لارڊز(مانيٽرنگ ڊيسڪ)آسٽريليا پاڪستان کي 150 رنسن تان شڪست ڏئي ٽيسٽ سيريز ۾ ٻڙي 1 تان فتح حاصل ڪري ورتي آهي، آسٽريليا پنهنجي واري ۾ 440 رنسون ٺاهيون پر پاڪستان جي سموري ٽيم 289 رنسن تي ڍير ٿي وئي، آسٽريليا سان ٻئي ڏينهن جي ميچ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو هو پر سندن بيٽنگ لائن مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي، آسٽريليا جي مارڪس نارٿ 6 پاڪستاني ڪرڪيٽر آئوٽ ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري پاڪستان 13 ڀيرو آسٽريليا کان اها ٽيسٽ ميچ هارائي آهي، پاڪستان 15 سالن ۾ 13 ٽيسٽ ميچ هارائڻ جو نئون عالمي رڪارڊ ٺاهيو آهي، پاڪستان ٽيسٽ ميچ ۾ ڪنهن به تياري سان نه آئي هئي، پاڪستان ٻن نون ڪرڪيٽرن کي کيڏايو هو، جڏهن ته ٽيم ۾ ڪو به سينئر ڪرڪيٽر نه هو،جڏهن ته مارڪس نارٿ کي پهرين ٽيسٽ سيريز ۾ مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستان جي بالرن پهرين اننگ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو پر ٻئي اننگ ۾ بالرن ۽ بيٽسمينن پوري همت هاري پاڪستاني ٽيم راند جي چوٿين ڏينهن چانهه جي وقفي کان اڳ آئوٽ ٿي وئي، سلمان بٽ 92، اظهر علي 42، عمر حميد 33، ڪامرن اڪمل 46، عامر 19 رنسون ٺاهيون، پاڪستاني بيٽسمينن اهڙا شاٽس کيڏيا جيڪي ٽيسٽ ميچ ۾ ناهن کيڏيا ويندا، شاهد آفريدي، عمران فرحت، عامر، ڪامران اڪمل ون ڊي ميچ جيان غلط شاٽ کيڏي آئوٽ ٿيا،مارڪس نارٿ 55 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون، ان کان اڳ 15 ٽيسٽ ميچن ۾ 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو، پاڪستاني بيٽسمينن هڪ اننگ ۾ نان ريگيولر بالر کي 6 وڪيٽون ڏئي ميچ فتح جي ٿالهي ۾ پيش ڪيو، آسٽريليا لارڊز ۾ سوڀ جو جشن ملهايو آهي،پاڪستان جي سلمان بٽ ۽ آسٽريليا جي سائمن ڪيٽچ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي، شاهد آفريدي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو ٽيسٽ ميچ جو جبر برداشت نه ٿو ڪري سگهي، آئون ون ڊي مزاج جو ماڻهو آهيان، ٽيم جي بدترين شڪست تي مايوس آهيان، پي سي بي جي چيئرمين اعجاز بٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي جي رٽائرمينٽ جي فيصلي کان باضابطه طور آگاهه ناهي ڪيو، جڏهن هن آگاهه ڪيو ته ڏٺو ويندو.ظ
جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم سائين نارٿ مين آف دي ميچ نه آهي۔۔ مين آف دي ميچ سائمن ڪيٽچ ۽سلمان بٽ آهن۔۔ سٺي ڪوشش آهي۔۔ اهڙيون خبرون وقت سر ونڊ ڪندا رهو
جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪو ته رڪارڊ بڻيو
جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ادا اهڙا رڪارڊ هاڻي روز ٺهندا.
جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم دوستو هار جيت ته راند جو حصو آهي، ضروري ناهي ته اهڙا رڪارڊ روز ٺهندا رهن۔ اسان جي پنهنجي قومي ٽيم جي همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اسان انهن جي دادرسي نه ڪندا سين ته ٻاهريان ته خوش ٿيڻا ئي آهن ۔
جواب: پاڪستان آسٽريليا کان 13 ڀيرو هارائي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست جو نئون عالمي رڪارڊ قائم سولنگي صاحب انشا الله ان جو بدلو اوهان هن ميچ ۾ ڏسندئو