ڌرتيءَ جي خوشبوءِ جهڙو ڪتاب، سنيهو سڄڻ جو، سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2023۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌرتيءَ جي خوشبو جهڙو ڪتاب
    "سنيهو سڄڻ جو "سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جئن،
    اسان سڄڻ تئن، رهيو آهي روح ۾.
    ( شاھ ڪريم )
    سڄڻ قبولائي جي ڪلام ۾ انيڪ خوبيون آهن، ماضي ۽ حال جو ترجمان شاعر آهي. اهڙا شاعر ڌرتيءَ جي گهڻين دل تي راڄ ڪندا آهن ڇو جو جنهن شاعريءَ ۾ باريڪ نڪتا موجود هجن، ان ڪلام ۾ فن، فڪر، جدت ۽ انفراديت ڪمال درجي جي هوندي آهي. هن ڪتاب مان هر وقت ڌرتيءَ جي خوشبو ئي ايندي اهو ان لاءِ ته ڪتاب ۾ گل ئي ڪجھ اهڙا آهن مثال طور : حمديه ڪلام، نعتيه ڪلام، شان مولي' علي عليه السلام، شان آل رسول ﷺ، شان ولايت، ڪافيون، غزل، متفرقه ڪلام، منظوم ڀيٽا ۽ سڄڻ قبولائي اديبن جي نظر ۾ منفرد گل پيش ڪيا آهن. دل جو خلوص سڄڻ قبولائي جي شاعريءَ ۾ لطيف سرڪار جي هنن سٽن وانگر موجود آهي.
    هوت نه ڏٺائون، ڏوھ نه ڏيان جيڏيون،
    مون جيئن رنائون، مٿي ڪري هٿڙا.
    ان لاءِ ته ڪتاب جي مهاڳ ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا لکي ٿو ته :" اِئين مجازي ۽ عارفانا ڪافين سان گڏوگڏ تغزل به خوب خوب ڀري ڏيکاريو اٿن، جن کي پڙهي انهن تي ڪافي صنف جو به گُمان ٿئي ٿو."
    لفظن جو رقص دلين کي قومي رنگ جي محفل ۾ جمال ۽ جلوا پسائي ٿو. جيئن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو ته :
    جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
    مرن پيون مارويون، قابو آهن ڪوٽ،
    اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
    سڄڻ قبولائي جي روح جي آسودگي وري ڪجھ هن ريت آهي.
    سڄڻ سنڌي زبان سيد جي قائم آ قبولائي،
    ڀٽائيءَ جي ڀلاين ساڻ سائي سنڌ ساري آ.
    هر صنف ۾ پنهنجو پنهنجو رنگ ۽ مزاج موجود رهي ٿو. اهو مزاج ڌرتيءَ لاءِ هجي يا مذهبي پر ان ۾ احساس عوامي ئي محسوس ٿيندا آهن. سڄڻ قبولائي جون مبارڪ سٽون آهن ته :
    آ سوني جُوءِ جانب جي، مگر پارس مدينو آ،
    ملن جت بي سهارن کي، سڄڻ جلدي سھارا ٿا.
    نه پيدا ٿيو نه ڪو ٿيندو محمد مصطفي جهڙو،
    نه آ معشوق مدنيءَ جان، نه ڪو عاشق خدا جهڙو.
    اڳ ۾ به اهو عرض رکيو اٿم ڏات جي ڏيھ ۾ رنگ ۽ مزاج جو شاعريءَ ۾ موضوع الڳ ٿي سگهن ٿا پر مرڪزي خيال پاڻ ئي سامهون اچي نروار ٿيندو آهي. جيئن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون آهن ته :
    واسينگن جي واٽ، آهي سفر سچ جو،
    ڪٿي ٿيا ڪاٽ، هلندي حبيبن ڏي.
    ڪتاب "سنيهو سڄڻ جو" قادر الڪلام شاعر، تعليمي ماهر ۽ استاد سڄڻ علي، "سڄڻ قبولاڻي جو ڪلام سندن فرزندن خاور قبولائي ۽ ساگر قبولائي سهيڙي رومي ڪتاب گهر، حيدرآباد 2022ع تي شايع ڪيو آهي. 248 صفحن تي مشتمل ڪتاب جو انتساب سهيڙيندڙن جي خاندان جي فردن جي نالي ٿيل آهي. شاعر جي پڪار، هجت ۽ دلداريءَ واري ٻولي گهڻن صحنن کي آسودگي جو شرف بخشي ٿي.سڄڻ قبولاڻي جي ذهن ۽ دل جي سدا هيٺين ريت آهي.
    اسلام جي سدائين سحر ڪربلا ۾ آ،
    خود پاسبان دين جو شهر ڪربلا ۾ آ.
    حق کي سڃاڻي جو اچي سيد جي در جهڪيو،
    ڀاڳن ڀريو بهشتي سو حُر ڪربلا ۾ آ.
    سڄڻ قبولاڻي جو مختصر تعارف :
    "سڄڻ قبولاڻي تعلقي ڏوڪري جي ننڍڙي ڳوٺ "قبولو سرگاڻيءَ" ۾ پهرين جنوري 1934ع تي ﷲ ڏنو خان سرگاڻيءَ جي ڪکائين گهر ۾ پرھ ڦٽيءَ جو جنم ورتو.سندس امڙ فتح خاتون به وقت جي سگهڙ، سياڻي، پڙهي ڳڙهي عورت هئي تنهنڪري ڳوٺ جي سڀني ٻارن کي سميت پنهنجي پٽ کي به ديني ۽ دنوي تعليم ڏيندي هئي. سڄڻ قبولاڻي جو اصل نالو به سڄڻ علي سرگاڻي ئي هو. 1948ع تي چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي جتوئيءَ ۾ بطور استاد مقرر ٿيو. سڄڻ قبولاڻي، دادن فقير جي شاعريءَ کان متاثر ٿي 1949ع کان شعر وسخن جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو. سڄڻ قبولاڻي نه رڳو هڪ شاعر هو پر سٺو نثر نويس به هو. هن ڪهاڻيون، مضمون، مقالا ۽ ڪيترائي ڊراما به لکيا جيڪي ان دور جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا.1984ع ۾ شگر ۽ دل جي مرض سبب تعليم کاتي کي وقت کان اڳ خير آباد چئي، پرائمري استاد جي منصب تان رٽائرمينٽ ورتائين. گهڻو وقت بيمارين سان جهڙيندي سول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ 21 آڪٽوبر 1991ع تي سومر جي ڏينهن اٺونجاھ سال نو مهينا ۽ ويھ ڏينهن طبعي ڄمار ماڻي هن فاني دنيا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سڄڻ قبولائي جي نالي سان، استاد نثار احمد ساگر قبولائي ۽ استاد محمد موسي خاور قبولائيءَ سندس ياد ۾ ڳوٺ ۾ نالي سان منسوب "سڄڻ قبولاڻي ادبي سنگت" ۽ "سڄڻ قبولاڻي ادبي لائبريريءَ جو بنياد رکيو."
    شاعرن وٽ عاجزي ۽ پاڻ پسائڻ جي ريت نرالي آهي. اهڙي وٿ سڄڻ قبولاڻي وٽ به هيٺين ريت آهي.
    جي تون وساري ويٺين، ڏيندس نه مان ميارون،
    طالب ٿي آئون رهندس، ساري ڄمار تنهنجو.

    ڪتاب جي فليپ تي ناليواري شاعر جواد جعفري، خاور قبولائيءَ کي هڪ گلدستي سان تشبيهه ڏني آهي ۽ مبارڪون پڻ ڏنيون آهن.
    فهميده شرف بلوچ لکي ٿي ته :" شاعر حيات ۽ ڪائنات جي بنيادي مسائل کي نئين انداز سان سوچڻ کان پوءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي دنيا تائين پهچائي ٿو. اهڙن شاعرن ۾ سڄڻ قبولائيءَ جو شمار ٿئي ٿو."
    ناصر قاضي پنهنجي راءِ ۾ هن ريت لکي ٿو ته :" ساگر سائينءَ پنهنجي بابا جي شاعريءَ جو هي دستاويز ترتيب ڏيئي سچ پچ پنهنجي بابا جي تربيت ۽سندس زندگيءَ جي پورهئي جو قرض ادا ڪيو آهي. "
    اوريسن سويٽ مارڊن جو ذهني خاڪو ياد ٿو اچي ته :" هي زندگيءَ جو اصول بڻائي ڇڏيو ته توهان جي هٿان جيڪو به ڪم ٿئي سو سٺو ٿئي. ڪم تي توهان جي مهر لڳل هجڻ گهرجي. اهو ئي ڪم توهان جي عظمت جو نشان هوندو. " اهڙا سڀ نشان هن ڪتاب جي گواهي ڏئي رهيا آهن ته منظوم نموني جو ڪم ۽ ڪردار هن ڪتاب جو حصو آهن. ان جو چٽو دليل" در ناياب عرف ياد رفتگان "ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل مخدوم طالب المولي جي ڪتاب تان کنيل آهي.
    ڪتاب جي آخر واري حصي ۾ سڄڻ قبولاڻي کي جن لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، انهن ۾ سنڌ جا استاد شعراءَ ۽ مشهور ليکڪ شامل آهن. احمد خان مدهوش، ﷲ نواز رڪڻائي، ناظم منگي، حڪيم ضياءُ الدين ضياءَ جتوئي، محمد حسن، جانڻ سويائي، شمس الدين دلبر جمالي، اصغر سنڌي، ننگر چنا، خليل عارف سومرو، عادل عباسي، عبدالني اسير چانڊيو، صابر ھيسباڻي، واحد پارس هيسباڻي ۽ ممتاز عباسي شامل آهي. اهو به نيڪ جذبو آهي سڄڻ قبولائيءَ جو جنهن تي اڄوڪو دور به پنهنجي ذميواري نڀائي رهيو آهي. آخر ۾ سڄڻ قبولائيءَ لاءِ سندس ئي سٽون ته :
    عاشق اُڏاڻا، ڏسي شعاع شمع جو،
    سواءِ سي چراغ جي، وتن ويڳاڻا،
    سڄڻ سڌاڻا، پڇي پتنگ پرت سان
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو