تورڪي ڳوٺ يا قبرستان ميان ونھيون

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Akbar Ali طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2023۔

  1. Akbar Ali

    Akbar Ali
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2023
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سورنھين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ تي ارغون ۽ ترخان گھراڻي جي حڪومت ھئي جن جا ڪيترائي يادگار سڄي سنڌ۾ موجود ھئا انھن مان گھڻا ماڳ ته زماني جي بي حسي تباھ ڪري ڇڏيا جڏھن ته گھڻا اھڙا به آھن جيڪي پويان پساھ کڻي رھيا آھن اھڙو ئي ھڪڙو ماڳ ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ موجود قديم بستي تورڪي ڳوٺ پڻ آھي ھي ڳوٺ شھر ٽنڊو الهيار کان اٽڪل ارڙهن ڪلوميٽر اڳتي ٽنڊو آدم روڊ تي موجود آهي. چون ٿا ته ھتي قديم دور ۾ ترڪ قوم جا ماڻھو رھندا ھئا جنھن ڪري ھي تورڪي ڳوٺ سڏجڻ لڳو
    ھتي ميان ونھيون جو مقبرو آهي جنھنڪري ھن کي ميان ونھيون جو ڳوٺ يا ميان ونھيون جو قبرستان جي نالي سان پڻ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو
    ھن کي بيگلارن جو ڳوٺ يا بيگلارن جو قبرستان پڻ چيو ويندو رهيو آهي جو ھتي شاھ قاسم بيگلار ۽ سندس خاندان وارن جون قبرون آھن ھتي سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سھري مرزا مغل بيگ جي پڻ قبر آھي جو ھي مرزا مغل بيگ جو اباڻو ڳوٺ پڻ رھيو ھو
    ھن ڳوٺ ٻاھران ھڪ وڏو قلعو پڻ ھو جو ھي ڳوٺ نصرپور لاء ڊفينس جو ڪم ڏيندو ھو ھتي ھن قبرستان ۾ گھڻو ڪجھ اھڙو آھي جيڪو ھن عظيم بستي جي ھڪ شاندار ماضيءَ ۽ ھاڻوڪي زماني جي بيحسي جو ھڪ دردناڪ داستان بيان ڪري رھيو آھي
    جيڪڏهن ھن ماڳ جو تفصيلي جائزو وٺون ته ھتي پھچڻ شرط پھرين جڳه جيڪا ماڻھو جو ڌيان ڇڪائي ٿي اھا آھي ھتان جي تاريخي مسجد ، ھي مسجد ارغون دؤر جي طرز تعمير جي ھڪ شاھڪار ھئي ھي مسجد زماني جي بي ڌياني سبب ھاڻي تباھ ٿي چڪي آھي ھن مسجد جي اڏاوت سرن جي ھئي مٿان ھڪ وڏو گنبذ ٺھيل ھئس جيڪو ھاڻي ڪري چڪو آھي ھن مسجد جي مٿان چن جو ليپو ٿيل ھو چون ٿا ته مسجد اندر عربي ۽ فارسي ۾ عبارتون پڻ لکيل ھيون پر سڀ مٽجي ويون آھن ، مسجد جي ٻاھران اڱڻ پڻ ھو، چون ٿا ته ھتي ميان ونھيون جو مدرسو ھو مسجد جي ٻاھران چوديواري پڻ ھئي جنھن جا ھينئر صرف نشان باقي آھن. مسجد جي ٻاھران ٿورو ئي اگتي ھڪ ڍنڍ جا آثار نظر اچن ٿا جنھن ۾ ھن وقت سم جو پاڻي بيٺل آھي ھي ڍنڍ شايد پراڻي وقت ۾ ساڱري دريا جي پاڻي سان ڀري ويندي ھئي مسجد کان ٿورو ئي اڳتي ميان ونھيون جو مقبرو آهي جيڪو ٽالپر دور جو آھي ھن مقبري جي مٿان اڇي چن جو ليپو ٿيل آھي ميان ونھيون جي تربت اڇي پٿر جي ٺھيل آھي مٿان قرآني آيات اڪريل آھن مزار تي لڳل ڪتبي تي وفات جو سال ھڪ ھزار ھڪ لکيل آھي جيڪو عربي مصرعہ مات في عشق مان نڪري ٿو. ميان ونھيون ذات جو چانيھون ھو ھي بزرگ عربي ء فارسي سان گڏوگڏ ان دؤر جي رائج سنڌي جو به عالم ھو سندن ھڪ بيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھن ريت لکيو آھي ته

    ڏکن سين گھار نيباھو نه سکڙا،. ،،،،
    جھڙي تھڙي حال لنگھي ويندا ڏينھڙا

    ميان ونھيون جي مزار جي ٻاھران پيلي پٿر جو ٺھيل ڪجھ تربتون نظر آيون جيڪي ميان ونھيون جي خاص خليفن جون معلوم ٿين ٿيون

    ميان ونھيون جي مقبري کان ٿورو ئي اڳتي درويش ٻڍو درس جو ننڍڙو مقبرو آھي ھي درويش ميان ونھيون جو ھمعصر ھو ميان ٻڍي درس جي مزار سنھڙين سرن سان جي گول نموني جي ٺھيل آھي تربت تي ڪو به ڪتبو لڳل نه ھو جنھن مان سندس وفات جو سال معلوم ٿي سگھي

    ميان ٻڍي درس جي مزار کان ٿورو ئي اڳتي سيد اسماعيل شاهه بخاري جي مزار آھي سيد اسماعيل شاهه بخاري متقي پرهيزگار ۽ وقت جا جيد عالم ھئا اصل مٽياريءَ جا رهواسي ھئا ميان ونھيون جي محبت ۾ ھتي آيا ھئا ۽ ميان ونھيون جي وفات کانپوءِ جلد ئي ھن سيد جي بہ وفات ٿي، مزار تي ڪوبه ڪتبو لڳل نه ھو جنھن مان سندس وفات جو سال معلوم ٿي سگھي.
    بخاري سيد جي مزار کان ڪجھ قدم اڳتي اتر طرف جھاڙين ء کٻڙن ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستو وٺي جڏھن اڳتي وڌبو تہ سامھون سيد قاسم بيگلار جي قبر نظر اچي ٿي ، ھي قبر پيلي پٿر جي ٺھيل آھي مٿان قرآني آيات اڪريل آھن
    سيد قاسم بيگلار جي والد جو نالو ابوڪہ بيگ ھو ھي سيد ، شاھ حسن ارغون جي دور ۾ سمرقند مان لڏي سنڌ جي طرف آيو، ارغونن سان سندس پراڻي تعلق ڪري مرزا شاھ حسن ارغون کيس خاص اميرن ۾ داخل ڪيو ۽ جھيجو پرڳڻو کيس جاگير ۾ ڏنو. سيد قاسم بيگلار ھمايون بادشاه سان جنگ دوران مارجي ويو، سندس جسم کي ھتي ھن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    ھي تربت ارغون دؤر جو نادر نمونو آهي قبر تي
    خوبصورت نقاشي سان گڏوگڏ قرآني آيات اڪريل آھن
    تربت تي لڳل ڪتبن جي تاريخن ۾ اختلاف آھي ھڪڙي پاسي کان لڳل ڪتبي تي وفات جو سال ھڪ ھزار پنجاھ ھجري لکيل جڏھن ته ٻي پاسي لڳل ڪتبي تي وفات جو سال نو سؤ چوونجاھ ھجري لکيل آهي
    .
    شاھ قاسم جي قبر جي پاسي ۾ ئي ھڪ ٻي قبر پڻ ھئي جنھن جو ڪتبو ڊٺل ھو خبر نه پئجي سگهي ته ڪنھن جي آھي پاسي ۾ ھڪڙي ننڍڙي قبر پڻ ھئي جيڪا لڳ ڀڳ ھڪ فٽ جي آھي جنھن جي مٿان به ڪجھ لکيل آھي جيڪو پڙھڻ ۾ نه آيو
    مقامي ماڻھن مطابق ھتي لڳ ڀڳ اٺ قبرون ھيون جيڪي ننڍن ٻارن جون ھيون پر اسانکي صرف ھڪ ملي سگھي

    ھتي مختلف جڳهين جو معائنو ڪندي کٻڙن ۽ ڪنڊن وچان پنھنجو رستو ٺاھيندي جڏھن اڳتي وڌياسين ته سامھون ٻہ ٽڪر ٿيل انتھائي رحم جوڳي حالت ۾ ھڪ تربت نظر آئي ھي تربت سنڌ جي مشھور صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سھري مرزا مغل بيگ جي ھئي. مرزا مغل بيگ جي والد جو نالو مرزا جان بيگ مغل ھو اصل ھن ئي تورڪي ڳوٺ جو رھواسي ھو پوء ڪنھن سبب ڪري ھتان لڏي وڃي ڪوٽڙي مغل ۾ ويٺو جتي ھڪ دفعي دل قوم جي ماڻھن ڦرلٽ جي غرض سان حملو ڪيو ۽ ان حملي ۾ مرزا مغل بيگ مارجي ويو ھي تورڪي ڳوٺ جو قبرستان سندس اباڻو قبرستان ھو جنھن ڪري کيس ھتي دفنايو ويو مرزا مغل بيگ جي قبر انھي ساڳئي طرز جي زرد رنگ جي پٿر جي ٺھيل آھي جيئن اتي ٻين ارغونن جون قبرون آھن تربت تي خوبصورت خطاطي ٿيل آھي تربت جي ھڪڙي پاسي خطاط جو نالو حبيب الله تته واضح لکيل آهي ۽ قبر جي سيرانديءَ طرف کان ڪلمه طيبه جڏھن ته پيراندي کان تاريخي ڪتبو ھو جيڪو الڳ ٿي پاسي تي ڪريل نظر آيو ڪتبي تي سندس وفات جو سال يارنهن سؤ چوويھ ھجري لکيل ھو
    مرزا مغل بيگ جي تربت کان ٿورو اڳتي ھڪ دڙي تي بيگلار خاندان جون تربتون ھيون ھي قبرون فن تعمير جون نادر نمونو آھن پاسن کان شايد ھڪ وڏي ڀت ھئي جيڪا ڪري چڪي آھي ھتي چار تربتون ھيون
    پھرين تربت ابوالقاسم خان زمان جي ھئي خان زمان سيد قاسم بيگلار جو فرزند ھو سندس والد جي قتل کانپوءِ شاھ حسن ارغون کيس پنھنجي سنڀال ھيٺ رکيو
    ڪاڇي جو ڳوٺ جاگير ۾ ڏنو ڪتاب بيگلار نامو جي مطالعي سان خبر پوي ٿي ته خان زمان وڏو بھادر ، جنگو ھئڻ سان گڏوگڏ شاعري ۾ به ملڪو رکندڙ ھو ڪتاب بيگلارنامي ۾ سندس ڪيترائي ڪارناما بيان ٿيل آھن خان زمان ترخاني دور جي خاص اميرن ۾ شامل ھو مرزا محمد باقي خان زمان کي نصرپور جو علائقو جاگير ۾ ڏنو جو کائنس پوءِ سندس پٽ ۽ پوٽن جي قبضي هيٺ رھيو خان زمان جي قبر تي ڪتبي تي سندس وفات جو سال ھڪ ھزار اڻويھ ھجري لکيل آھي
    خان زمان جي پھلو م ئي سندس وڏي فرزند مير ابوالقاسم سلطان جي قبر ساڳئي نموني جي ٺھيل آھي قبر تي لڳل
    ڪتبي تي وفات جو سال ھڪ ھزار اڻيتاليھ ھجري لکيل آهي مير ابوالقاسم سلطان به بھادر فن سپاھ گيري جو ماھر ھئڻ سان گڏوگڏ سٺو شاعر پڻ ھو سندس تخلص بيگلار ھو مرزا غازي بيگ جي حڪومت جي زماني ۾ مرزا غازي بيگ جا سندس اميرن سان اختلاف ٿي پيا ابوالقاسم سلطان به انھن اميرن مان ھڪ ھو اھي اختلاف ايتري حد تائين وڌي ويا جو نوبت جنگ جي اچي پھتي شاھ ڳڙھ جي قلعي وٽ خان زمان جي وچ ۾ پوڻ ڪري مرزا غازي بيگ ۽ ابوالقاسم سلطان جو قرآن پاڪ تي صلح ٿيو ان صلح کانپوءِ مرزا غازي بيگ ھڪ دفعي ابوالقاسم سلطان کي ڌوڪي سان گھرائي انڌو ڪري قيد ڪري ڇڏيو
    دوران قيد ھڪ دفعي پنھنجي ڀيڻ جي مدد سان ڀڄڻ جي به ڪوشش ڪيائين پر پڪڙجي پيو ان واقعي کان ڪجھ عرصي کانپوءِ امير خسرو ارغون جي سفارش تي آزاد ٿيو ۽ شاھ ڳڙھ واري قلعي ۾ ابوالقاسم گمناميءَ واري زندگي گذارڻ لڳو چون ٿا ته ھن پنھنجا آخري ايام عبادت ڪندي گذاريا
    خان زمان ۽ ابوالقاسم سلطان جي مزارن جي پيراندي کان ٻه تربتون ساڳي طرح جون ٺھيل آھن جن مان ھڪ مرزا شيربيگ جي آھي مرزا شير بيگ جي والد جو نالو مرزا عليشير بيگ ھو ھي خان زمان جو ناٺي ھو ھڪڙي انتقامي ڪارروائي ۾ قتل ٿيو قبر تي لڳل ڪتبي تي سندس قتل جو سال ھڪ ھزار ٽيھ ھجري لکيل آھي مرزا شير بيگ جي قبر جي پاسي ۾ ھڪ ٻي قبر آھي جنھن جو ڪتبو ڊٺل آھي جنھنڪري سڃاڻپ نه ٿي سگھي ته ھي قبر ڪنھن جي آھي ھن قبر تي به خوبصورت خطاطي ٿيل آهي مٿانھين ٿلھي تي ھنن چئن قبرن کان ٿورو ئي اڳتي ٻه ٻيون قبرون نظر اچن تيون جن مان ھڪ لاھوري سيد جي قبر آھي ھن قبر جو طرز ٻين قبرن کان ڪجھ مختلف نظر آيو قبر تي قرآني آيات اڪريل آھن سيراندي کان ڪتبو لڳل ھو ڪتبي جي عبارت ڊٺل آھي جنھن ڪري سيد صاحب جو نالو پڙھڻ ۾ نٿو اچي ھتي بغير ڪتبي جي ڪجھ ٻيون تربتون پڻ موجود آهن
    ھتي ھنن تربتن جي پاسن کان ھڪ قديم مناري جا آثار ملن ٿا ھي منارو خان زمان پنھنجي گھوڙي جي قبر مٿان تعمير ڪرايو ھو
    چون ٿا ته خان زمان جو ھڪ گھوڙو ھو ، ھن گھوڙي جو نالو مرگھ ھو. خان زمان کي ھن گھوڙي سان گھڻو چاھ ھو پوءِ جڏھن ھي گھوڙو نانگ جي ڪکڻ جي ڪري مري ويو ته خان زمان ھن کي کڻائي اچي ھن قبرستان ۾ دفن ڪرايو ۽ مٿان ھڪ وڏو منارو تعمير ڪرايائين جنھن کي مرگھ منارو سڏيندا آهن مقامي ماڻھن مطابق ھي منارو پراڻي وقت ۾ پري پري تائين ڏسي سگھبو ھو پر ھن مناري جا ھاڻي صرف آثار باقي وڃي بچيا آهن مٿان چڙھي مشاھدو ڪرڻ سان سرن جا ٽڪرا ٽڙيل پکڙيل نظر اچن ٿا مقامي ماڻھن مطابق آثار قديمہ وارن ھن مناري جي کوٽائي پڻ ڪرائي ھئي ۽ ھتان نڪتل سامان ميوزيم جي لاء کڻائي ويا ھئا .

    مرگھ مناري جي ٻي پاسي کان ئي پوري طرح جھاڙين ۽ ڪنڊن ۾ ڍڪيل ڪجھ تربتون نظر اچن ٿيون ھنن تربتن تائين پھچي معائنو ڪرڻ ڪنھن ايڊوينچر کان گھٽ نه ھو وڏي مشڪل سان جھاڙين ۽ ڪنڊن کي ھٽائي اندر داخل ٿي سگھياسين
    ھتي جن تربتن جو معائنو ڪري سگھياسين انھن تربتن مان ھڪ تربت مرزا مغل بيگ جي ڀاء امير سلطان بيگ ولد مرزا جان بيگ جي ھئي قبر تي لڳل ڪتبي جي عبارت مٽجي چڪي آھي پر ٻين تربتن جيان ھن تربت تي خوبصورت خطاطي ٿيل ھئي سيراندي کان ھوالڪريم لکيل نظرآيو جڏھن ته پيراندي کان تاريخي ڪتبو لڳل ھو ھتي ٻي تربت پڻ نظر اچي ٿي جيڪا سلطان مقيم جي نياڻي رفس بيگم جي آھي سلطان مقيم بيگلار ، خان زمان جو فرزند ھو بيگلارنامي مطابق
    سلطان مقيم خوش طبع بردبار ۽ ھمدرد انسان ھو سندس قبر جي ڳولا ڪئي سين پر پتو نه پئجي سگهيو شايد ھن شھر خموشان جي تباھ حالي ۾ ڪٿي گم ٿي يا مسمار ٿي چڪي آھي پر سندس نياڻي رفس بيگم جي تربت ھن تورڪي ڳوٺ جي قبرستان ۾ سالم حالت ۾ موجود آهي ھي تربت به بيگلارن جي ٻين تربتن جيان ساڳئي طرز جي آھي تربت تي لڳل ڪتبي مطابق رفس بيگم جي وفات سورنھن سالن جي ڄمار ۾ ھڪ ھزار سترنهن ھجري ۾ ٿي
    تورڪي ڳوٺ جي قبرستان۾ ڪنھن بہ عورت جي تربت تي ڪو ڪتبو لڳل نه آھي سواءِ ھن سلطان مقيم جي نياڻي جي تربت تي ھن تربت جي پاسي ۾ ئي ڪنڊن ۾ پوري طرح ڍڪيل ھڪ ٻي تربت نظر اچي ٿي جنھن جي ڪتبي تي امير شڪر بيگ ابن سلطان قاسم لکيل آھي ڪتبي تي وفات جو سال لکيل نه ھو
    ھتي ھنن ٽن تربتن کان علاوه به شايد ڪجھ ٻيون تربتون ھونديون پر ڪنڊن جھاڙين ۽ کٻڙن جي ڪري نظر نه اچي سگھيون
    ميان ونھيون جي مزار کان ٿورو ئي اڳتي ھڪ چبوترو نظر اچي ٿو جيڪو تباھ حال آھي ان چبوتري جي ڇت ڪري چڪي آھي جڏھن ته ان جو ھڪ پاسو پڻ تباھ ٿي چڪو آھي ان چبوتري۾ پيلي پٿر جو چار قبرون آھن انھن قبرن تي ڪوبه ڪتبو لڳل ناھي جو انھن تربتن جي باري ۾ پتو لڳائي سگهجي چبوتري جي ٻاھران ھڪ وڏي ڀت جا آثار آهن جنھن جون سرون آسي پاسي ۾ ٽڙيل پکڙيل نظر اچن ٿيون.
    ساڱري درياه جي ڪناري آباد ھي تورڪي ڳوٺ پنھنجو پراڻو اوج وڃائي چڪو آهي پر
    اٺن ڏھن ايڪڙن تي مشتمل ھي شھر خموشان پنھنجي اندر ھڪ وڏي تاريخ سمائي رکي ٿو ھن جي اندر موجود ڪافي سارا اھڙا تاريخي آثار موجود ھئا جيڪي پوري طرح مسمار ٿي چڪا آھن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو