بڪيرا شريف جي نامور علمي ادبي شخصيت حڪيم گل محمد آزاد صوفي مرحوم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    [​IMG]
    بڪيرا شريف جي نامور علمي ادبي شخصيت
    حڪيم گل محمد آزاد صوفي مرحوم
    تحرير : عبدالله جروار

    بڪيرا شريف ٽنڊي الهيار ضلع جي قديم شهرن مان هڪ آهي. هن شهر جي پنهنجي انفراديت آهي. جنهن هن شهر جي حيثيت کي وڌيڪ نمايان ڪيو آهي. پهرين ڳالھ اها آهي ته هن شهر جو اصلوڪو علائقو عام زميني سطح کان 15 کان 20 فوٽ مٿي دڙي تي آهي. جنهن ۾ پراڻي بازار ۽ مختلف پاڙا ۽ برادريون آباد هيون . ان دڙي جنهن تي شهر قائم آهي ٿيڻ جو سبب ڪهڙو هو.؟ ان بابت تاريخ خاموش آهي. وڏڙن کان روايتون ٻڌندا اچون ته ڪنهن زماني ۾ هتان درياء وهندو هو. جنهن جي اچڻ جو رخ اتر اولھ کان نصرپور شهر ڀرسان لنگهي هن شهر بڪيرا شريف کان ڪنڊائتو موڙ ڪري ڏکڻ طرف ڏانهن وهندو هو. هتي موجود ڪنڊ تي واري گڏ ٿيڻ سبب دڙو ٺهي ويو. جنهن تي شروعاتي دور ۾ مختصر آبادي جو ڳوٺ هو . جيڪو هاڻ وڏي شهر جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. شروعاتي ذاتيون جن ڪو ذڪر انگريز حڪومت جي عملدارن پنهنجي شروعاتي 20 ساله گزيٽ ۾ به ڪيو آهي. جنهن ۾ هن شهر جي آبادي 800 کان مٿي ڄاڻائي وئي آهي. هتي موجود ذاتين ۾ بڪيرا، سيد، ميمڻ، خاصخيلي، شيدي وغيره ڄاڻايا آهن. هن شهر جي ٻي سڃاڻپ شهر ۾ قائم بزرگن جو درگاهون آهن. جنهن ۾ مشهور درگاهن ۾ نالي وارا بزرگ مدفون آهن. جن ۾ قلندر قائم الدين قريشي، پير فاضل شاھ، پير امام بخش شاه پالڪي وارو، پير ولايت شاھ قريشي. باقي به ڪافي بزرگ آهن. انهن جو تذڪرو ڪنهن الڳ مضمون ۾ ڪبو.
    منهنجو اڄ جو موضوع هن شهر جي علم، ادب، درس و تدريس، صحافت توڙي حڪمت سان لاڳاپيل شخصيت جنهن جو ذڪر اڪثر ڪري ڪچهرين ۾ هر اهل علم ڪندو رهندو آهي. اهو سائين گل محمد آزاد صوفي صاحب جن جي شخصيت آهي. . گل محمد آزاد صوفي صاحب جو تعلق هن شهر جي ميمڻ برادري سان هو. فقيري صوفياڻو مزاج رکندڙ گل محمد آزاد صوفي هن ئي شهر ۾ جنم ورتو. فائنل تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن شهر جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيا. بحيثيت استاد ٻارن لاء ڇپر ڇانو رهيا. سندن تعليمي خدمتن جي ڪري سندن شمار اسڪول جي بهترين استادن ۾ ٿيندو رهيو آهي. پاڻ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف جا هيڊ ماستر به رهيا. هي درويش صفت انسان گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هئا. حڪيم، اعلي ا درجي جا اديب، ۽ شاعر هئا. سچا صوفي ۽ تخلص" آزاد" هئن. بڪيرا شريف جي ولي الله قلندر قائم الدين قريشي جا پوئلڳ هئا . ڪپڙا هونئن ئي سادا پائيندو هئا تنهنجي مٿان هڪ گيڙو رنگ جي ڪفني يا چولي ۽ گيڙو رنگ جو پٽڪي پائي هلندا هئا . شيرين گفتار، نياز ۽ نمرتا وارو انسان هئا . ناميارو ليکڪ فضل احمد بچاڻي صاحب لکي ٿو. ههڙي نياز ۽ نمرتا وارو انسان مون ٻيو نه ڏٺو. معصوم ٻارن جهڙي گفتار هئس، رٽائرمينٽ کان پوء شفا خانو پڻ هلايائون.
    سائين گل محمد آزاد صوفي ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو سندن لکيل ڪافي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. جن ۾
    پيران پير دستگير ( شخصيات 1957ع)
    الہ دين ۽ ان جو جادوئي چراغ ( ٻاراڻو ادب 1960ع)
    ام المومنين بيبي خديجه الڪبري ا رضيه الله عنها ( شخصيات 1962 ع
    بيبي عائشه صديقه رضي الله عنها ( شخصيات 1962ع
    امام ابو حنيفہ. رضيه (شخصيات. 1966ع)
    دربار نبوي ﷺ جا فرمان ۽ فيصلا ( سيرت پاڪ نبيﷺ 1964ع)
    ائٽلس جاگرافي ڏيپلو ۽ مٺي ( ڇپائيندڙ آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد)
    جاگرافي تعلقو ميرپور خاص ۽ سامارو ( ڇپائيندڙ آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 1956 ع
    جاگرافي تعلقو ڊگهڙي ۽ جيمس آباد ( ڇپائيندڙ آر ايڇ احمد اينڊ برادرس 1955ع
    نئين اٽلس جاگرافي تعلقو سانگهڙ ۽ کپرو ( ڇپائيندڙ آر ايڇ احمد اينڊ برادرس 1966ع
    شهيد ڪربلا. ( شهادت امام حسين عليه السلام)
    سندن ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن بابت مڪمل ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. سندن گهر ۾ چڱي لائبرري هئي جنهن ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هو پر وقت جي دز ۾ اهو خزانو لٽجي ويو. ان کان علاوه پاڻ هفتيوار اخبار " صوفي گزيٽ" پڻ جاري ڪيائين. جيڪا ڪجھ عرصو هلي پند ٿي ويئي. سندن همعصرن ۾ ناليوارو استاد اديب سائين ولي محمد طاهرزادو ۽ حڪيم محمد عرس صوفي به شامل آهن گل محمد آزاد صوفي مرحوم پنهنجي وقت جو بهترين ليکڪ ۽ صوفياڻا خيال رکندڙ شخصيت هو. پاڻ 1971ع ڌاري وفات ڪيائين. سندن شخصيت علمي ادبي ڪم تحقيق طلب آهي. سندن پونئيرن ۾ هڪ ڏهٽو جمعون ميمڻ هو جيڪو ڪجھ مهينا پهرين ڪنهن اتفاقي حادثي ۾ وفات ڪري ويو آهي. سائين گل محمد آزاد صوفي صاحب جن جي هي تصوير به جمن ميمڻ مرحوم کان ملي هئي.

    روزاني آجيان شڪارپور سنڌ
    تاريخ 01 مئي 2023ع بروز سومر
     
    Akbar Ali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو