علق، آيت19.
    [43] مجمع البيان، ج1، ص101.
    [44] ثواب الاعمال و عقاب الاعمال، ص63.
    [45] بحار الانوار، ج75، ص183.
    [46] الخصال، ج2، ص522.
    [47] الڪافي، ج3، ص270.
    [48] سورہ بقرہ، آيت3.
    [49] سورہ اعلي، آيت14 ۽ 15.
    [50] انظر صحيح الترغيب و الترھيب، ص418 ۽ نماز جماعت جا چاليھ فائدا، ص25.
    [51] مقالو، آثار و برڪات نماز.
    [52] لئالي الاخبار، ج4، ص1.
    [53] بحار الانوار، ج6، ص244.
    [54] وسايل الشيعہ، ج5، ص372.
    [55] مستدرڪ الوسائل، ج3، ص88.
    [56] ڪافي، ج2، [باب الصبر]، ص90_ ج3، [باب المسله في القبر....]، ص240.
    [57] مقالو، آثار و برڪات نماز.
    [58] نھج البلاغه، نامو27. ھن کي نقل ڪيو ويو آھي نماز جا راز ڪتاب مان، جنھن جو مصنف آيت الله جواد آملي آھي، ص18.
    [59] ڪافي، ج3، ص268. ھن کي نقل ڪيو ويو آھي نماز جا راز ڪتاب مان، جنھن جو مصنف آيت الله جواد آملي آھي، ص16.
    [60] بحار الانوار، ج84، ص152. ۽ ثواب الاعمال، ص41.
    [61] مستدرڪ سفيہ البحار، ج3، ص147.
    [62] ڪنز العمال، ج7، ح19036.
    [63] سورہ بقرہ، آيت177.
    [64] مستدرڪ الوسايل، ج1، ص488.
    [65] نهج الفصاحہ، ح1588. آٽار و برڪات نماز، ص33.
    [66] سورہ رعد، آيت22.
    [67] ٽواب الاعمال، ص291.
    [68] مستدرڪ الوسائل، ج2، ص447.
    [69] مقالو، آثار و برڪات نماز.ا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو