ناياب پکي اڻ لڀ ٿي ويا

'تعارف' فورم ۾ Zahoor Ahmed Malkani طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2023۔

  1. Zahoor Ahmed Malkani

    Zahoor Ahmed Malkani
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 نومبر 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين سنڌ
    اللّه سائين انسان جي ڀلي لاء لاتعداد ۽ بيشمار نعمتون عطا ڪيون آهن. انهن نعمتن ۾ پکي به شامل آهن پيارا پکي سنسار جي سونهن ۽ امن جو نشان آهن ڪنهن درو ۾ اهي پکي انسانن جون چٺيون پڄائڻ جا ذريعا هئا. ھوئن ته پکي ۽ انسان دوست هئا پر هاڻ انسان پکين جو دشمن ٿي پيو آھي. اڳي انسان پکين جون ٻوليون سمجهندا هئا ۽ هڪ ٻي سان ڳالهائيندا بہ هئا پر هاڻ اهو ساڳي انسان جهرڪي جي چر چر بہ برداش نٿو ڪري انسان وڻ وڍي پکين جا گهر ڊاهي پنهنجا گهر ٺاهي ڇڏيا جهنگلات ختم ڪري وڏيون بلڊگون ٺاهي ڇڏيون باغن مان نڪري موبائيل ۾ مصروف ٿي ويا آھن پر اهي موبائيل بہ پکين جي اڻ لڀ ٿيڻ جا ڪارڻ بہ آهن موبائيل سگنلن جي ڪري پکي پنهنجي گهر جو رستو ڀلجي ويندا آهن ۽ ڀٽڪي ويندا آھن. وڏو آواز ايڪو سائونڊ پکين لاء موت جو سبب بڻجي ٿو هندوئن جي عيد ديوالي ۾ ڦٽاڪن جي ڪري پکي ويچارا آکيرن ۾ مري ويندا آھن سنڌ ۾ پکين جو شڪار بہ جام ٿو ٿئي تنهن ڪري ئي ناياب پکي اسان کان اڻ لڀ ٿي ويا آھن مون هڪ پروفيسر جي ڪالم ۾ پڙهيو هو هن ڪنهن ملڪ ۾ اتي جي پکين ۽ ماڻھون جي جوڙ جي باري ۾ لکيو هو اتي ماڻهون جيڪڏهن هٿ ۾ بسڪيٽ کڻي بيهي تڏهن ڀي اهي پکي بغير ڪنهن ڊپ جي اچي انهن جي هٿ تي ويهي اهو بسڪيٽ کائيندا آهن. ۽ اهو ساڳي ئي پروفيسر پاڪستان ۾ پنهنجي گهر ۾ ڪبوترن لاء کاڌي پيتي جو انتظام ڪندو هو ڌاڻا پاڻي ڏيندو هيو ائين سمجهو اهو پکين جو آستانو ٿي ويو هو. ليڪن هن چيو مونکي اها ڳالھ سمجه ۾ نه آئي ته جڏهن به آئون انهن ڪبوترن جي ويجهو ويندو هئس ته اهي ٽاھ کائي اڏري ويندا هئا ان ڳالھ تي مايوس ٿي پيو تہ آخر ايڏو پيار ڪرڻ باوجود بہ اهي پکي مون مان مطمئن ڇو ناهن ٿي سگهيا ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هڪ فرد جي بدلڻ سان ماحول نه بدلبو آهي ان لاء پوري قوم کي بدلڻو پوندو. جئين انهن پکين جي دل مان اهيو ڊپ نڪري وڃي تہ ڪٿي هي انسان مونکي ماري نه وجهي ۽ پويان آکيري ۾ مهنجا ٻچا رلي نہ وڃن.

    ظھور احمد ملڪاڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو